Showing posts with label 07. Show all posts
Showing posts with label 07. Show all posts

Tuesday, March 10, 2020

Aftab Gul, Feature Sindhi MA 7 Revised

Revised 
Editors pls check, are instructions carried or not?

مير غلام محمد ٽالپر جو مدرسوـ
آفتاب گل ايم اي پريويس رول نمبر ست
تاريخ گواھ آهي ته سنڌ ھميشه ھن ڌرتي تي املهه ماڻڪ ۽ موتي جھڙا جوڌا جوان تحفي ۾ ڏنا آھن، جيڪي ھر وقت پنهنجي سونھاري سنڌ لاءِ جتن ڪندا رھيا آھن. ھر مشڪل وقت ۾ سنڌ جي مٿان ڇپر ڇانءَ ٿي بيٺا آهن، لاڙ جي ڀلاري ڀون علم ۽ادڀ جو مرڪز رھي آهي. ھن خطي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آھي, جن پنهنجي علم, شعور ۽ قدرتي صلاحيتن سان پنهنجو مثالي ڪردار نباھيندي انسان ذات جي بي لوث خدمت ڪئي آھي. انهن ماـھڪ امر ڪردار جوـمالڪ غريبن جو ھڏ ڏوکي ھمدرد جنهن کي "لاڙ جو ابو" ۽ سنڌ جو سر سيد احمد خان چئجي ٿو. انھي جو نالو مير غلام محمد خان ٽالپر آهي. مير صاحب جي دور ۾ علائقي جا اڪثر ماڻهو غربت پوئتي رھيا آھن اڪثر آبادي تعليم جي سھولتن کان وانجھيل ھئي. 


