Showing posts with label 35. Show all posts
Showing posts with label 35. Show all posts

Thursday, March 12, 2020

Muhammad Hassan Shaikh Feature Sindhi MMC 35 Referred back



 First para is extra and irrelevant
Not reporting based no primary data and source mentioned
Observation, proper quotes and attributions are missing
 Many spelling mistakes 
Feature is to show, to paint a scenario 
How people come to visit their relative inmates? Attitude of jail staff etc
No human angle, No of prisoners?
Foto will be requied 
Referred back
مُحمد حسن شيخ
فيچر سنڌي
ناراجيل
ايم اي پرئيويس رول نمبر # 35
سونهري سنڌ جي شهر حيدرآباد جو نظارو ئي پنهنجو آهي، هتي جو ماحول خوشگوار هئڻ سان گڏو گڏ پُر امن پڻ آهي، هتي جا روڊ رستا، اسپتالون، اسڪول، شاپنگ مال ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون تعريف جوڳيون آهن، ڏٺو وڃي ت هتي ڪورٽون، ٿاڻا، جيلون ب منفرد آهن. ڳالھ اگر جيل جي ڪئي وڃي ت جيل هڪ جڳھ آهي جتي قيديءَ کي حفاظت سان رکيو وڃي ٿو ۽ قيدي جي تربيت و اصلاح ب ڪئي وڃي ٿي، شهر حيدرآباد ۾ ب جيل آهن.
1: هڪ سينٽرل پريزن جيل (ڊويزنل جيل) جيڪا باب_حيدرآباد يعني سٽي گيٽ وٺ واقعي آهي.
2: ٻي اسپيشل پريزن ۽ ڪريڪشنل فيڪلٽي (ڊسٽرڪٽ جيل) جنهن کي نارا جيل پڻ چيو وڃي ٿو، هيءَ جيل 1942ع ۾ قائم ٿي جنهنجو امجد حُسين غوري صاحب پهريون جيل سپريڊنٽ هُيو، جيڪا سائيٽ ايريا حيدرآباد ۾ واقع آهي.
ناراجيل ايراضيءَ جي حوالي سان 87 ايڪڙ، 4 گهنٽن ۾ پکڙيل آهي، واضع رهي ت ناراجيل جي ڀرسان هڪ جيل پوليس جو ٽرينِنگ سينٽر پڻ موجود آهي جتي سن 2007ع کان جيل پوليس جي آفسر سان گڏ آفس سپريڊنٽ يا ڪلارڪ اسٽاف کي پڻ پروموٽنگ ڪورس ۽ بيسِڪ ڪورس ڪرايا ويندا آهن.
ناراجيل ۾ سپريڊنٽ ب آهي جنهن کي ٻين لفظن جيل جو بادشاھ ب چئي سگهجي ٿو جيڪو جيل اندر مئجسٽريٽ جا اختيار پڻ رکي ٿو.
*قانون ۽ قاعدا:
جيئن ت ناراجيل بنسبت سينٽرل پريزن جيل جي هڪ ننڊو جيل آهي تنهن ڪري هتي ڪچا قيدي رکيا وڃن ٿا، هتي ملاقات جو هڪ ٽائيم مقرر آهي جڏهن ت ٽائيم کان علاوه قيدي سان مُلاقات ن ٿي سگهندي.
جيل جي قانون مطابق ليڊيز پوليس ب مقرر ٿيل آهي جيڪا قيديءَ سان مُلاقات لاءِ ايندڙ گهر وارن کان تلاشي جو ڪم سر انجام ڏيندي آهي.
هتي هيٺيون عملو يعني سپاهي، ڪلارڪ وغيرا جن جي ڊيوٽيءَ جو ٽايئم مقرر ٿيل آهي جن جي ٽايئم سان گڏو گڏ ردوبدل ٿيندي رهي ٿي، پر ڪي پوسٽون اهڙيون ب مقرر ٿيل آهن جن جي ڊيوٽي ٽايئم جي حساب سان 12 کان 14 ڪلاڪن تائين آهي.
ناراجيل ۾ هر روز صبح جو قيدين جي ڳڻپ ٿيندي آهي ۽ شام جو جيل کي نئين قانون

