Its abt pollution thru industries in rural areas.
Point not proved
Needs more references and reports
Its short, add atleast 150 words.
File name is wrong
Also write ur name here in the file
Mind it, writing pieces carry marks, if u do not take it seriously u will lose marks
Referred back
Abdul Kabeer-MA-Roll.03-
سنڌ ۾ ڪاخانن جي ڪري ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ
اسان جي سنڌ ۾ ڪافي سارا مختلخ ڪاخانا آھن جنن ۾ ساري, ڪڻڪ,ڪپھ ۽ ڪمند جا ڪارخنا پڻ موجود آھن. جڏھن تـ اسان کي خبر آھي اسان جي سنڌ زرعي طور تي مالامال آھي. ۽ بيشڪ اسان جي ملڪ معيشت جو دارومدار بـ انھي تي آھي. پر حتي سنڌ ۾ ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ تمام گھڻو زور وٺي رھي آھي انھي جو سبب اھو آھي تـ ڪارخانن مان نڪردڙ دونھ, مشينن جو گوڙ ۽ ملن مان نڪردڙ خراب پاڻي جو ڇوڙ. جنھن جي ڪري اسان وٽ ڪافي سارا مسٔلا جنم وٺي رھيا آھن. جانورن کي لڳندڙ بيماريون, پکين کي ۽ زمين اندر رھندڙ جاندارن کي بـ نقصان پھچي رھيو آھي. پر ھتي سنڌ ۾ شگرز ملن جي ڪري ڪافي گدلاڻ پيدا ٿي رھي آھي ڇو تـ اھي ملون وڏي تعداد ۾ اسان جي آبھوا ۾ تمام گھڻو دونھ پيدا ڪري رھيون آھن جنھن جي ڪري اسان کي ۽ ٻئن رھندڙ جاندارن کي صاف غذا خڻڻ جي تڪليف ٿي رھي آھي . اھي ملون فقط اسان جي آبھوا کي نقصان نـ پھچاءي رھيون آھن گڏو گڏ زمين جي پاڻي کي بـ نقصان پھچاءي رھيون آھن ۽ واھن, درياھن ۽ سمنڊ جي پاڻي کي بـ نقصان پھچاءي رھيون آھن. جنھن جي ڪري سمنڊ ۾ رھندڙ جاندارن مڇين کي تمام گھڻو نقصان پھچي رھيو آھي. ملن مان خارج ٿيندڙ خراب پاڻي جيڪو ڪنھن بندوبست جي ذريعي نيڪال ڪيو وڃي تـ جئن ان مان ڪو نقصان نـ ٿي سگهي. پر ھتي اسان وٽ اھڙو ڪوبـ نيڪال جو ذريعو نـ آھي جنھن جي ڪري ملن مان نڪرندڙ اھو خراب ۽ گندو پاڻي جيڪو خليل ميدانن تي واھيو پيو وڃي. جنھن مان مختلخ قسمن جون بيماريون جنم وٺي رھيون آھن. ۽ پڻ اھو گندو پاڻي واھن ۾ بـ واھيو پيو وڃي جنھن جي ڪري آباد ٿيندڙ زمينن کي بـ تمام گھڻو نقصان پھچي رھيو آھي. ضلع بدين ۽ ٺٺي ۾ جيڪي شگر ملون آھن اھي ملون جيڪو خراب ۽ گندو پاڻي آھي ان کي سمنڊ جي طرف نيڪال ڪيو پيو وڃي. جنھن جي ڪري اتي جي سمنڊ جي مڇين کي نقصان پھچي رھيو آھي ۽ ان سان گڏو گڏ اتي جيڪي رھندڙ ملاحن کي بـ تمام گھڻيون مشڪلاتون پيدا ٿين پيون. ان سان گڏوگڏ انھن کي مڇيون مارڻ ۾ بـ تڪليفون ٿي رھيون آھن. جڏھن تـ انھن جي گھرن جو چلھو بـ مڇين کي ماري انھن کي مارڪيٽ ۾ وڪڻي ان مان ڪجھ روپيا ڪماءي ان مان ھو پنھنجو چلھو دکاءين ٿا. اھڙي طرح ضلع بدين ۾ بـ ٿي رھيو آھي. بدين ۽ تلھار ۾ جيڪي شگر ملون آھن اھي اتي ھوا, پاڻي ۽ گوڙ جي گدلاڻ پيدا ڪري رھيون آھن. اتي جيڪي ڳوٺ آھن لڳ ڀڳ 500 کان وڌيڪ آھن جيڪي انھي ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري تمام گھڻون متاثر آھن. اگر اسان وٽ انھن شئن جو صحيع طريقي سان منسوبو ٺاھيو وڃي تـ اسان کي انھن مشڪلاتن جو سامنون نـ ڪرڻو پوندو. ۽ اھڙي طرح اگر اسان پنھنجي کليل ميدانن تي وڻن کي عام ڪيو ويندو تـ اسان جي آبھوا کي اھڙو نقصان نـ پھچندو ۽ ان سان گڏوگڏ رھندڙ ٻين جاندارن کي بـ نقصان نـ پھچندو.
۽ انھن ڪارخانن مان جيڪا نڪرندڙ ڪاربان ڊاء آڪساءيڊ جيڪا آبھواھ ۾ ملي ڪري آڪسيجن کي تمام گھڻو نقصان پھچاءي رھي آھي. جڏھن تـ ھتي اسان وٽ اڳ ۾ ٻيلن جو وجود ختم ڪيو ويو آھي. جن ٻيلن جي وڻن مان اسان کي تمام سٺي آبھوا ملندي ھٔي ۽ آڪسيجن بـ سٺي ملندي ھٔي. جڏھن تـ شگرز ملن مان ٺھندڙ الڪوھل جنھن جو نڪرندڻ دونھ جنھن مان ايٿانول بـ خارج ٿءي ٿو. انھي ايٿانول جو ھوا ۾ خارج ٿيڻ جي ڪري آڪسيجن تي تمام گھڻو اسر ٿي رھيو آھي. ۽ ٻي سورت ۾ اھي جيڪي ڪارخانا آھن اھي شھرن کي تمام گھڻو لڳ آھن. انھن ڪارخانن ٿيندڙ گج گوڙ جيڪو عوام کي تمام گھڻو پريشان ڪري رھيو آھي جنھن ڪري عام عوام کي تمام گھڻين مشڪلاتن جو سامنون ۔ ڪرڻون پوي ٿو.
No comments:
Post a Comment