Not checked
Seems bit long
Writer’s name should also be here in medium in which it is written
Article
سنڌ جي خراب تعليمي صورتحال ۽ خاموش بڻيل ساڃاهه وند
-Ali Murad Chandio-MA-Roll NO 12
تعليم هميشه ملڪ، معاشري ۽ قوم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو
آهي ۽ اها ڳالهه به بلڪل درست آهي ته تعليم کانسواءِ ڪوبه ملڪ، ڪوبه معاشرو ۽ ڪا به
قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، قوم ۽ معاشري جي ترقي صرف ۽ صرف تعليم آهي، ڪنهن قوم يا ملڪ
اندر تعليم وڪامجڻ لڳي ته اها قوم ۽ ملڪ ترقي بدران تباهي جي ڪناري پهچي ويندي آهي،
اهڙي ئي ڪجهه صورتحال اسان جي ملڪ جي تعليم جي پڻ آهي، جيڪا ٻهڙاين مان ختم ٿيندي نظر
پئي اچي، جڏهن ته شهري آبادي اندر اها تعليم پرائيوٽ اسڪولن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جن
اسڪولن جي في آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ پئي اچي ۽ انهن اسڪولن اندر غريب جي ٻار لاءِ تعليم
پرائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي. اسان هتي ڳالهه ڪنداسين سنڌ جي تعليمي معيار ۽
ساڃاهه وندن جي خاموشيءَ جي، سنڌ اندر معياري تعليم نه هجڻ ڪري نه رڳو تعليمي ادارا
تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن پر سنڌ جي ڪروڙين معصوم زندگين جي تعليم به تباهه ٿي
رهي آهي، جڏهن ته مهانگن اسڪولن ۾ ٻار پڙهائڻ والدين جي وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي.
وڌندڙ مهانگائي ۽ ڳري فين جي ڪري والدين نه رڳو پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ انهن جي مستقبل
جي ڪري به تمام گهڻا پريشان آهن پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته حڪومت طرفان تعليم جي عمل
کي بهتر بڻائڻ وارا ادارا ۽ سرڪاري ڪامورا اهڙي ته اگهور ننڊ ستل آهن جو کين تعليم
جي تباهي جو منظر ڏسڻ ۾ ئي به پيو اچي.
جڏهن اسان تعليم ۽ ايڪويهين صديءَ اندر چئلينج جي ڳالهه ڪريون
ٿا ته سڀ کان پهريائين ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون ته پوئين
صدين مان اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو آهي؟ جيڪڏهن ان جائزي ۾ اسان وڃائڻ کان وڌيڪ
حاصل ڪيو آهي ته پوءِ اسان کي اڳئين صديءَ ۾ پير پائڻ وقت گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو
ڪونه پوندو، پر جيڪڏهن ڳالهه ان جي ابتڙ آهي ته پوءِ صورتحال نهايت ئي سنگين آهي، جنهن
جا اثر ايندڙ تعليم ۽ مستقبل تي تمام گهڻا هاڃيڪار پوندا. اسان ڳالهه پنهنجي تعليمي
نظام جي پوئين دور جي جائزي وٺڻ جي ڪري رهيا هئاسون. انهيءَ جائزي لاءِ ڪا ڊگهي ڪاوش
ڪرڻ جي ضرورت اسان کي ان ڪري به محسوس نٿي ٿئي جو هاڻوڪي تعليمي حالت جي حوالي سان
ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي، سنڌي سماج جي سڀني طبقن جو انهيءَ تي اتفاق آهي ته
هينئر اسان جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سنڌ جي تعليم جو اهڙو حال آهي جو لفظن
۾ بيان به ڪرڻ جهڙو ناهي.
سنڌ جي اسڪولن تي هڪ نظر وجهنداسين ته هزارين اسڪولي عمارتون
زبون حالت ۾ نظر اينديون، جيڪي معصوم ٻارن جون زندگيون ڳڙڪائڻ لاءِ واڳون وارو وات
ڦاڙيو ويٺيون آهن ۽ هزارين اهڙا اسڪول ملندا جن اندر پاڻي پيئڻ جي سهولتون به موجود
ناهي، جڏهن ته ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جن ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ بينچون ناهن ويچارا معصوم
ٻار پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي اهڙا به اسڪول آهن جن ۾ مقرر
استاد سرڪاري پگهار به کڻي رهيا آهن، انهن اسڪولن جو سرڪار وٽ رڪارڊ به موجود آهي پر
انهن اسڪولن اندر نه ئي تعليم آهي ۽ نه ئي استاد ڊيوٽي ٿا ڪن، ڪيترن ئي سالن کان وٺي
اهي اسڪول بند پيا آهن، ان جو واضع مثال المنظر ڄامشورو ڀرسان قائم هڪ اسڪول پڻ
آهي، جنهن جو دورو مان پاڻ ڪري چڪو آهيان، ان اسڪول ۾ شاگردن بدران سوين ٻڪريون
بيٺل نظر آيون، جڏهن ته ڪلاسن جي بورڊن ۾ پڻ پراڻيون تاريخون لکيل هيون، جيڪي لڳ
ڀڳ پراڻيون هجڻ ڪري ايتريون نظر نه پئي آيون.
