Saturday, February 29, 2020

Shumaila Rind Article SIndhi Referred back

This is translation.

نالو: شمائلا رند
رول نمبر: 56                                                     ايم اي پريويئس
 

پاڪستان جي ترقي ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽون

پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي صورتحال ۾ بهتري نه هئڻ سبب تاريخ جي وڏن چئلينجن جو مقابلو ڪندو پيو اچي جڏهن ته سڀ مسئلا ختم ٿي نه سگھيا آهن انهن ۾ اهم مسئلا آهن جهڙوڪ پاڻي جي کوٽ، بااختيار ترقياتي منصوبن جي کوٽ، بيروزگار نوجوان جي گھڻائي، انساني ترقياتي، منصوبن تي ڌيان جي کوٽ، پرڏيهي مٽاسٽا واري ذخيري ۾ مسلسل گھٽتائي، غير ترقياتي خرچن ۾ اضافو، عوامي قرضن ۾ اضافو، قومي دولت جي تقسيم غير برابر، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ اڀرڻندڙ محروميت خاص طور تي اوڀر ۽ اولهه جي پاڙيسرين سان گھاٽا تعلقات نه هئڻ، ننڍن ۽ وچولي ادارن جي خراب حالت (SEMs)؛ ۽ مڪاني ادارن جي سسٽم ۾ اثرائتو نظام نه هجڻ ۽ جيڪا جهموريت لاءِ بنيادي تصور سمجهجي ٿي.
ملڪ کي منهن ڏيڻ واران اهم مسئلن مان پاڻي جي کوٽ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي، آمريڪي يونيورسٽي جي تحقيق مطابق پاڪستان دنيا جي انهن ڏهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪي پاڻي جي بحران سبب تمام گھڻا متاثر آهن ۽ انهي پاڻي جي بحران کي هٿي ڏيڻ آسان نه ٿيندو، انهي لاءِ ضروري آهي ته ڪالا باغ ڊيم، ڀاشا ڊيم تي جلد ڪم مڪمل ٿيڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي وڃي، ماهرن جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڊيمن جي گھٽتائي سبب پاڻي جو 40 ملين ايڪڙ فٽ ۾(MAF) سمنڊ ۾ رُڌل آهي. ڪالاباغ ڊيم کي 6.4 ميگا پاڻي رکڻ جي صلاحيت آهي، ديامير ۽ ڀاشا ڊيم 5.8 ميگا واٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگھي ٿو، ساڳئي طرح داسو ڊيم 6 ميگا واٽ جو پاڻي محفوظ ڪري سگھي ٿو. جيڪڏهن اهي ٽئي ڊيم مڪمل ٿي ويا آهن ته پوءِ پاڻي جي کوٽ کان بچي سگھجي ٿو ۽ مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ گھٽ ٿيڻ ۾ مدد پڻ ٿي سگھي ٿي. جيڪڏهن ڊيمن جي تعمير نه ڪئي وئي ته ايندڙ مستقبل ۾ پاڪستان ۾ پيئڻ جي  پاڻي جو به بحران رهندو ۽ ان جي سبب زراعت پڻ تباهه ٿي ويندي. پاڪستان ۾ زراعت ۽ ٻين صنعتن جو پاڻ ۾ گھاٽو تعلقات آهي، جهڙوڪ، ڪپڙي جي صنعت، پاڻي جي کوٽ جي سبب زراعت سان گڏ ڪوبه لاڀ نه ڏئي سگهندي. زرعي شعبي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي پڻ متاثر ٿئي ٿي، جئين ته ڀاڻ ۽ ٻج تي مناسب معاون قيمت يا سبسڊي معيا نه ڪئي وئي ته به زراعت متاثر ٿيندي ٻيو اهم مسئلو هوائي آلودگي آهي ملڪ جي موسمي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ترين ٿيندي پئي وڃي جنهن کي گھٽائڻ لاءِ وڻ پوکڻا پوندا، ٻوٽ ۽ سوڪهڙي جي شدت وڌڻ سبب زراعت جي پيداوار ۾ گھٽتائي ٿي رهي آهي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ سبب لوڊشيڊنگ جو بحران به وڌيڪ سنجيده ٿيندو، جيڪڏهن لوڊشيڊنگ جي بحران کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻو آهي ته ڊيمن ۾ پاڻي جو ذخيرو ڪرڻو پوندو.
جئين ته اسان جي ملڪ جون ٽرانسميشن لائنون ٻاهر نڪتل آهن جيڪي پوري طاقت سان پڻ خطري جو سبب بڻجي رهيون آهن، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بروقت عمل جي ضرورت هوندي آهي. ته جئين وڌندڙ آبادي جي گھرجن کي پورو ڪري سگھجي، اڄ تائين جيڪو به منصوبو لوڊشينگ کي گھٽائڻ لاءِ عمل ۾ آندو ويو آهي اهو پڻ مڪمل نه ٿي سگھيو آهي. جيتوڻيڪ اسين وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ ڪي قابل هئاسين پر ٽرانسميشن سسٽم جي صلاحيت جي کوٽ هئڻ سبب لوڊشيڊنگ اڃا به گھٽ ٿي سگهندي جيستائين ڊيمن ۾ مناسب پاڻي جو ذخيرو جمع نه ڪيو وڃي.