وڏيرن ۽ جاگيردارن وٽ غلامي واري وسيلن جي اڻاٺ سبب انھن جو اولاد پري پري اسڪولن ۾ وڃي پڙھڻ ۽ خرچ ڀرڻ کان لاچار ھوندو  ھو علائقي ۾ وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن جو رعب ۽ تاب ھو ڪوب غريب ۽ مسڪين ماڻھو انھن اڳيان ڳالھائي اھڙي بنيادي انساني حق حاصل ڪرڻ لاء زبان کولڻ جي جرائت ڪري نه سگھندو ھو. مگر قدرتي قانون آهي ته جئين انسان ذات ڪنهن مشڪل ۾ ڦاٿل ھوندي ته اتي پالڻھار طرفان انھن جي نجات لاء ڪو نه ڪو مسيحا پيدا ٿيندو آھي. انھي سرزمين تي ھڪ اھل دل, انھن جي دل جي درمان ۽ استحصال کان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاء مير غلام محمد ٽالپر جي شڪل ۾ پيدا ٿيو. جنهن مظلوم طبقي جي اھڙي ڪسمپرسي واري حالت کي ڏسي دل ۾ ھڪ درد رکندي انھن جي تنگدستي واري زندگي کي تبديل ڪرڻ لأ سخاوت جو دريا ۽ دردن جو مداوا بنجي ھڪ اھڙي سخا لاِ سوچيو جيڪا عارضي نه پر ھميش لأ ھجي جيڪا گھٽجڻ جي بجأ وڌندي رھي. اھا سخا واري دولت ھئي جيڪا مير صاحب انھن جي مستقبل حل ۽ مستقبل جي روشن واٽ جو ھڪ ذريعو سمجھيو.١٩٢٠ع ۾ انگريزن جو راڄ ھو مسلمانن جا صرف ٢ اسڪول ھئا ھڪ ڪراچي ۾ سنڌ مرستہ الاسلام ۽ ٻيو نوشھري فيروز ۾ سيد الھندي شاھ وارو اسڪول. مير صاحب پڻ انهيَ علمي تحريڪ ۾ شامل ٿي ٽنڊوباگي شھر ۾ ١٩٢٠ع ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ٽنڊي باگي شھر  جو رھواسي, سنڌ جو نالي وارو اديب, شاعر دانشور, مورخ, محقق ۽ مثالي استاد محمد صديق مسافر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ استاد ھو جيڪو اتي جي ھڪ متعصب ھيڊماسٽر سان اڻبڻت سبب موڪل تي لھي ٽنڊي باگي پھتل ھو, ھو مير صاحب جو اڳ ۾ ئي دوست ھو جيڪو ھر موڪل ۾ اچڻ وقت ساڻس ملاقات ڪندو ھو, مير صاحب ته اھڙي ماڻهو جي تلاش ۾ ھو سو يڪدم چيائين ته آئون ھتي اسڪول کولڻ چاھيان ٿو تون پرواهه نه ڪر وڌيڪ موڪلن لاء درخواست لکي رواني ڪر ۽ کيس ۵٠ رپيه به ڏنائين ته حيدرآباد مان سامن کڻي اچ. مير صاحب سندس ئي محل ۾ اسڪول لاء ھڪ جاء مسواڙ تي وٺي ۴-۵ ڪاٺ جون بئنچون ٺھرائي ۽ پنهنجي بنگلي مان ھڪ ميز ۽ ٢ ڪرسيون چاء ۾ رکرائي ڇڏيون مسافر جي پھچڻ تي اھا جاء نه پر ھڪ اسڪول بنجي چڪو ھو ۽ مستقبل جي ھڪ وڏي علمي درسگاه جو بنياد پئچي چڪو ھو جنهن کي مسافر جي حوالي ڪري چيائين ته ھاڻي شاگرد ھٿ ڪر, آسپاس ۾ ھڪ وڏي ھلچل پيدا ٿي ويئي ته ٽنڊو ٽنڊوباگو ۽ انگريزي اسڪول علائقي واسين جي خواب خيال ۽ تصور کان تمام مٿانهين ڳالهه ھئي مگر قدرت وارو ڪنهن جو ڀاڳ کولي ته ڪا دير ئي ناهي. انهيَ وقت ۾ ٽنڊي باگي کان ١٠ ميلن جي مفاصلي تي ھڪ ڳوٽ ٿوھي ۾ ھڪ ملان مڪتب ھلندڙ ھو, مسافر اٺ ڀاڙي ڪري اتي پھتو ۽ انهيَ مڪتب مان پنج ذھين شاگرد چونڊي ھڪ جنوري ١٩٢٠ع ۾ اسڪول جي شروعات