سنڌ اندر ڪيترائي اهڙا به اسڪول آهن جن ۾ استاد ته موجود آهن
پر انهن اسڪولن اندر ٻارن جو نالو نشان ئي ناهي ۽ انهن اسڪولن لاءِ ايندڙ فرنيچر، ڪتاب
۽ ڪاپيون اسڪولن بدران بازارن ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن، جن جون خبرون مختلف وقتن تي
اخبارن جون زينت بڻجنديون رهيون آهن، انهي ڪري اها اسان جي بدقسمتي چئجي يا سرڪار جي
نااهلي پر اهو سمورو سچ آهي ته انهيءَ غفلت جي ڪري ڪروڙين ٻارن جي زندگي داءُ تي لڳل
آهي. اهو به سچ آهي ته انهيءَ کان وڌيڪ بدقسمتي ڪهڙي چئبي جو جنهن ملڪ اندر وڏيرڪو
۽ جاگيرداراڻو نظام هجي ۽ اتي تعليم کي هڪ
عيب سمجهي انهي کان نفرت ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ اها قوم ترقي ڪيئن ٿي ڪري سگهي. اڳواڻ
ايوانن ۾ ويهي ڪري چون ٿا ته پوري ملڪ اندر ٻين صوبن کي ڇڏي ڪري صرف ۽ صرف سنڌ جي تعليم
تباهه آهي ۽ سنڌي پوئتي پيل آهن پر انهن کي ڪير سمجهائي ته انهن سنڌين کي پوئتي ڌڪڻ
وارو ڪير آهي؟ ڪو آهي جيڪو انهيءَ سوال جو جواب وضاحت سان اسان کي سمجهائي؟ جڏهن ته
اها ڳالهه به سچ آهي ته اسان جا وزير توڙي ساڃاهه وند خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾
ٿيندڙ تقريب توڙي اين جي اوز جي گڏجاڻين ۾ تعليمي معيار تي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندا
آهن پر ان تي پاڻ به عمل ناهن ڪندا، انهيءَ ڪري ئي اسان جي تعليمي معيار ۾ اها
بهتري اچي ناهي سگهي، جيڪا اچڻ گهرجي ها...
آخر اسان جو اهڙو نظام ڇو ٿي ويو آهي جو اسان پنهنجي پير تي
پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا آهيون، جڏهن ته ٿيڻ اهو گهرجي ته پرائيوٽ اسڪولن بدران سرڪاري اسڪولن
۾ تعليم جي رجحان توڙي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ اهڙا پروگرام ضرورت طور تي رکيا
وڃن ۽ انهن پروگرامن ۾ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، وزيرن ۽ ساڃاهه وندن کي شرڪت ڪرڻ گهرجي،
ان کانسواءِ ساڃاهه وندن کي وڏن شهرن توڙي ٻهراڙين اندر تمام وڏي سطح تي تعليمي
بهتري لاءِ مسلسل ميڙاڪا توڙي سيمينار ڪوٺائڻ گهرجن ته جيئن سرڪاري اسڪولن جي تعليم
بهتر ٿي سگهي ۽ ٻار ۽ استاد ۾ تعليم لاءِ جذبو پيدا ٿئي ۽ سندن ذهن اندر تعليم جو شعور
سجاڳ ٿئي پر وري به افسوس ٿي رهيو آهي ته ائين اسان وٽ ائين ٿيڻ ممڪن ئي نه پر ناممڪن
آهي. اوهان اندازو لڳايو ته جنهن ديس اندر غريب کي ڀر ۾ ويهارڻ ۾ وزير توڙي وڏيرا عار
محسوس ڪن، اهي ڪيئن چاهيندا ته غريب جو ٻار پڙهي ڪري اعليٰ مقام تائين پهچي، انهيءَ
ڪري انهن پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم لاءِ پرائيٽ اسڪولن ۾ پڙهايو ته جيئن غريب جي ٻار
جو پاڇو به انهن جي ٻارن تي نه پوي. ڇا اهڙي معاشري ۾ تعليم سڌري سگهي ٿي؟ تعليمي
ايمرجنسي جون دعوائون ڪندڙ حڪومت جو ڌيان جيڪڏهن تعليم ڏانهن هجي ها ته تعليم اهڙي
تباهي جي ڪناري تي هزگز نه پهچي ها.
مان سمجهان ٿو ته تعليم کي جيستائين معياري بڻائڻ لاءِ حڪومت
سنجيده نه ٿيندي، ساڃاهه وند اگهور ننڊ مان سجاڳ ٿي مسلسل جاکوڙ نه ڪندا، انهيءَ وقت
تائين نه تعليم ۾ سڌارو ايندو ۽ نه ئي اسان جي معاشري ۾ خوشحالي ٿيندي، هن وقت سنڌي
قوم تعليم جي معيار تي پريشان ضرور آهي پر مان سمجهان ٿو ته انهيءَ مونجهاري جو حل
حڪومت وٽ ضرور آهي، حڪومت کي گهرجي ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ڪري، خاص طور سنڌ جي علائقن اندر جتي ڏينهون ڏينهن تعليم ختم ٿيندي پئي وڃي، انهيءَ
ڪري حڪومت کي اهڙيون ٽيمون تشڪيل ڏيڻ گهرجن جيڪي پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪن، جتي اسڪول
بند آهن انهن اسڪولن کي کولائي انهن اندر تدريسي عمل کي شروع ڪيو وڃي ۽ جيڪي اسڪول
زبون حالت ۾ آهن انهن جي مرمت ڪرائي انهن اسڪولن کي تعليم جي قابل بڻايو وڃي ته جيئن
اهي زبون اسڪول ڪنهن معصوم جي جان ضايع ٿيڻ جو ڪارڻ نه بڻجن، جڏهن ته استادن کي تعليم
لاءِ باقائده پابند ڪيو وڃي، ساڃاهه وند ڌرين کي تعليمي معيار جي بهتري لاءِ مسلسل
جاڳرتا مهم هلائڻ سان گڏ سنڌ جي وڏن شهرن توڙي ٻهراڙين اندر سيمينار ڪوٺائڻ گهرجن،
جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهيو ته پوءِ سنڌ جي معصوم ٻارن جي مستقبل کي تمام گهڻو نقصان پهچي
سگهي ٿو.
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro
No comments:
Post a Comment