Masab Article - Sindhi Revised

Revised

ننڍي شادي جا منفي اثر

Masab
M.A/MMC/2K20
Roll no: 30
پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان پاران سينيٽ ۾ ، ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ تي پابندي وارو بل پيش ڪيو ويو . ان بل
جو متن هي هو ته گهٽ ۾ گهٽ شادي جي قانوني عمر 18 سال رکي وڃي ۽ ان کان ننڍي عمر جي شادين تي پابندي هجي ۽
قانون تي عمل نه ڪندڙن تي ڪ ڏنڊ ۽ سزا لاڳو هجي. تفصيل ٻڌائيندي شيري رحمان چيو ته ، اقوام متحده جي چلڊرين فنڊ
جي تحقيق موجب پاڪستان ۾ 21 سيڪڙو شاديون 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ ٿين ٿيون. هن ٻڌايو ته ٻين اسلامي ملڪن
جهڙوڪ متحده عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪي ۽ اومان ۾ به شادي جي عمر ارڙهن سال آهي. ان کان اڳ 2014 ۾ سنڌ
اسيمبلي مان اهو بل منظور ٿي چڪو آهي ۽ ڪجھ جاين تي ان جو عمل به ڏسڻ ۾ آيو آهي . سينيٽ ۾ بل پيش ٿيندي ئي هميشه
وانگر سڀ کان پهرين مذهبي ڌرين جماعت اسلامي ۽ جي يو آء فنڪشنل ان تي اعتراض واري سخت مخالفت ڪئي . ان
کانپوء حڪومتي ڌر تحريڪ انصاف جا ماڻهو به ان مخالفت ۾ شامل ٿي ويا. خير گوڙ شور جي هوندي به اهو بل سينيٽ
مان پاس ٿي ويو ۽ ان جي خلاف ورزي تي ٽي سال قيد ۽ لک جو جرمانو پڻ لڳایو ویو آهي.

خبر ناهي انهن مذهب جي پرچار ڪندڙن جي ذهن ۾ ڪهڙي ڳالھ ٿي اچي ، جو هو ان شيء تي اعتراض ڪن ٿا جيڪا سڀن
جي ڀلي لاء آهي . ننڍي عمر ۾ شادين جو نقصان هڪ ڇوڪري کي ته ٿئي ئي ٿو ، پر سڄي سماج کي ٿئي ٿو . شادي کانپوء
گهر ۽ ٻارن جي ايڏي وڏي ذميواري هڪ عورت تي ئي اچي ٿي ۽ اها عورت اگر ننڍي عمر جي ڇوڪري آهي ته ، ٻالڪپڻ
جي عمر ۾ هو گهر جي سار سنڀال ۽ ٻارن جي سٺي پالنا نٿي ڪري سگهي ، جنهن سان ٻار جي تربيت ۾ ۽ جسماني پرورش
۾ ڪمي رهجي ويندي آهي . نه صرف اهو پر ننڍي عمر جي ڇوڪرين جا ويم دوران موت جا واقع ٿين ٿا ۽ ٻارن جي پڻ
مرڻ جا واقعا سامهون اچن ٿا. ميڊيڪل طور به اهو ثابت ٿيل آهي ته ننڍي عمر جي شادي هر لحاظ سان خطرناڪ آهي .
جنسي عمل کان وٺي ٻار پيدا ٿيڻ تائين ، ننڍي عمر جي شادي سڄي سماج لاء ناسور ۽ هڪ ڇوڪري لاء عذاب مثل آهي .
جڏهن راند کيڏڻ جي عمر ۾ نياڻي کي پرڻايو ويندو ته ان جي نفسيات تي تمام گهڻا منفي اثر پون ٿا. ڇو ته ان کي جڏھن پاڻ
کي ماءُ جي پرورش ۽ تربيت جي ضرورت هجي ٿي ان عمر ۾ هو پاڻ ماءُ بڻجي وڃي ٿي. ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ ٻارن جي موت
جو ڪارڻ ڪجھ قدر ڊاڪٽر اهو به ٿا ٻڌائن ته ، ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي سبب هو صحتمند ٻار کي جنم نٿيون ڏين
۽ ٻار بيمار ڄمڻ سبب موت واقع ٿئي ٿو.

