Ok
ڄامشورو اينڊڙ وقت ۾ وڏو شهر بڻجي ويندو...!
محمد اسماعيل لنجار
2K20/MMC/37
آرٽيڪل سنڌي
ڄامشوري ضلعي جي قيام جو اعلان 13 نومبر 2004ع تي ڪيو
ويو هو، سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ڄامشورو کي دادو ضلعي کان ٽوڙي
نئون ضلعو بڻايو، ڄامشورو ضلعي جي حدن ۾ آيل شهر ڪوٽڙي، مانجهند، ٿاڻو بولا خان،
سيوهڻ، ٿاڻو احمد خان ۽ نوري آباد 1933ع ۾ دادو ضلعو قائم ٿيڻ کان پهرين ڪراچي
ضلعي جو حصو هئا، ڄامشورو ضلعو قائم ٿيڻ کانپوءِ ضلعي هيڊڪوارٽر ڪوٽڙي شهر کي
بڻايو ويو، 16 سال گذرڻ باوجود ڄامشورو تعلقي جو درجو به ماڻي نه سگهيو، هن وقت
ضلعي جي نالي واري شهر ڄامشورو هڪ ٽائون ڪاميٽي ۽ چئن يونين ڪائونسلرن تي مشتمل
آهي. ڄامشورو شهر جي آبادي لڳ ڀڳ 2 لک کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته هي شهر 5 کان 6 ڪلو
ميٽر هڪ چورس اسڪوائر اندر آهي.
ڄامشورو شهر سنڌ صوباي توڙي پاڪستان جي اهم تعليمي
درسگاهن، سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ايند هيلٿ سائنسز (لمس) ۽
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ڪري به مشهور آهي. ان کان سواءِ هتي سنڌي ادبي بورڊ،
انسٽيٽيوٽ بوڪ بورڊ جهڙا ادبي ۽ علمي ادارا به موجود آهن، ڄامشوري شهر کان ڪجهه
فاصلي تي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو واقع آهي، جتان ملڪ جي اعليٰ سياسي شخصيت ۽ پاڪستان جي
اڳوڻي صدر جناب آصف علي زرداري، سيد جلال
محمود شاهه، (اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي) سيد ضياءَ شاهه، دانشور جامي چانڊيو
۽ ٻين تعليم حاصل ڪئي آهي.
ڄامشورو ۾ سنڌ جي وڏين سرداري اسپتالن ۾ شمار ٿيندڙ
لمس اسپتال موجود آهي، جتي سنڌ جي مختلف شهرن کان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا. جڏهن ته
ڪينسر جي علاج لاءِ قائم نمرا اسپتال ۽ ان کانسواءِ ڪجهه ننڍا وڏا بنيادي صحت مرڪز
پڻ موجود آهن. ڄامشورو شهر جي نالي سان جڙيل ڄامشورو ضلعي کي اهو اعزاز حاصل آهي
ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ، ايشيا جو وڌڏي ۾ وڏو ۽ پراڻي رني ڪوٽ، دنيا جي
اڍائي قلندرن مان هڪ قلندر حضرت عثمان مروندي المعروف حضرت لعل شهباز قلندر رحه، سنڌ
پرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد، سيد صدرالدين شاهه لڪياري، سائين سمن سرڪار جي نالي
سان مشهور آهي.
ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر مطابق ڄامشورو ضلعي جي
آبادي مان 45 سيڪڙو زرعي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو آهن، جڏهن ته 20 سيڪڙو نوڪريون
ڪندڙ، 25 سيڪڙو پورهيو ڪندڙ ۽ 10 سيڪڙو ماڻهو ڪاروبار ڪندڙ آهن.
