Sunday, February 16, 2020

Muhammad hassan Shaikh Article Sindhi


What is today??




Not Checked

Article
Muhammad hassan Shaikh

"ملاکڙو ڪلھ ۽ اڄ"
مُحمد حسن شيخ
رول نمبر 35
جتي سنڌ ڌرتي قدرت جي ڏنل تحفن سان مالامال آهي اُتي سنڌ ثقافت جي لحاظ کان تمام پراڻي ۽ وسيع آهي، ڳالھ اگر سنڌ جي ثقافت جي ڪئي وڃي ت ٽوپي، اجرڪ، رلي ۽ ٻيون تمام شيون ساراھ جوڳيون آهن، جن سنڌ ڌرتي کي چار چنڊ هڻي چمڪائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ ثقافتي راندن جو ڪردار ب نُمايان رهيو آهي جيڪي قديم زماني کان هلنديون اچن جن ۾ ڪوڏي ڪوڏي، وانجھ وٽي، ملاکڙو ۽ ٻيون رانديون شامل آهن.
اصل ۾ ملاکڙو سنڌ ۾ جيڪا ڪُشتي رائج آهي ان کي ملھ يا ملاکڙو ڪوٺيو وڃي ٿو، ملاکڙو عام راندين کان مختلف ۽ جُدا آهي هن کي سنڌي ڪُشتي يا ملھ چون ٿا.
ملاکڙو سنڌ جي قديم ۽ تاريخي راندن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو هن راند کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان شائقين ايندا آهن ۽ ملھ پهلوانن کي وڏا انعام اقرار ڏيندا آهن، سنڌ ۾ لاکيڻي لطيف تي جيڪو ملاکڙو لڳندو آهي ان کي ڏسڻ لائي مُلڪ کان سواءِ ٻاهرين مُلڪن جا سياح ب ڏسڻ ايندا آهن ۽ ملھ پهلوانن کي وڏو داد ڏيندا آهن، ملھ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پهلوان ن صرف سُٺي کاڌ خوراڪ کائيندو آهي بلڪ هو ورزش ب ڪندو آهي.
۽ کيس ملھ کي سکڻ لاءِ جهونن استادن کان گُر پڻ سکڻا پوندا آهن، جيئن جانٺو اندريون ٻاهريون وارو وگر وغيرا شامل آهن.
 اڄ ب ايران افغانستان تُرڪي روس ۽ جاپان ۾ ملھ وڙهي وڃي ٿي، وچ ايشيا ۾ هن راند کي ڪوريش چيو وڃي ٿو، جاپاني ڪُشتي سومو سان ب هن جي گهاٽي هڪجهڙائي آهي، فني طور تي فرق ايترو آهي ت بلوچستان ۽ افغانستان جي ملھ ۾ ساڄي ڪُلهي سان زور لڳايو ويندو آهي ۽ سنڌ جي ملھ ۾ کاٻي ڪُلهي تي زور آزمائي ٿيندي آهي، وچ ايشيا جي ڪوريش ۾ سنڌ سندري جي بجائي چمڙي جو پٽو ٻڌي داءُ لڳائڻ جي لاءِ هٿ وڌا ويندا آهن، سندروء اُن ڪپڙي کي چيو ويندو آهي جيڪو ملھ ملاکڙي جي دوران چيلھ جي چوڌاري ٻڌو ويندو آهي.
برٽش دور ۾ ملھ
رچرڊ برٽن برٽش دؤر ۾ سنڌ ۾ ملھ جي راند تي تبصرو ڪندي لکيو آهي تہ:"هتي هندستان جيان ورزشي آکاڙا ڪونه آهن. تنهن هوندي به ماڻهن کي ملهه جو ڏاڍو شوق آهي. پر هينئر وڏا ملهه اڪثر آفريڪا جا شيدي آهن. جن جا ابا ڏاڏا هن ملڪ ۾ آيا هئا. هو مضبوط جوان آهن. سندن ڏورا ٿلها ۽ هڏ ڪاٺ طاقت وارو هوندو آهي. پر، هنن جو قد پورو پنو هوندو آهي ۽ سندن پير ڦريل، ٽنگون