اهي سڀ اوڻايون ۽ نقصان ڄاڻيندي به خبر ناهي اسان جي سماج کي ڪهڙي پِٽ لڳل آهي جو ، هڪ نياڻي کي پرڻائڻ لاء
ارڙھن سالن جي عمر جو به انتظار نٿا ڪري سگهن.
جيتوڻڪ سرڪار به ارڙهن سالن کان اڳ ان کي شناختي ڪارڊ نٿي ڏئي، ان کي ووٽ وجهڻ جو حق حاصل ناهي ، پوء به
والدين کي اهڙي ڪهڙي وٺ پڪڙ هجي ٿي جو هو 12 سالن کان 16 سالن تائين جي عمر ۾ نياڻي جي شادي ڪرائي
ظاهري طور پنهنجو بار لاهي ٿا ڇڏين . پر اهو نٿا سوچين ته سندن ننڍن ٻارڙين تي برداشت کان مٿي بار ڏئي ڪيڏي وڏي نا
انصافي ڪري رهيا آهيون . جيڪو سڌو سنئون هڪ ڏوھ آهي .
پاڪستان ۾ آبادي ۽ گهراڻن جي ڊيموگرافڪ هيلٿ سروي جي چار سال الڳ انگ اکرن موجب 13 سيڪڙو ڇوڪرين جي
شادي 15 سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿي ۽ 40 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي ارڙھن سالن جي ڄمار ۾ ٿي ويندي آهي. ننڍي عمر
جي انهن شادين جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ مائرن جي موت جي شرح هڪ لک ويمن تي 276 ۽ تازي ڄمندڙ ٻارن جي موت

جي شرح هڪ هزار تي 78 ٻارن جا موت واقع ٿين پيا. سنڌ صوبي اندر 72 سيڪڙو ڇوڪريون ويھ سالن جي عمر کي
رسڻ کان اڳ ئي مائرون بڻجي ٿيون وڃن. سنڌ ۾ ويم دوران مائرن جي موت جي شرح لک تي 314 آهي. هڪ ڪاٿي
موجب دنيا ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ 75 لک ڇوڪرين کي والدين کيڏڻ ڪُڏڻ واري عمر ۾ پرڻائي روانو ڪري ڇڏيندا آهن. جن
مان سڀ کان وڏو تعداد هندوستان جو آهي.
گڏيل قومن جي آبادي جي ڀلائي جي سرگرمين واري کاتي (UNFPA) جي اڀياس مطابق ، اڻ مڪمل توليدي نظام رکندڙ
نياڻي جڏھن ويم جي عمل مان گزرندي آهي ته اڪثر فيسٽولا جي روڳ جو شڪار ٿي ويندي آهي . جنهن جي ڪري ان جي
ٻچيداني ، مثاني ۽ وڏي آنڊي کي سخت نقصان رسندو آهي. انهن ننڍين عمر وارين مائرن ۾ وزن جي گهٽتائين ۽ وٽامنز جي
کوٽ پڻ وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿي.

Friday, February 28, 2020

Komal Muhammad Khan MA Article - Sindhi


You had to send in M.S Word


ڪومل محمد خان 
رول نمبر 28 
  
اج جو نوجوان ڇا ٿو سوچي  

اج جي دور ۾ ٽيڪنالاجي ھڪ اھم ڪردار ٿي ادا ڪري ان جا فائدا ۽ نقصان ٻئي آھن گھڙو ڪري ان ٽيڪنالاجي جو استعمال اج جو نوجوان ٿو ڪري اگر ڏسجي ته اج جو نوجوان ھر ڪم ۾ آساني ٿو چاھي.اج جو نوجوان چاھي ٿو ته ھر شئي ان کي آساني سان دستياب ٿي ملي جنھن ۾ گھڙي محنت نه ڪرڙي پوي. 

گھڙو وقت ھو ثيڪنالاجي  جي دنيا ۾ گذاري ٿو حقيقت کان پري گھڙو وقت ھو تفري جي دنيا ۾ گذاري ٿو فلمون ۽ گانا فيسبوڪ انستگرام ھلائي وقت زيان ٿو ڪري اھيو سڀ انھن جي ذھن تي اثرانداز ٿو ڪري ئ ھو پڙھائي ۾ بي دھيان نٿا ڏئي سگھن.  

اج جو نوجوان لاپرواھ آھي ھو خواب ته وڏا ٿو ڏسي ته ھو اڳتي ھلي ڪنھن وڏي پوسٽ تي ويھندو ۽ ملڪ جا حالات بھتر ڪندو پر ھي سڀ ڪرڻ لاء محنت جي ضرورت آھي جيڪو اج جو نوجوان ڪرڻ کان گھبرائي ٿو ۽  جڏھن عملي ميدان تي اچي ٿو نوڪريون ملڻ جو وقت اچي ٿو ھو بيروزگار ٿي نوڪرين جي تلاش ۾ ھٿ ۾ فائلون کڻي گھمي ٿو ته پوء اج جو نوجوان پريشان ٿو ٿئي.پوء ھو سوچي ٿو ته ھو ڪو  ڪاروبار شروع ڪندو پر تجربو نه حجڻ جي وجها سان ھو پنھنجا پيسا ۽  وقت زيان ٿو ڪري ويھي ۽  پوء پريشاني وارين سوچن ۾ پنھنجي طبيت خراب ٿو ڪري ۽  پنھنجي پاڻ کي ۽  حڪومت کي ڪوسي ٿو.  

نوجوان اھي ھوندا آھن جيڪي ملڪ جا خراب حالات تبديل ڪري سگھن ٿا پر اھي ھي پريشاني ۽  ڊپريشن جا شڪار آھن. ٽيڪنالاجي جو فضول استعمال ڪرڻ سان اھي ڊپريشن يعني ذھني مرض جا شڪار ٿا ٿين.اھي ايپليڪشن فيسبوڪ وغيرھ ڏسي ڪري اج جو نوجوان سوچي ٿو ته ٻيا ماڻھون ڪيڏا اڱتي نڪري ويا پر مان ڪجھ نه ڪري سگھيس اھيا ڳالھ ھو نٿو سمجھي ته ھنن سوشل ميڊيا جي ايپس تي ماڻھون سچ گھٽ ۽  ڪوڙ ودھيڪ شئير ڪن ٿا.

