نالو:
شمائلا رند
رول نمبر:
56 ايم اي پريويئس
پاڪستان جي ترقي ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽون
پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي پنهنجي سماجي ۽
اقتصادي صورتحال ۾ بهتري نه هئڻ سبب تاريخ جي وڏن چئلينجن جو مقابلو ڪندو پيو اچي
جڏهن ته سڀ مسئلا ختم ٿي نه سگھيا آهن انهن ۾ اهم مسئلا آهن جهڙوڪ پاڻي جي کوٽ،
بااختيار ترقياتي منصوبن جي کوٽ، بيروزگار نوجوان جي گھڻائي، انساني ترقياتي،
منصوبن تي ڌيان جي کوٽ، پرڏيهي مٽاسٽا واري ذخيري ۾ مسلسل گھٽتائي، غير ترقياتي
خرچن ۾ اضافو، عوامي قرضن ۾ اضافو، قومي دولت جي تقسيم غير برابر، بلوچستان، سنڌ ۽
ڏکڻ پنجاب ۾ اڀرڻندڙ محروميت خاص طور تي اوڀر ۽ اولهه جي پاڙيسرين سان گھاٽا
تعلقات نه هئڻ، ننڍن ۽ وچولي ادارن جي خراب حالت (SEMs)؛ ۽ مڪاني ادارن
جي سسٽم ۾ اثرائتو نظام نه هجڻ ۽ جيڪا جهموريت لاءِ بنيادي تصور سمجهجي ٿي.
ملڪ کي منهن ڏيڻ واران اهم مسئلن مان پاڻي جي کوٽ وڏي ۾ وڏو
مسئلو آهي، آمريڪي يونيورسٽي جي تحقيق مطابق پاڪستان دنيا جي انهن ڏهن ملڪن مان هڪ
آهي جيڪي پاڻي جي بحران سبب تمام گھڻا متاثر آهن ۽ انهي پاڻي جي بحران کي هٿي ڏيڻ
آسان نه ٿيندو، انهي لاءِ ضروري آهي ته ڪالا باغ ڊيم، ڀاشا ڊيم تي جلد ڪم مڪمل ٿيڻ
لاءِ منصوبا بندي ڪئي وڃي، ماهرن جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڊيمن جي گھٽتائي
سبب پاڻي جو 40 ملين ايڪڙ فٽ ۾(MAF) سمنڊ ۾ رُڌل آهي. ڪالاباغ ڊيم کي 6.4 ميگا پاڻي رکڻ جي صلاحيت آهي،
ديامير ۽ ڀاشا ڊيم 5.8 ميگا واٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگھي ٿو، ساڳئي طرح داسو ڊيم 6
ميگا واٽ جو پاڻي محفوظ ڪري سگھي ٿو. جيڪڏهن اهي ٽئي ڊيم مڪمل ٿي ويا آهن ته پوءِ
پاڻي جي کوٽ کان بچي سگھجي ٿو ۽ مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ گھٽ ٿيڻ ۾ مدد پڻ ٿي سگھي
ٿي. جيڪڏهن ڊيمن جي تعمير نه ڪئي وئي ته ايندڙ مستقبل ۾ پاڪستان ۾ پيئڻ جي پاڻي جو به بحران رهندو ۽ ان جي سبب زراعت پڻ
تباهه ٿي ويندي. پاڪستان ۾ زراعت ۽ ٻين صنعتن جو پاڻ ۾ گھاٽو تعلقات آهي، جهڙوڪ،
ڪپڙي جي صنعت، پاڻي جي کوٽ جي سبب زراعت سان گڏ ڪوبه لاڀ نه ڏئي سگهندي. زرعي شعبي
۾ پاڻي جي کوٽ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي پڻ متاثر ٿئي ٿي، جئين ته ڀاڻ ۽ ٻج تي مناسب
معاون قيمت يا سبسڊي معيا نه ڪئي وئي ته به زراعت متاثر ٿيندي ٻيو اهم مسئلو هوائي
آلودگي آهي ملڪ جي موسمي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ترين ٿيندي پئي وڃي جنهن کي
گھٽائڻ لاءِ وڻ پوکڻا پوندا، ٻوٽ ۽ سوڪهڙي جي شدت وڌڻ سبب زراعت جي پيداوار ۾
گھٽتائي ٿي رهي آهي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ سبب لوڊشيڊنگ جو بحران به وڌيڪ سنجيده
ٿيندو، جيڪڏهن لوڊشيڊنگ جي بحران کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻو آهي ته ڊيمن ۾ پاڻي جو
ذخيرو ڪرڻو پوندو.
جئين ته اسان جي ملڪ جون ٽرانسميشن لائنون ٻاهر نڪتل آهن
جيڪي پوري طاقت سان پڻ خطري جو سبب بڻجي رهيون آهن، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ
بروقت عمل جي ضرورت هوندي آهي. ته جئين وڌندڙ آبادي جي گھرجن کي پورو ڪري سگھجي،
اڄ تائين جيڪو به منصوبو لوڊشينگ کي گھٽائڻ لاءِ عمل ۾ آندو ويو آهي اهو پڻ مڪمل
نه ٿي سگھيو آهي. جيتوڻيڪ اسين وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ ڪي قابل هئاسين پر ٽرانسميشن
سسٽم جي صلاحيت جي کوٽ هئڻ سبب لوڊشيڊنگ اڃا به گھٽ ٿي سگهندي جيستائين ڊيمن ۾
مناسب پاڻي جو ذخيرو جمع نه ڪيو وڃي.
No comments:
Post a Comment