 
تحت اصلاح گهر جو درجو ڏنو ويو آهي.  act:2019
هتي ٻن قسمن جون ڪالونيون آهن، جن ۾ ڪيٽيگري وائز رهائش جو بندوبست ٿيل آهي، جڏهن ت هڪ اُها ڪالوني جنهن ۾ ننڍا ملازم ۽ ٻي جتي جيل جا بااعليٰ آفسير وغيره رهائش پذير  آهن، ناراجيل جو ماحول پر سُڪون ۽ دلچسپ آهي جيل جا نادريان روڊ رستا پڪا ۽ صاف سُٿرا پڻ آهن.
ويجهڙائي ۾ مختلف قسمن جا ٻوٽا رکيا ويا آهن جنهن ۾ ٻيلي کاتي وارن ناراجيل اندر تقريباََ 4000 جي لڳ ڀڳ ٻوٽا رکيا جنهنجو افتاح آءِ جي جيل نصرت حُسين مڱريو صاحب ڪيو، ٻوٽن لاءِ مالهي پڻ مقرر ٿيل آهن، جيڪي وقت مطابق پاڻي، ڀاڻ ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪري ساوڪ ڪرڻ ۾ مشغول و مصروف آهن.
ناراجيل اندر اسپتال ۽ ڪجن جتي رڌ بچاءُ وغيره ڪئي ويندي آهي، جڏهن ت جيل اندر ڏينهن ڏهاڙا ب بهترين ۽ پُرجوش طريقي سان منايا ويندا آهن، جن ۾
1: ڪشميرين سان يڪجهتي
2: سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ثقافتي ڏهاڙو
3: محرم ۾ اهلِ بيت اطهرات لاءِ ماتم ۽ مرثيا پڻ پڙهيا ويندا آهن
۽ ٻيا کوڙ تهوار ب رسم و رواج سان منايا ويندا آهن.
ناراجيل ۾ ن صرف قيدين کي رهايو وڃي ٿو پر هنن جي بنهترين اصلاح لاءِ ڪمپيوٽر ڪورس، ديني، دنياوي تعليم ڏئي معاشري جو بهترين فرد بڻايو ٿو وڃي، جڏهن ت قيدين کي صاف و شفاف پاڻي، ٽي وي، ڪتاب وغيرا ڏنا ويا آهن، هتي مختلف ڪيسن سان تعلق رکندڙ قيدي جيل اندر ايندا آهن، جن جي جيل جو عملو بهترين طريقي سان حفاظت ڪري ۽ سکيان دوران هنن کي سُٺو انسان بڻائي معاشري ۾ عزت سان رهڻ جا گُڻ پِڻجھ سيکاريا ويندا آهن. ن رڳُو تعليم پر صحت جي لحاظ کان ب بهتر کاڌو ۽ هفتي اندر قيدين جي چڪاس پڻ ڪئي وڃي ٿي.
*جيل جي ماڙي: هتي هڪ جڳھ ب آهي جنهن کي جيل جي ماڙي پڻ چيو وڃي ٿي، جيل جي ماڙي جتان پوري جيل کي نظر ۾ رکي ضابطي اندر آندي ويندو آهي، ۽ هتي هڪ جيلر جنهن کي اسٽنٽ سُپريڊنٽ آف پوليس يعني اي، ايس، پي پڻ چيئو آهي جيڪو جيل جي پوري اسٽاف ۽ قيدين کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکندو آهي.
*ناراجيل ۽ سينٽرل جيل ۾ فرق: واضع رهي ت ناراجيل سينٽرل جيل کان هر لحاظ ۾ ننڍرو ۽ مختصر پڻ آهي، جڏهن ت ناراجيل ڊسٽرڪٽ جيل ۽ سينٽرل جيل ڊويزنل جيل آهي.
ناراجيل ۾ ننڍا قيدي رکيا ويندا آحن جڏهن ت سينٽرل جيل ۾ سزا يافتا يا وڏا قيدي رکيا ويندا آحن ناراجيل هڪ ئي جيل آهي جڏهن ت سينٽرل جيل ۾ ٻارن جي جيل (بچا جيل) پڻ آهي، هتي هنر جي لحاظ کان پڻ گهڻو ڪم قيدي ڪن ٿا جن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ ٻيون پڻ ڪيتريون ئي بهترين شيون قيدي ٺاهن ٿا.
سنيٽرل جيل جي اندر ننڍڙيون ڪورٽون وغيرا ب آهن، ڦاهي کاٽ ب صرف سينٽرل جيل ۾ آهي، سينٽرل جيل هڪ حساس جڳي پڻ آهي، جڏهن ت ناراجيل خطري کان ٻاهر آهي.