ھڪڙي چوڙي آھي ته پنج اڳريون برابر نه ھونديون آھن ته پوء ائين ھي سڀ نوجوان ھڪ جھڙا نه ھوندا سڀني جي سوچ ھڪ جھڙي نه ھوندي ڪئي نوجوان اھڙا بي آھن جيڪي واقعي ڪجھ ٿيڻ چاھن ٿا ۽ ان لاء ڏيھن رات محنت ڪن ٿا پنھنجي خوابن کي حقيقت جي شڪل ڏيڻ لاء. 

ڪئي اھڙا بي نوجوان آھن جيڪي پنھنجيون خاصيتون ضاھر ڪري ھڪ بھترين مستقبل جي سوچ رھکن ٿا پر افسوس جي ڳالھ اھيا آھي ته ھنن نوجوانن کي اسان جي ملڪ ۾ نوڪريون نٿيون ملن انھن جي قابليت جي قدر نه ٿي ٿئي پوء اھڙا نوجوان گورنمينٽ جي نوڪري نه ملڻ سبب يا ته پرائويٽ ادارن ۾ نوڪريون ڪن ٿا گھٽ پگھار تي يا وري مايوس ٿي پرديس ۾ پنھنجي پيارن کان پري نوڪريون ڪن ٿا.

 ھن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اگر اسان چاھيون ته ڇا نٿا ڪري سگھون اگر صحي نموني اسان ھن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪريون. 

اج جو نوجوان جيڪو ھر ڪم ۾ آساني ٿو چاھي,چاھي ٿو ته جلد از جلد ھن کي سڀ ڪجھ حاصل ٿئي بھلي اھا نوڪري ھجي پيسا ھجن ڪاميابي ھجي اھڙا نوجوان پوء پريشان ٿين ٿا جڏھن ھنن کي اھيو سڀ جلدي نٿو ملي ۽ ڊپريسڊ رھن ٿا ۽ ھر وقت الٽيون سدھيون ڳالھيون سوچن ٿا ۽ پوء ڪنھن ڪم ۾ دلچسپي نٿا وٽھن نه تعليم ۾ نه مستقبل صحي ڪرڻ ۾ ۽ سست  ٿي زندگي گذارن ٿا.

اج جو نوجوان جنھن جي ذھن ۾ تمام گھڙيون سوڇون آھن ھر نوجوان جا پنھنجا خواب آھن پنھنجي ھڪ الگ سوچ آھي پر اگر ملائي ڪري ڏسجي ته ھر نوجوان پنھنجي لاء ھڪ بھترين مستقبل ٿو ڇاھي جنھن جي لاء ھر نوجوان کي کپي ته ھو تمام گھڙي محنت ڪري پنھنجي خوابن کي سچ ڪرڻ لاء ۽ ھر شئي کي مناسب وقت ڏئي تفري جي وقت تفري ۽ پڙھائي جي   وقت  پڙھائي ۽  چوندا  آھن ته ڪنھن بي شئي کي اگر ضرورت کان ودھيڪ وقت ڏجي ته بھلي اھا شئي ڪيڏي چنڱي ڇو نه ھجي اھا اسان جي ذھن لاء صحي نه آھي.

اج جو نوجوان صحي سوچ کان ودھيڪ منفي سوچي ٿو ھو منفي سوچن ۾ گھريو پيو ھوندو  آھي اگر ھو چاھي ته پنھنجي سوچ کي صحي رکي ھر مشڪل کي منھ ڏئي سگھي ٿو ۽ صحي سوچ رکي دنيا ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگھي ٿو.