ڪئي اھي خوش قسمت شاگرد ھي آھن: (١) علي بخش ولد امام بخش لغاري ڳوٽ ٿوھي (٢) ولي محمد محمد حسن لغاري ڳوٽ ٿوھي (٣) عبدالله ولد مصري خان ڪنڀار ڳوٺ ٿوھي (۴) غلام محمد ولد محمد اسماعيل ڇڄڇڙو ڳوٽ ٿوھي (۵) غلام شاه ولد سيد بچل شاه ڳوٽ حسن جو ڀاڻ (اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ انهن جي داخلا جي تاريخ ٢ مارچ ١٩٢١ع لکيل آهي). ھي سڀ شاگرد مسافر جي اوطاق ۾ رھندا ھئا ۽ کاڌو به مسافر جي اوطاق ۾ ٺھندو ھو جنھن جو خرچ مير صاحب ادا ڪندو ھو. سال ١٩٢١ع جي شروعات ۾ شاگردن جو تعداد ۴٠ ٿي ويو جنهن ۾ ١٠ شھري ۽ ٣٠ ٻاھر جا شاگرد ھئا.
ھاسٽل  جو فوٽو
١٩٢٢ع جي شروعات ۾ مير صاحب اسڪول لاء باقاعده ھڪ نئين عمارت جو بنياد وڌو پھرئين مرحلي ۾ ١٩٢٣ع ۾ پنج ڪلاس روم (مين بلڊنگ جا) ھيڊ ماسٽر جي آفيس, ٽيچرس روم, بورڊنگ ھائوس, بورچيخانو, ڊائننگ روم, ٽيچرس ڪوارٽر  ۽ جامع مسجد واريون عمارتون ٺھي مڪمل ٿيون
اسڪول جي عمارت جوفوٽو
.١٩٣٠ع ۾ مير صاحب ھڪ انگريز آفيسر جي دعوت تي بمبئي ۾ مھمان ٿي ويو. ان جي رھائش گاه تي ٺھيل ڊائننگ روم ۽ عمارت جو نقشوايترو ته وڻيو جو مير صاحب ماني کائڻ وقت دل ۾ سوچيو ته  جيڪڏهن ھڪ انگريز  آفيسر  اھڙي ڊائننگ ھال ۾ کاڌو کائي سگهي ٿو ته منهنجو اولاد به اھڙي ئي ڊائننگ ھال ۾ کاڌو کائي سگهي ٿو ۽ ١٩٣٠ع ۾ ڊائننگ ھال ٺھي تعمير ٿيو. ١٩٣٢ع تائين اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد ٦٢٩ ھو مير صاحب جي وفات کان پوء سنڌ حڪومت اسڪول کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي باقاعده تعليم کاتي ۾ ڏنو انتظاميه طرفان پھريون ھيڊ ماسٽر جي اي سومرو کي مقرر ڪيو ويو.
١٩٩٠ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان اپگريڊ ڪري ھائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو جنهن جو پھريون پرنسپال مرحوم محمد عمر سمون مقرر ڪيو ويو. ھن اسڪول مان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڇاڇرو, مٺي, اسلام ڪوٽ, سجاول جاتي مٽياري ھالا ٽنڊومحمدخان ٽنڊوالھيار شھدادڪوٽ نوشھروفيروز نوابشاھ شڪارپور بدين ضلع جو ھر شھر ۽ گوٺ کانسواء سنڌ جي ٻين ڪيترن علائقن جا غريب ٻار تعليم پرائي نڪتا آھن.
مير غلام محمد ٽالپر ٺھرايل ھن اسڪول ۾ ھاسٽل جي بلڊنگ اڄ ساڳي حالت ۾ موجود آهي. سال ٢٠٠٠ع ۾ سنڌ سرڪار ھن اسڪول واري بلڊنگ کي تاريخي ورثو قرار ڏيئي اسڪول جي بلڊنگ کي پارڻي شڪل ۾ ٻيھر تعمير ڪرائي برقرار رکيو آهي. جڏهن ته مير غلام محمد ٽالپر  پاران ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردن جي ماني کائڻ وارو ڊائننگ ھال جي خوبصورت ٺھرايل ھئي جيڪا انتھائي زبون ٿي وئي آهي, جنهن جي ڪري سرڪاري طور تي ڪا به مرمت ن ڪرائي وئي آھي.
اجڙيل ڊئننگ ھال جو فوٽو

