Aftab Gul- MA-Roll-07-sindhi
Revised
لاڙ اندر پاڻي جو بحران
پاڻي الله تعاليٰ جي طرفان هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن کانسواءِ جاندارن جو ڌرتي جي گولي تي رهڻ ناممڪن آهي. انسان وٽ زندگي جي سهولت موجود هجي پر جيڪڏهن پاڻي نه هجي ته ڄڻ ته زندگي جي هر نعمت کان وانجهيل آهي. ڌرتي تي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ سڀ کان وڌيڪ ملندڙ شيءَ به پاڻي آهي. سانئس جي مطابق ڌرتي تي %75 سيڪڙو پاڻي ۽ %25 سيڪڙو زمين آهي پر بدقسمتي سان ملڪ پاڪستان ۾ سدائين پاڻي جي کوٽ رهي آهي يا ته وري وقت سر پاڻي نه مليو آهي، پر اسان جيڪڏهن پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڳالهه ڪريون ته اهو هميشه پاڻي لاءِ واجهائيندو رهيو آهي. سنڌ جا ماروئڙا جن جي گذر سفر جو ذريعو ٻني ٻاري يا چوپائي مال تي آهي ۽ انهيءَ ٻنهين جو گذران پاڻي تي آهي، جيڪڏهن پاڻي ناهي ته ٻني ڪلر ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو آهي ۽ گاهه چاري لاءِ پڻ مشڪلاتون وڌي وينديون آهن. شاه صاحب فرمائي ٿو ته:
ساجَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي؛
اَندَرُ جنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃِيو اُنَ کي
جيڪڏهن ڳالهه ڪجي سنڌ اندر پاڻي بحران جي ته سنڌ ۾ پاڻي جي لحاظ کان لاڙ وارو علائقو گهڻو متاثر رهيو آهي. لاڙ ۾ بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان اچي وڃن ٿا، جيڪي ڪجهه سالن کان بدترين پاڻي جي بحران جو شڪار رهيا آهن. سال 2012ع ۾ ضلعي بدين ۾ وڏي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو 2013ع ۾ باقاعده آغاز ٿيو. “واٽر شارٽيج” جي نالي سان هي تحريڪ “سنڌ آبادگار ايسوسيئيشن خيرپور گبوهه_ ملڪاڻي تنظيم جي هيٺ هلي، شروعات ۾ هي ملڪاڻي شريف ۾ 49 ڏينهن بک هڙتال ٿي ۽ پوءِ 22 اپريل 2013ع تي هڪ ماڻهن جو ڪٽڪ لانگ مارچ تي نڪتو جيڪو مختلف شهرن کان ٿيندي 27 اپريل 2013ع تي حيدرآباد پهتو جتي وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان تحريڪ جو اثر ڏسندي ئي ڏسندي پوري سنڌ ۾ ٿي ويو ۽ اتان بهترين موٽ ملي، جنهن کانپوءِ پهرين جون 2013ع تي ته هڪ ٻي تحريڪ هلي جنهن جو نالو “ جيل ڀريو تحريڪ” رکيو ويو، جيڪا ضلعي بدين جي سينٽر جيل بدين اڳيان خيما کوڙي تحريڪ کي ڀرپور نموني هلايو ويو، جنهن کانپوءِ نيٺ وزيراعليٰ سنڌ بدين پهتو ۽ ڳالهيون ٿيون. پر توهان سڀ سمجهي سگهو ٿا ڇا ٿيو هوندو، اهو ئي ڪوڙا دلاسا، جيل ڀريو تحريڪ 70 ڏينهن هلي ۽ آخرڪار 9 آگسٽ بعد نماز عيدالفطر جيل ڀريو تحريڪ ختم ڪئي وئي ۽ انهيءَ ڏينهن اعلان ڪيو ويو ته “اسان جي منزل اڃا به اڳتي” اسلام آباد ڊي چوڪ تي قومي اسيمبلي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. پهرين سيپٽمبر تي مرد مجاهد سنڌ آبادگار ايسوسيئيشن جا جاکوڙي اڳواڻ، سماجي اڳواڻ ۽ عام شهري پنهنجن اجهن ۽ ٻچن کان پري، سردي ۽ گرمي جو مقابلو ڪندي ڏور پاڪستان جي راڄڌاني واري شهر پاڻي کان محروم پانڌيئڙا پاڻي ڏيو جو پيغام کڻي پنهنجي اعليٰ حڪمرانن جي بيٺڪ تي پهتا پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نه سري، نيٺ 80 ڏينهن کان هلندڙ تحريڪ جو ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان چوڌري افتخار 20 نومبر 2013ع تي نوٽيس ورتو. 23 ڊسمبر 2013ع تي ڪورٽ سڳوري جي فيصلي موجب هڪ ڪاميٽي جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي توقع ٿي پر آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن انهيءَ ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو. انهيءَ فيصلي ۾ (ڊي اوز) دڪا ريڊزائين ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو پر سائين فيصلي تي عمل ڪرڻ وارا سنڌ گورنمينٽ جا آفيسر هئا، انهيءَ ڪري انهيءِ تي اڃا تائين ڪو سٺي نموني کڙتيل نه نڪتو آهي، انهيءَ جدوجهد دوران ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن پاران احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايا ويا. مسلسل هلندڙ جدوجهد دوران هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت جو در کڙڪايو ويو، جنهن جو فيصلو جون 2019ع تي ٿيو، جنهن ۾ علي پور، ٽنڊوالهيار ۽ ٻين هنڌن تي جيڪي دڪا آهن انهن کي ٻيهر ريڊزائين ڪيو ويو. ضلعو بدين، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي پوڇڙ تي آهي، ان ڪري پاڻي جو مسئلو عام آهي، 3 سال پاڻي جي کوٽ جي ڪري هي علائقو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪڏهن ته 5 ايڪڙن وارا زميندار به خوش هئا ۽ اڄ ته ويهن ايڪڙن واري جي به پوري نٿي ٿئي. درياهه جي ڪپ تي رهندڙ ماروئڙا پاڻي لپ لاءِ سڪندا، سنڌ تي اهڙا ڏينهن ايندا اها خبر شايد شاهه سائين کي اڳ ۾ ئي هئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته:
پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن
ساهان اوڏو سپرين، اوچي تان نه لهن
دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن هنن جئن
سامونڊي پٽي ۾ پڻ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي عدم دستيابي توڙي ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌو درياءَ ۾ سالن کان پاڻي جي نه اچڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن سبب لاڙ جي لکين ايڪڙ زمين پڻ کاري پاڻي هيٺ اچي تباهي جي ور چڙهي وئي آهي. آبي کوٽ آخرڪار ڪڏهن ختم ٿيندي، اسان جا ماروئڙا ڪڏهن سک سان ساهه کڻندا، اهي سڀ سوال اڃا سواليه نشان آهن
No comments:
Post a Comment