Muhammad Ismail Lanjar MA -37 Article Sindhi


Ok 
ڄامشورو اينڊڙ وقت ۾ وڏو شهر بڻجي ويندو...!
محمد اسماعيل لنجار
2K20/MMC/37
آرٽيڪل سنڌي
ڄامشوري ضلعي جي قيام جو اعلان 13 نومبر 2004ع تي ڪيو ويو هو، سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ڄامشورو کي دادو ضلعي کان ٽوڙي نئون ضلعو بڻايو، ڄامشورو ضلعي جي حدن ۾ آيل شهر ڪوٽڙي، مانجهند، ٿاڻو بولا خان، سيوهڻ، ٿاڻو احمد خان ۽ نوري آباد 1933ع ۾ دادو ضلعو قائم ٿيڻ کان پهرين ڪراچي ضلعي جو حصو هئا، ڄامشورو ضلعو قائم ٿيڻ کانپوءِ ضلعي هيڊڪوارٽر ڪوٽڙي شهر کي بڻايو ويو، 16 سال گذرڻ باوجود ڄامشورو تعلقي جو درجو به ماڻي نه سگهيو، هن وقت ضلعي جي نالي واري شهر ڄامشورو هڪ ٽائون ڪاميٽي ۽ چئن يونين ڪائونسلرن تي مشتمل آهي. ڄامشورو شهر جي آبادي لڳ ڀڳ 2 لک کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته هي شهر 5 کان 6 ڪلو ميٽر هڪ چورس اسڪوائر اندر آهي.
ڄامشورو شهر سنڌ صوباي توڙي پاڪستان جي اهم تعليمي درسگاهن، سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ايند هيلٿ سائنسز (لمس) ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ڪري به مشهور آهي. ان کان سواءِ هتي سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ بوڪ بورڊ جهڙا ادبي ۽ علمي ادارا به موجود آهن، ڄامشوري شهر کان ڪجهه فاصلي تي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو واقع آهي، جتان ملڪ جي اعليٰ سياسي شخصيت ۽ پاڪستان جي اڳوڻي  صدر جناب آصف علي زرداري، سيد جلال محمود شاهه، (اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي) سيد ضياءَ شاهه، دانشور جامي چانڊيو ۽ ٻين تعليم حاصل ڪئي آهي.
ڄامشورو ۾ سنڌ جي وڏين سرداري اسپتالن ۾ شمار ٿيندڙ لمس اسپتال موجود آهي، جتي سنڌ جي مختلف شهرن کان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا. جڏهن ته ڪينسر جي علاج لاءِ قائم نمرا اسپتال ۽ ان کانسواءِ ڪجهه ننڍا وڏا بنيادي صحت مرڪز پڻ موجود آهن. ڄامشورو شهر جي نالي سان جڙيل ڄامشورو ضلعي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ، ايشيا جو وڌڏي ۾ وڏو ۽ پراڻي رني ڪوٽ، دنيا جي اڍائي قلندرن مان هڪ قلندر حضرت عثمان مروندي المعروف حضرت لعل شهباز قلندر رحه، سنڌ پرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد، سيد صدرالدين شاهه لڪياري، سائين سمن سرڪار جي نالي سان مشهور آهي.
ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر مطابق ڄامشورو ضلعي جي آبادي مان 45 سيڪڙو زرعي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو آهن، جڏهن ته 20 سيڪڙو نوڪريون ڪندڙ، 25 سيڪڙو پورهيو ڪندڙ ۽ 10 سيڪڙو ماڻهو ڪاروبار ڪندڙ آهن.
ڄامشورو شهر جو سڀ کان اهم مسئلو ڊرينيجج سسٽم  نه هجڻ آهي، جنهن ڪري شهر جا اڪثر علائقا گٽرن جي گندي پاڻي هيٺ آهن، ڊرينيج نظام نه هجڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي روڊن رستن توڙي گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل نظر اچي ٿو، شهر جو ٻيو اهم مسئلو پاڻي کوٽ آهي، واٽر سپلاءِ اسڪيم پراڻي هجڻ ڪري شهر جي اڪثر علائقن ۾ هن وقت به پاڻي نٿو پهچي، جنهن ڪري اتان جا رهواسي پيئڻ جو پاڻي ٽينڪرن ذريعي پئسان تي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته شهر جو ٽيون اهم مسئلو اوور هيڊ برج پل ٺهڻ کانپوءِ شهرين لاءِ روڊ ۽ يو ٽرن نه ڏيڻ آهي، جنهن ڪري هتان جي شهرين کي روڊ جي ٻئي پاسي تي پهچڻ لاءِ ڊگهو سفر ڪرڻو پوي ٿو يا ٽرئفڪ قانون جي لتاڙ ڪندي ون وي روڊ تي هلڻو پوي ٿو. جنهن ڪري اڪثر طور حادثا پيش ايندا رهن ٿا.
ماضي ۾ ڄامشوري کان سيوهڻ سنگل روڊ هئڻ سبب ڪيترائي حادثا معمول بڻيل هئا، ان حادثن سبب ڪيتريون ئي جانيون پڻ ضايع ٿي چڪيون آهن،
2019-09-13 ۾ ڄامشوري کان سيوهڻ تائين ڊبل روڊ قائم ٿيڻ کانپوءِ حادثن ۾ گهٽتائي آئي آهي، انڊس هاءِ وفاقي حڪومتي اداري موٽر وي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
هتي ضلعي جي لاکڙا واري هنڌ تي ڪوئلي جي کاڻ جو وڏو سلسلو موجود آهي. جيڪو وڏو صنعتي مرڪز بڻيل آهي، ايشيا ۾ ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا ڪندڙ لاکڙا پاور هائوس، ايشيا ۾ هڪ ئي وقت گهڻي کان گهڻي بجلي پيدا ڪرڻ جي سگهه رکندڙ ٿرمل پاور هائوس، سئي گئس ذريعي بجلي پيدا ڪندڙ ڪوٽري ٽربائن پاور هائوس به هتي آهن. جڏهن ته عالمي سطحي جي سيمپل دوا سان ڪمپني سينڊوز، ڪليئرنٽ نوارٽس کان علاوه نوري آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ وڏي انڊسٽريل ايريا موجود آهي، جڏهن ته ڄامشورو ضلعي ۾ دادا بائي، عيسيٰ، انوار زيب وائيٽ سيمينٽ فيڪٽري، لڪي سيمينٽ فيڪٽري ۽ ڪرين مشينن سميت ٻيون اڻ ڳڻيون فيڪٽريون قائم آهن.
مستقبل جي حوالي سان ايندڙ 5 سالن ۾ ڄامشورو شهر وڏو شهر بڻجي ويندو، جنهن ۾ نيون هائوسنگ اسڪيمون، هوٽلون، نوان روڊ رستا ۽ بحريا ٽائون شامل ڪيو ويندو ۽ ڄامشورو شهر ترقي يافته ٿيندو، ان حوالي سان ڄامشوري شهر ۾ نئون موٽر وي جو پراجيڪٽ شروع ڪيو ويوندو، ان موٽر وي جي حوالي سان عوام کي بهترين سهولت فراهم ڪئي ويندي ۽ عوام جي سفر ۾ بهترين حد تائين آساني پيدا ٿيندي، ڄامشورو شهر ۾ ترقياتي ڪم سٺي نموني مڪمل ڪيا ويندا، ڄامشوري شهر توڙي ٻراڙين جي عوام جا بنيادي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، جنهن سان شهري خوشحالي ۽ ترقي ڏانهن وڌاندا. ان حوالي سان ڄامشورو شهر پڻ به وڏي حيثيت جو حامل ٿيندو.