ھن وقت مير غلام محمد ٽالپر جي ھن ھاير سيڪنڊري اسڪول ۾ پرنسيپل ڪريم بخش پنھور ١٢ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استاد ھاء اسڪول سيڪشن ۾ فرسٽ اسسٽنٽ فيض اڍيجو سميت ٢٠ ھاء اسڪول ماستر ٧ جونيئر اسڪول ماستر ٦ ڪلرڪ ١٨ لوئور اسٽاف جا ملازم ڪاليج سيڪشن ۾ ٢٠٠٠ کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رھيا آھن ان کان سواء ٢٠ ھزار کان مٿي پراڻا شاگرد ھن اسڪول مان تعليم 
پرائي ويا آهن.

======================================
Not reporting based. Nothing is written in interesting manner

No compare contrast 
Why hostel facility was closed?
NO story, or local event is mentioned
This all data is known to every one
foto is also needed
Who are old students? some names?
What exactly impact this school left?
Feature writing assignment is meant to collect and use primary data and use and write in interesting and informal manner
Referred back
file till March 12
مير غلام محمد جو لارينس مدرسو

آفتاب گل، ايم اي پرويوس، رول نمبر ست
تاريخ گواھ آهي ته سنڌ ھميشه ھن ڌرتي تي املهه ماڻڪ ۽ موتي جھڙا جوڌا جوان تحفي ۾ ڏنا آھن، جيڪي ھر وقت پنهنجي سونھاري سنڌ لاءِ جتن ڪندا رھيا آھن. ھر مشڪل وقت ۾ سنڌ جي مٿان ڇپر ڇانءَ ٿي بيٺا آهن، انهن ڪنڌارن مان مير غلام محمد ٽالپر به ھڪ آھي جيڪو لاڙ پٽ جي عوام لاءِ ھڏ ڏوکي ۽ سندن ٻچڙن لاءِ رھبر ٿي رھيو آهي.
مير باگي خان جي خاندان مان مير محمد خان ٽالپر درويش صفت انسان ۽ سخي مرد ٿي گذريو آھي. سندن سخاوت جو به عجيب مثال آھي. سندن خاندان ۾ ڪا شادي ٿي يا فوتگي ٿيندي هئي ته ان جو سمورو خرچ ھي پاڻ ڀريندو ھو. 1876ع ۾ مير محمد خان جي گهر ۾ ھڪ اھڙي ٻار جو جنم ٿيو جنهن نه رڳو حياتي ۾ سخاوت ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو سنھري اکرن ۾ لکيو پر ھن لاڙ جي اٻوجھ ۽ غريب ماڻهن جي ڪکائن گهر ۾ تعليم جي اھڙي ته شمع روشن ڪئي جنھن جي لاٽ اڄ تائين امر آھي.
ٽنڊوباگو جو تاريخي لارينس مدرسو جيڪو سنڌ ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ھن مدرسي جي منفرد  حيثيت رهي آهي ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ ١٩٠٠ع کان اڳ يا پوءِ جيڪي مدرسا قائم ٿيا انهن کي قائم ڪندڙن سمورو خرچ پنهنجي ھڙان وڙان ڪونه ڪيو پر انهن انگريز  سرڪار  کان مالي مدد ۽ سنڌ جي وڏن زميندارن ۽  جاگيردارن کان چندا وٺي اھي مدرسا تعمير ڪرايا پر لاڙ پٽ جي ھن عظيم انسان مير غلام محمد ٽالپر ٽنڊوباگو ۾ ٺھرايل  ھن عظيم درسگاهه لارينس مدرسي لاءِ چندي ۾ ھڪـ رپيو  به ڪنهن کان نه ورتو .
مير غلام محمد بمبئي ويو، ھي جنهن عمارت ۾ رھيو ان جو نقشو کيس ايترو ته وڻيو جو ھن جڏهن ١٩٢١ع ۾ ٽنڊوباگو ۾ لارينس مدرسي جي بلڊنگ  ٺھرائڻ  شروع ڪئي ته ان جو نقشو پڻ بمبئي واري ان بلڊنگ جي طرز تي انگريزي اکر E تي رکيو. ١٩٢۴ع ۾ اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺهي راس ٿي ته اسڪول جو نالو لارينس مدرسو رکيو ويو. ان وقت لارينس انگريز سنڌ جو ڪمشنر ھو ۽ حيدرآباد جي ڪليڪٽر گبسن انگريز جي نالي تي اسڪول جي بورڊنگ ھائوس جو نالو گبسن بورڊنگ ھائوس رکيائين، جنوري ١٩٢۴ع ۾ مير غلام محمد پاران ٺھرايل  اسڪول جي نئين بلڊنگ ۾ محمد صديق مسافر اسڪول جي پڙھائي شروع ڪئي. ان وقت اسڪول ۽ بورڊنگ ھائوس کي ھلائڻ لاءِ ٔ مير غلام محمد 2 لک 50 ھزار کان وڌيڪ رقم انڊومينٽ فنڊ ۾ رکي، جنھن جي منافعي مان 1990ع تائين بورڊنگ ھائوس جو خرچ ھلندو رھيو پر 1990ع کانپوءِ ٻھراڙي جي شاگردن جي ھاسٽل ۾ رھائش واري سھولت بند ٿي ويئي. مير غلام محمد ٽالپر پاران رکيل رقم اڄ به اسڪول جي فنڊ واري بئنڪ اڪائونٽ ۾ موجود آھي. 1925ع ۾ ھن اسڪول مدرسي کي هاءِ  اسڪول جو درجو مليو. 1992ع ۾ حڪومت ھن اسڪول جو درجو وڌائي ھائير سيڪينڊري اسڪول ڪيو. جنھن بعد ھن اسڪول جي اوڀر طرف لڳو لڳ ڪاليج جي نئين بلڊنگ ٺھي، جتي ھن وقت ٻارھين درجي تائين ڪلاس ھلن ٿا. مير غلام محمد ٽالپر ٺھرايل ھن اسڪول ۾ ھاسٽل جي بلڊنگ اڄ ساڳي حالت ۾ موجود آهي. سال ٢٠٠٠ع ۾ سنڌ سرڪار ھن اسڪول واري بلڊنگ کي تاريخي ورثو قرار ڏيئي اسڪول جي بلڊنگ کي پراڻي شڪل ۾ ٻيھر تعمير ڪرائي اسڪول جي بلڊنگ کي پراڻي شڪل ۾ برقرار رکيو آهي. جڏهن ته مير غلام محمد ٽالپر  پاران ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردن جي ماني کائڻ واري ڊائنگ ھال جيڪا تمام خوبصورت ٺھرايل ھئي، سا هاڻوڪي وقت ۾  انتھائي زبون ٿي وئي آهي، جنهن جي سرڪاري طور تي ڪا به مرمت نه ڪرائي وئي آھي.
ھن وقت مير غلام محمد ٽالپر جي ھن ھائير سيڪينڊري اسڪول ۾ پرنسپل ڪريم بخش پنھور ١٢ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استاد، ھاءِ اسڪول سيڪشن ۾ فرسٽ اسسٽنٽ فيض اڍيجو سميت ٢٠ ھاءِ اسڪول استاد، ٧ جونيئر اسڪول ماستر، ٦ ڪلرڪ، ١٨ لوئر اسٽاف جا ملازم ڪاليج سيڪشن ۾ ٢٠٠٠ کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، ان کانسواءِ ٢٠ ھزار کان مٿي پراڻا شاگرد ھن اسڪول مان تعليم پرائي ويا آهن جن مان ڪيترائي ھن وقت وڏن عھدن تي فائز آهن.