مُڙيل ۽ پنيون ڏنگيون هونديون آهن. هنن کي گوشت، گيهه ۽ کير جي خوراڪ تي هيرايو ويندو آهي ۽ بادي کاڌي ۽ شراب ۽ تماڪ جي منع هوندي آهي. هنن کي هندستان جي ڪشتي بازن جيان ماني کارائي، ٿُلهو ڪونه ڪيو ويندو آهي. هو جڏهن ميدان ۾ نڪري نروار ٿيندا آهن، تڏهن ڏسڻ وٽان هوندا آهن. هو آڙيون ۽ بند استادن کان سکندا آهن. ملهه وقت هو پٽڪو، ڪائنچ ۽ سندرو ٻڌندا آهن. هندستان جيان هتي دشمن کي پُٺي تي ڪيرائڻ ضروري نه آهي. هنن جو گوڏو زمين تي لڳو ته ملهه هارائيندو آهي. ٻن ملهن مانپوئين ملهه جنهن ماري، سو راند کٽيندو آهي. انهن مقابلن وقت ماڻهن ۾ ڏاڍو جوش هوندو آهي، تنهنڪري بعضي فسادُ ۽ خونريزي به ٿيندي آهي. سنڌي پنهنجي پاڙيسرين يعني ايرانين ۽ هندن کان ڪشتي جي هنر ۽ فن ۾ گهٽ آهن، ۽ ساڳئي وقت هو ايشيا جي ٻين قومن جيان ڪسرت ڪرڻ تي پڻ هريل نه آهن. هنن کي ڪمان ڪشڻ، ڏنڊ پچائڻ ۽ مدگر ڦيرائڻ ڪونه ايندو آهي. ملهه، اڪثر ڪري هيٺئين نموني جي مشق پچائيندا آهن: ڊوڙڻ، ٺينگ ڏيڻ، هڪ ڄنگهه تي ٽپڻ، ميل يعني پٿر جي پڃري کڻڻ، ٻانهن جي ڪارائي يا ڏوري تي ڪاٺيون ڀڃڻ، مُٺ کولڻ، ٻانهن مروڙڻ، هٿ جهلڻ ۽ لٺ ڇڏائڻ. ٻيا عام ڪسرت جا نمونا هي هئا:  ”مُٺين جو زور“ يعني مُٺ زمين تي رکي ننڍو يا وڏو ماڻهو کڻڻ،  چنبو وٺڻ: يعني آڱريون آڱرين ۾ اٽڪائي، هٿ ڇڏائڻ،  پير تي اُٿڻ: يعني زمين تي جهُڪي ويهي، هڪ ٽنگ مٿي ڪري ٻيءَ تي آهستي آهستي اُٿڻ، جو آسان ڪم نه آهي.
سنڌ ڪُشتي ملھ جي تاريخ ۾ مشهور پهلوان بکر شيدي، غلام سرور جتوئي، سڊل مڪراني، شير شيدي، سائيد داد نر، نبن جمالي، حاجي خُشڪ، نوز علي رند، دادلو شيدي، ارباب ڳاهو، نورو مڪراڻي، علي مُحمد ڪوريجو، احمد مري، غلام قادر لغاري، الله جڙيو سمون، جهڙا بهترين ملھ پهوان شامل آهن انهن پهلوانن مان ڪيترا هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، ۽ ڪيترا اڃا زور آزمائي ڪري رهيا آهن.
اڄ ڪلھ جيڪي ب رانديون ٿي رهيون آهن انهن ۾ گهڻو ڪري مصحلتن کان ڪم ورتو ويندو آهي، مگر ملھ ۾ ملھ پهلوان هڪ ٻئي کي ٻوڙي ڇڏيندا آهن، ڪن جا ت عضوا ب ڀڄي پوندا آهن آهن ڪيترن وڏن پهوانن کي ڏسندئو ت اڪثر جا گوڏا نڪتل نظر ايندا آهن،
ملھ راند يعني ملاکڙي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، جيڪڏهن ارباب، اختياري وارا خصوصاَ ثقافت کاتي وارا هن راند ڏانهن ٻين راندن وانگر ٿورو ڌيان ڏين ت هيءَ راند اڃا ب وڏي ترقي جري سگهي ٿي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏن ننڍن ڏينهن تي ملاکڙا ٿيندا رهن.


No comments:

Post a Comment