Thursday, February 27, 2020

Abdul Kabeer Article Sindhi -MA - 03 Referred back


Its abt pollution thru industries in rural areas.
 Point not proved
Needs more references and reports
Its short, add atleast 150 words. 
File name is wrong
Also write ur name here in the file 
Mind it, writing pieces carry marks, if u do not take it seriously u will lose marks 
Referred back 

Abdul Kabeer-MA-Roll.03-  
سنڌ ۾ ڪاخانن جي ڪري ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ

اسان جي سنڌ ۾ ڪافي سارا مختلخ ڪاخانا آھن جنن ۾ ساري, ڪڻڪ,ڪپھ ۽ ڪمند جا ڪارخنا پڻ موجود آھن. جڏھن تـ اسان کي خبر آھي اسان جي سنڌ زرعي طور تي مالامال آھي. ۽ بيشڪ اسان جي ملڪ معيشت جو دارومدار بـ انھي تي آھي. پر حتي سنڌ ۾ ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ تمام گھڻو زور وٺي رھي آھي انھي جو سبب اھو آھي تـ ڪارخانن مان نڪردڙ دونھ, مشينن جو گوڙ ۽ ملن مان نڪردڙ خراب پاڻي جو ڇوڙ. جنھن جي ڪري   اسان وٽ ڪافي سارا مسٔلا جنم وٺي رھيا آھن. جانورن کي لڳندڙ بيماريون, پکين کي ۽ زمين اندر رھندڙ جاندارن کي بـ نقصان پھچي رھيو آھي. پر ھتي سنڌ ۾ شگرز ملن جي ڪري ڪافي گدلاڻ پيدا  ٿي رھي آھي ڇو تـ اھي ملون وڏي تعداد ۾ اسان جي آبھوا ۾ تمام گھڻو دونھ پيدا ڪري رھيون آھن جنھن جي ڪري اسان کي ۽ ٻئن  رھندڙ جاندارن کي صاف غذا خڻڻ جي تڪليف ٿي رھي آھي . اھي ملون فقط اسان جي آبھوا کي نقصان نـ پھچاءي رھيون آھن گڏو گڏ زمين جي پاڻي کي بـ نقصان پھچاءي رھيون آھن ۽ واھن, درياھن ۽ سمنڊ جي پاڻي کي بـ نقصان پھچاءي رھيون آھن. جنھن جي ڪري سمنڊ ۾ رھندڙ جاندارن مڇين کي تمام گھڻو نقصان پھچي رھيو آھي. ملن مان خارج ٿيندڙ خراب پاڻي جيڪو  ڪنھن بندوبست جي ذريعي نيڪال  ڪيو وڃي تـ جئن ان مان ڪو نقصان نـ ٿي سگهي. پر ھتي اسان وٽ اھڙو ڪوبـ نيڪال جو  ذريعو نـ آھي جنھن جي ڪري ملن مان نڪرندڙ اھو خراب ۽ گندو پاڻي جيڪو خليل ميدانن تي واھيو پيو وڃي. جنھن مان مختلخ قسمن جون بيماريون جنم وٺي رھيون آھن. ۽ پڻ اھو گندو پاڻي واھن ۾ بـ واھيو پيو وڃي جنھن جي ڪري آباد ٿيندڙ زمينن کي بـ تمام گھڻو نقصان پھچي رھيو آھي. ضلع بدين ۽ ٺٺي ۾ جيڪي شگر ملون آھن اھي ملون جيڪو خراب ۽ گندو پاڻي آھي ان کي سمنڊ جي طرف نيڪال ڪيو پيو وڃي. جنھن جي ڪري اتي جي سمنڊ جي مڇين کي نقصان پھچي رھيو آھي ۽ ان سان گڏو گڏ اتي جيڪي رھندڙ ملاحن کي بـ تمام گھڻيون مشڪلاتون پيدا ٿين پيون. ان سان گڏوگڏ انھن کي مڇيون مارڻ ۾ بـ تڪليفون ٿي رھيون آھن. جڏھن تـ انھن جي گھرن جو چلھو بـ مڇين کي ماري انھن کي مارڪيٽ ۾ وڪڻي ان مان ڪجھ روپيا ڪماءي ان مان ھو پنھنجو چلھو دکاءين ٿا. اھڙي طرح ضلع بدين ۾ بـ ٿي رھيو آھي. بدين ۽ تلھار ۾ جيڪي شگر ملون آھن اھي اتي ھوا, پاڻي ۽ گوڙ جي گدلاڻ پيدا ڪري رھيون آھن. اتي جيڪي ڳوٺ آھن لڳ ڀڳ 500 کان وڌيڪ آھن جيڪي انھي ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري تمام گھڻون متاثر آھن. اگر اسان وٽ انھن شئن جو صحيع طريقي سان منسوبو ٺاھيو وڃي تـ اسان کي انھن مشڪلاتن جو سامنون نـ ڪرڻو پوندو. ۽ اھڙي طرح اگر اسان پنھنجي کليل ميدانن تي وڻن کي عام ڪيو ويندو تـ اسان جي آبھوا کي اھڙو نقصان نـ پھچندو ۽ ان سان گڏوگڏ رھندڙ ٻين جاندارن کي بـ نقصان نـ پھچندو. 
۽ انھن ڪارخانن مان جيڪا نڪرندڙ ڪاربان ڊاء آڪساءيڊ جيڪا آبھواھ ۾ ملي ڪري آڪسيجن کي تمام گھڻو نقصان پھچاءي رھي آھي. جڏھن تـ ھتي اسان وٽ اڳ ۾ ٻيلن جو وجود ختم ڪيو ويو آھي. جن ٻيلن جي وڻن مان اسان کي تمام سٺي آبھوا ملندي ھٔي  ۽ آڪسيجن بـ سٺي ملندي ھٔي. جڏھن تـ شگرز ملن مان ٺھندڙ الڪوھل جنھن جو نڪرندڻ دونھ جنھن مان ايٿانول بـ خارج ٿءي ٿو. انھي ايٿانول جو ھوا ۾ خارج ٿيڻ جي ڪري آڪسيجن تي تمام گھڻو اسر ٿي رھيو آھي. ۽ ٻي سورت ۾ اھي جيڪي ڪارخانا آھن اھي شھرن کي تمام گھڻو لڳ آھن. انھن ڪارخانن ٿيندڙ گج گوڙ جيڪو عوام کي تمام گھڻو پريشان ڪري رھيو آھي جنھن ڪري عام عوام کي تمام گھڻين مشڪلاتن جو سامنون ۔  ڪرڻون پوي ٿو.