ڄامشورو شهر جو سڀ کان اهم مسئلو ڊرينيجج سسٽم نه هجڻ آهي، جنهن ڪري شهر جا اڪثر علائقا گٽرن
جي گندي پاڻي هيٺ آهن، ڊرينيج نظام نه هجڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي روڊن رستن توڙي
گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل نظر اچي ٿو، شهر جو ٻيو اهم مسئلو پاڻي کوٽ آهي،
واٽر سپلاءِ اسڪيم پراڻي هجڻ ڪري شهر جي اڪثر علائقن ۾ هن وقت به پاڻي نٿو پهچي،
جنهن ڪري اتان جا رهواسي پيئڻ جو پاڻي ٽينڪرن ذريعي پئسان تي خريد ڪرڻ تي مجبور
آهن. جڏهن ته شهر جو ٽيون اهم مسئلو اوور هيڊ برج پل ٺهڻ کانپوءِ شهرين لاءِ روڊ ۽
يو ٽرن نه ڏيڻ آهي، جنهن ڪري هتان جي شهرين کي روڊ جي ٻئي پاسي تي پهچڻ لاءِ ڊگهو
سفر ڪرڻو پوي ٿو يا ٽرئفڪ قانون جي لتاڙ ڪندي ون وي روڊ تي هلڻو پوي ٿو. جنهن ڪري
اڪثر طور حادثا پيش ايندا رهن ٿا.
ماضي ۾ ڄامشوري کان سيوهڻ سنگل روڊ هئڻ سبب ڪيترائي
حادثا معمول بڻيل هئا، ان حادثن سبب ڪيتريون ئي جانيون پڻ ضايع ٿي چڪيون آهن،
2019-09-13 ۾ ڄامشوري کان سيوهڻ تائين ڊبل روڊ قائم
ٿيڻ کانپوءِ حادثن ۾ گهٽتائي آئي آهي، انڊس هاءِ وفاقي حڪومتي اداري موٽر وي پوليس
حوالي ڪيو ويو آهي.
هتي ضلعي جي لاکڙا واري هنڌ تي ڪوئلي جي کاڻ جو وڏو
سلسلو موجود آهي. جيڪو وڏو صنعتي مرڪز بڻيل آهي، ايشيا ۾ ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا
ڪندڙ لاکڙا پاور هائوس، ايشيا ۾ هڪ ئي وقت گهڻي کان گهڻي بجلي پيدا ڪرڻ جي سگهه
رکندڙ ٿرمل پاور هائوس، سئي گئس ذريعي بجلي پيدا ڪندڙ ڪوٽري ٽربائن پاور هائوس به
هتي آهن. جڏهن ته عالمي سطحي جي سيمپل دوا سان ڪمپني سينڊوز، ڪليئرنٽ نوارٽس کان
علاوه نوري آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ وڏي انڊسٽريل ايريا موجود آهي، جڏهن ته ڄامشورو ضلعي ۾
دادا بائي، عيسيٰ، انوار زيب وائيٽ سيمينٽ فيڪٽري، لڪي سيمينٽ فيڪٽري ۽ ڪرين مشينن
سميت ٻيون اڻ ڳڻيون فيڪٽريون قائم آهن.
مستقبل جي حوالي سان ايندڙ 5 سالن ۾ ڄامشورو شهر وڏو شهر بڻجي ويندو، جنهن ۾ نيون
هائوسنگ اسڪيمون، هوٽلون، نوان روڊ رستا ۽ بحريا ٽائون شامل ڪيو ويندو ۽ ڄامشورو
شهر ترقي يافته ٿيندو، ان حوالي سان ڄامشوري شهر ۾ نئون موٽر وي جو پراجيڪٽ شروع
ڪيو ويوندو، ان موٽر وي جي حوالي سان عوام کي بهترين سهولت فراهم ڪئي ويندي ۽ عوام
جي سفر ۾ بهترين حد تائين آساني پيدا ٿيندي، ڄامشورو شهر ۾ ترقياتي ڪم سٺي نموني
مڪمل ڪيا ويندا، ڄامشوري شهر توڙي ٻراڙين جي عوام جا بنيادي مسئلا ترجيحي بنيادن
تي حل ڪيا ويندا، جنهن سان شهري خوشحالي ۽ ترقي ڏانهن وڌاندا. ان حوالي سان
ڄامشورو شهر پڻ به وڏي حيثيت جو حامل ٿيندو.
No comments:
Post a Comment