Sunday, February 16, 2020

Muhammad hassan Shaikh Article Sindhi


What is today??




Not Checked

Article
Muhammad hassan Shaikh

"ملاکڙو ڪلھ ۽ اڄ"
مُحمد حسن شيخ
رول نمبر 35
جتي سنڌ ڌرتي قدرت جي ڏنل تحفن سان مالامال آهي اُتي سنڌ ثقافت جي لحاظ کان تمام پراڻي ۽ وسيع آهي، ڳالھ اگر سنڌ جي ثقافت جي ڪئي وڃي ت ٽوپي، اجرڪ، رلي ۽ ٻيون تمام شيون ساراھ جوڳيون آهن، جن سنڌ ڌرتي کي چار چنڊ هڻي چمڪائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ ثقافتي راندن جو ڪردار ب نُمايان رهيو آهي جيڪي قديم زماني کان هلنديون اچن جن ۾ ڪوڏي ڪوڏي، وانجھ وٽي، ملاکڙو ۽ ٻيون رانديون شامل آهن.
اصل ۾ ملاکڙو سنڌ ۾ جيڪا ڪُشتي رائج آهي ان کي ملھ يا ملاکڙو ڪوٺيو وڃي ٿو، ملاکڙو عام راندين کان مختلف ۽ جُدا آهي هن کي سنڌي ڪُشتي يا ملھ چون ٿا.
ملاکڙو سنڌ جي قديم ۽ تاريخي راندن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو هن راند کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان شائقين ايندا آهن ۽ ملھ پهلوانن کي وڏا انعام اقرار ڏيندا آهن، سنڌ ۾ لاکيڻي لطيف تي جيڪو ملاکڙو لڳندو آهي ان کي ڏسڻ لائي مُلڪ کان سواءِ ٻاهرين مُلڪن جا سياح ب ڏسڻ ايندا آهن ۽ ملھ پهلوانن کي وڏو داد ڏيندا آهن، ملھ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پهلوان ن صرف سُٺي کاڌ خوراڪ کائيندو آهي بلڪ هو ورزش ب ڪندو آهي.
۽ کيس ملھ کي سکڻ لاءِ جهونن استادن کان گُر پڻ سکڻا پوندا آهن، جيئن جانٺو اندريون ٻاهريون وارو وگر وغيرا شامل آهن.
 اڄ ب ايران افغانستان تُرڪي روس ۽ جاپان ۾ ملھ وڙهي وڃي ٿي، وچ ايشيا ۾ هن راند کي ڪوريش چيو وڃي ٿو، جاپاني ڪُشتي سومو سان ب هن جي گهاٽي هڪجهڙائي آهي، فني طور تي فرق ايترو آهي ت بلوچستان ۽ افغانستان جي ملھ ۾ ساڄي ڪُلهي سان زور لڳايو ويندو آهي ۽ سنڌ جي ملھ ۾ کاٻي ڪُلهي تي زور آزمائي ٿيندي آهي، وچ ايشيا جي ڪوريش ۾ سنڌ سندري جي بجائي چمڙي جو پٽو ٻڌي داءُ لڳائڻ جي لاءِ هٿ وڌا ويندا آهن، سندروء اُن ڪپڙي کي چيو ويندو آهي جيڪو ملھ ملاکڙي جي دوران چيلھ جي چوڌاري ٻڌو ويندو آهي.
برٽش دور ۾ ملھ
رچرڊ برٽن برٽش دؤر ۾ سنڌ ۾ ملھ جي راند تي تبصرو ڪندي لکيو آهي تہ:"هتي هندستان جيان ورزشي آکاڙا ڪونه آهن. تنهن هوندي به ماڻهن کي ملهه جو ڏاڍو شوق آهي. پر هينئر وڏا ملهه اڪثر آفريڪا جا شيدي آهن. جن جا ابا ڏاڏا هن ملڪ ۾ آيا هئا. هو مضبوط جوان آهن. سندن ڏورا ٿلها ۽ هڏ ڪاٺ طاقت وارو هوندو آهي. پر، هنن جو قد پورو پنو هوندو آهي ۽ سندن پير ڦريل، ٽنگون مُڙيل ۽ پنيون ڏنگيون هونديون آهن. هنن کي گوشت، گيهه ۽ کير جي خوراڪ تي هيرايو ويندو آهي ۽ بادي کاڌي ۽ شراب ۽ تماڪ جي منع هوندي آهي. هنن کي هندستان جي ڪشتي بازن جيان ماني کارائي، ٿُلهو ڪونه ڪيو ويندو آهي. هو جڏهن ميدان ۾ نڪري نروار ٿيندا آهن، تڏهن ڏسڻ وٽان هوندا آهن. هو آڙيون ۽ بند استادن کان سکندا آهن. ملهه وقت هو پٽڪو، ڪائنچ ۽ سندرو ٻڌندا آهن. هندستان جيان هتي دشمن کي پُٺي تي ڪيرائڻ ضروري نه آهي. هنن جو گوڏو زمين تي لڳو ته ملهه هارائيندو آهي. ٻن ملهن مانپوئين ملهه جنهن ماري، سو راند کٽيندو آهي. انهن مقابلن وقت ماڻهن ۾ ڏاڍو جوش هوندو آهي، تنهنڪري بعضي فسادُ ۽ خونريزي به ٿيندي آهي. سنڌي پنهنجي پاڙيسرين يعني ايرانين ۽ هندن کان ڪشتي جي هنر ۽ فن ۾ گهٽ آهن، ۽ ساڳئي وقت هو ايشيا جي ٻين قومن جيان ڪسرت ڪرڻ تي پڻ هريل نه آهن. هنن کي ڪمان ڪشڻ، ڏنڊ پچائڻ ۽ مدگر ڦيرائڻ ڪونه ايندو آهي. ملهه، اڪثر ڪري هيٺئين نموني جي مشق پچائيندا آهن: ڊوڙڻ، ٺينگ ڏيڻ، هڪ ڄنگهه تي ٽپڻ، ميل يعني پٿر جي پڃري کڻڻ، ٻانهن جي ڪارائي يا ڏوري تي ڪاٺيون ڀڃڻ، مُٺ کولڻ، ٻانهن مروڙڻ، هٿ جهلڻ ۽ لٺ ڇڏائڻ. ٻيا عام ڪسرت جا نمونا هي هئا:  ”مُٺين جو زور“ يعني مُٺ زمين تي رکي ننڍو يا وڏو ماڻهو کڻڻ،  چنبو وٺڻ: يعني آڱريون آڱرين ۾ اٽڪائي، هٿ ڇڏائڻ،  پير تي اُٿڻ: يعني زمين تي جهُڪي ويهي، هڪ ٽنگ مٿي ڪري ٻيءَ تي آهستي آهستي اُٿڻ، جو آسان ڪم نه آهي.
سنڌ ڪُشتي ملھ جي تاريخ ۾ مشهور پهلوان بکر شيدي، غلام سرور جتوئي، سڊل مڪراني، شير شيدي، سائيد داد نر، نبن جمالي، حاجي خُشڪ، نوز علي رند، دادلو شيدي، ارباب ڳاهو، نورو مڪراڻي، علي مُحمد ڪوريجو، احمد مري، غلام قادر لغاري، الله جڙيو سمون، جهڙا بهترين ملھ پهوان شامل آهن انهن پهلوانن مان ڪيترا هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، ۽ ڪيترا اڃا زور آزمائي ڪري رهيا آهن.
اڄ ڪلھ جيڪي ب رانديون ٿي رهيون آهن انهن ۾ گهڻو ڪري مصحلتن کان ڪم ورتو ويندو آهي، مگر ملھ ۾ ملھ پهلوان هڪ ٻئي کي ٻوڙي ڇڏيندا آهن، ڪن جا ت عضوا ب ڀڄي پوندا آهن آهن ڪيترن وڏن پهوانن کي ڏسندئو ت اڪثر جا گوڏا نڪتل نظر ايندا آهن،
ملھ راند يعني ملاکڙي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، جيڪڏهن ارباب، اختياري وارا خصوصاَ ثقافت کاتي وارا هن راند ڏانهن ٻين راندن وانگر ٿورو ڌيان ڏين ت هيءَ راند اڃا ب وڏي ترقي جري سگهي ٿي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏن ننڍن ڏينهن تي ملاکڙا ٿيندا رهن.