Mehran Gabol -Article-MA 33-Sindhi Referred back


What is topic/ headline?
Write ur name in here the file in Sindhi as well as in 
English
Too many spelling and composing mistakes, so t turned un readable
pls have proof read, and correct it. after that comments can be given on contents
 Referred back, refile corrected till Sunday, March 1.

File late

جامشوري ڄام شوروو)، سنڌ جو هڪ تعليمي شهر آهي. جيڪو سنڌو درياء جي اولهه ڪناري تي واقع آهي. ڄامشوري، ملڪ جي وڏي ۾ وڏي رهائشي رهائشي ڪئمپس جو علائقو حيدرآباد نديء جي ساڄي ڪناري تي 18 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، جڏهن ته 1955 ع تائين ٽڪري ٽڪر ڪڍڻ بدران، سنڌ يونيورسٽيء جي ڪيمپسس جي قيام لاء چونڊيو ويو. سائيٽ چونڊيو حيدرآباد شهر جي ٻاهران يونيورسٽي جي شهرت هجڻ جي چونڊ ڪئي وئي جيڪا يونيورسٽي جي وسيع توسيعي پروگرامن کي پورو ڪرڻ جو ڪمرو هو.ڄامشورو، سنڌو ماٿر جي دروازي جو دروازي رستي آهي، هاڻي دنيا جي سڀيتا ۽ اميرانه ثقافتي ثقافتي ورثي لاء مشهور آهي. رينڪوٽ قلعو 40 ڪلوميٽر واقع آهي. اتر کان ڪئومس جي اتر واري هڪ ٽڪريء واري ٽرئفڪ جي تسلسل ۾، جيڪا لاکي رينجرز بڻجي ٿي، اتر اتر ۾ خوريس سان ملن ٿا. آمري، هڪ اهم آرڪيالاجيڪل ماڳ، 15 ڪلوميٽر جي ويجهو آهي. وڌيڪ اتر. سيوهڻ، هڪ مشهور شهر وارو شهر 25 ڪلوميٽر آهي. اتر امري ڏانهن. منچر ڍنڍ جي علائقي جو سڀ کان وڏو تازو پاڻي ڍنڍ، سيوهڻ جي اولهه اولهه طرف واقع آهي. اٽڪل 150 ڪلوميٽر سفر. اتر سنڌوء جي ميدانن جي اتر طرف هڪ موين جو دڙو جي ماڳ تائين پهچندو آهي، جيڪا وادي جي سڀ کان وڌيڪ اهم آثار موجود آهي.
ء ۾ شروع ڪيل ترقياتي پروگرام کي سست رفتار سان ڀريل جيتوڻيڪ سست رفتار سان ها آهن. جيتوڻيڪ ترقي ۾ اڃا تائين، تقريبا 20 درس بندن، هائوس 39 ادارن جي شعبن ۽ مرڪزن تي تعمير ڪيا ويا آهن. شاگردن جي پنجن شاگردن جي تقريبن 1800 شاگردن لاء رهائش پذير آهي. هڪ خوبصورت پيدائي-هائڊ بيڪس جتوئي پوئلينس تعمير ڪيو ويو آهي اهي اندروني راندين جي سهولت، ايٿليٽڪس ۽ راندين جي گرائونڊ لاء. فاطمه جناح جمنازيم خاص طور تي ڇوڪرين لاء راندين ۽ راندين جي سهولت فراهم ڪري ٿي. سنڌ جي ثقافتي اڏاوت جو انسٽيٽيوٽ، سنڌ جي ثقافتي وراثت کي ظاهر ڪندي، هاء وي کان ڪيمپس جي داخلي جو تعارف ڪندو آهي.
شهري تقسيم جو خاصيتون

غريب معيار جو رهائش - ٻاهران تتلين سان، مٿي چڙهڻ، ڪو گرم پاڻي يا مرڪزي حرارتي
غريب عمارتون سار سنڀال - ڪيتريون عمارتون ڇتيون، ڇڪي ونڊوز ۽ ڪنگڻ واري اسٽيشن تي ڪم آڻين ها
ڪيتريون خالي خالي عمارتون آهن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جو امڪان آهي. خلاء جي ماڳن ۾ جتي عمارتن کي ڦري چڪي ڪري تباهه ڪري زمين تي ڌڪايو ويو آهي
خالي فيڪٽريون
هوا، بلند، زمين ۽ پاڻي آلودگي جي اعلي سطح
شهري معاملن جي سماجي صلاحيتن ۾ اعلي بيروزگاري جي شرح، اعلي جرمن جي شرح، محرومين ۽ ورهايل خاندان شامل آهن
.
ڄامشوري جي زوال جا سبب                                                                       
      .1عملي فيصلا - حڪومت ٻين شهرن کي ٻين جي حوالي ڪري سگهي ٿو، ۽ ڪجهه علائقن جي ٻين جي ترقي کي ٻين جي حوالي ڪري سگهي ٿو. لنڊن هڪ شهر آهي جيڪا ڪيترن ئي سيڙپڪاري کي ڌڪيندو آهي، پر برطانيه جي حڪومت ڪجهه ڪوشش ڪئي ته هن جي ڪجهه ڪم کي خارج ڪن.
                                                                                       .2 هڪ ٻيو سبب اهو آهي ته مالدار ۽ وڌيڪ ماهر ماڻهن جي ماڻهن جو گهٽ گهٽ آباديء وارو آباديء وارو حصو آهي. گهڻو ڪري Suburbanisation سان تعلق رکندو آهي، اهو ماڻهو جيڪي اقتصادي طور تي بهتر طور تي بند ڪري رهيا آهن، ايراضيء جو علائقو اڪثر ڪري غريب آهن، جيڪي اعلي بيروزگاري جي شرح، شهري وستي جو هڪ خاص ڪردار ادا ڪري ٿو.
                                                                                         .3 گھربل اسٽاڪ جي معيار ۾ ڊزائين - اڳوڻي اڳوڻي عمارتون خراب ٿي چڪيون آھن ڇو ته مالڪن کي سار سنڀال تي پئسا خرچ ڪرڻ يا ھن سبب آھن جو نوڪر نھ ڏيڻ جي سار سنڀال تي پئسا خرچ ڪرڻ جي قابل نھ آھن. اسٽاڪ کي پڻ معيار ۾ گهٽتائي آڻي ٿو جڏهن آبادي جي ورڇ واري تمام گهڻي ٿي سگهي ٿي. بکر ۾، غريب معيار جي رهائش واري اسٽاڪ جي نتيجي ۾ رهندڙن لاء رهندڙن جي خراب حالتن ۽ بدلي ٿي سگهي ٿي.
ماضي ۾ شهري رٿابندي جي کوٽ هئي. جهڙوڪ تنگ اسٽوريج جون شيون ٽرئفڪ جي ڀڃڪڙي سبب آهن ۽ ماڻهن کي سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو. اهو لنڊن ۾ ڊاکلينڊز جتي شروعاتي طور تي ڊاکلينڊز جي ٽرئفڪ ۽ ٻاهر نڪرڻ کان پوء سيڪيورٽي سببن تائين محدود ٿي ويو، ۽ بعد ۾ ان جي سيڙپڪاري جو سبب بڻجي ويو، ڇاڪاڻ ته غريب مواصلات
                                                                               .4صنعت جي نقصان مارڪيٽ جي حالتن کي تبديل ڪندي يا حڪومت جي حمايت جي کوٽ / وسيلي.