Showing posts with label Abdul Kabeer. Show all posts
Showing posts with label Abdul Kabeer. Show all posts

Friday, January 22, 2021

Abdul Kabeer

this can be featurise.
Primary data needed
talk to related people. Information should be in interesting manner and reporting based.
5Ws+1H are required

Abdul Kabeer M.A previous Roll no: 03 medium sindhi feature  

Mar 11, 2020, 4:50 AM

ڪارڙو تتر
 
ڪارڙو تتر ھڪ عام پکين وانگر ھڪ پکي آھي. جيڪو اسان جي ھر عام علائقي ۾ پايو وڃي ٿو. ڪارڙو تتر اڪثر ڪري اسان کي ايشيا ۾ جام نظر اچي ٿو ب نسبت ٻين کنڊن جي مطابق پر ايشيا کنڊ جي ڪجھ ملڪن ۾ پايو وڃي ٿو. جئين ت ڪارڙو تتر انڊيا ۽ پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ پايو وڃي ٿو. پر ھڪ ٻين پکين کان مختلف آھي ڇو ت هي پکي ھڪ انمول پکي چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ت ھن جي ٻولي ھڪ بھترين ٻولي آھي. ۽ ھن جو گوشت ب تمام گھڻو ذائقيدار آھي ب نسبت ٻين پکين کان تنھن ڪري ماڻھون ھن پکي کي تمام گھڻو پسند ڪندا آھن. جڏھن ت ھتي اسان وٽ پکين جي نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي جنھن سبب اسان وٽ اھڙا خوبصورت پکي گھٽ نظر اچن ٿا. تنھن ڪري ڪارڙي تتر جو تعداد ب گهٽ پائي ويندي آھي ب نسبت ٻين پکين کان. ڪارڙي تتر جي زندگي جو وقت لڳ ڀڳ ست سال ٿئي ٿو اگر اھو ڪنھن شڪاري جي ھٿان ن ماريو وڃي . پر بدقسمتي سان ھتي اسان وٽ تتر پنھنجي زندگي جو وقت مڪمل پورو نٿو ڪري سگھي ڇو ت ھي شڪارين جي ھٿان شڪار ٿيو وڃن ٿا. ڪارڙي تتر ۾ مختلف قسمن جون جنسون پايون وڃن ٿيون جئين ت شيدي، چڻگي، ڪانگس ۽ سناسي اھي ھڪ ڪارڙي تتر جون جنسون آھن. جڏھن ت اھي مختلف جنسون آھن پر انھن جي کاد خوراڪ ھڪ ئي آھي. جڏھن ت ڪارڙا تتر ٻصر قسم جا ٿين ٿا جئين ت مادي ھڪ قسم جي ۽ نر ھڪ ٻي جنس جو ھندو آھي تنھن ڪري انھن جا ٻچا ٻصر ٿين ٿا. پر ڪڏھن ڪڏھن ائين ب ٿئي ٿو ت ھڪ قسم جا نر ۽ مادي پاڻ ۾ ملن ٿا پوء جيڪو سو اُهي ٻچا ٻصر قسم جا نٿا ٿين ساڳئين ئي جنس جا ٿين ٿا. جئين ت اگر ڪارڙو تتر شيدي جنس جو آھي ۽ اُن جي مادي ب ساڳين ئي شيدي جنس جي آھي ت پوء انھن جا ٻچا ب شيدي جنس جا ئي ٿيندا. انھن ۾ اسان کي اھڙي ڪا ب ٻي جنس نظر ن ايندي. اھڙي طرح ان کي اسان آساني سان سڃاڻي سگھون ٿا ت ھي شيدي جنس جو ڪارڙو تتر آھي. ڪارڙي تتر ۾ ٿيندڙ مختلف قسمن جون جنسون جنن ۾ تتر جي ماپ ۽ وزن ۾ فرق ٿئي ٿو. ڪنھن جنس ۾ تتر جو وزن وڌيڪ ۽ ڪنھن جنس ۾ تتر جو وزن گھٽ ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏو گڏ انھن ۾ ڪجھ ھلڻي جو ب فرق نظر اچي ٿو. جڏھن ت ڪارڙي تتر جو عام طور تي ان جو وزن اڌ ڪلو ٻدايو وڃي ٿو. ڪارڙو تتر هڪ اُهو پکي آهي جيڪو ٻين پکين وانگر مسلسل نٿو اُڏامي سگھي ۽ ٻين وانگر وڌيڪ مٿي ب نٿو  اڏامي سگهي. هي تتر سال ۾ پنج کان ست ٻچا پيدا ڪري ٿو. ڪارڙي تتر جي بيدن ڏيڻ جي موسم مارچ کان آڪٽوبر تائين هوندي آهي ۽ ان وقت  جي دوران ڪجھ تتر اهڙا ب هوندا آهن جيڪي اُن وقت ٻچا ب پيدا ڪري رهيا هوندا آهن. اُنهاري جي موسم ۾ تتر ۱۷ کان ۱۹ ڏينهن آري تي ويھ ٿو جڏنھن ت سياري جي موسم ۾ تتر ۲۰ يا ۲۱ ڏينھن آري تي ويھ ٿو. مطلب ت ڪارڙا تتر چيٽ جي موسم ۾ ب ٻچا پيدا ڪن ٿا ۽ ڪتيء جي موسم ۾ ب ٻچا پيدا ڪن ٿا. جيڪي تتر چيٽ جي موسم ۾ ٻچا پيدا ڪن ٿا اُهي ٻچا وڏا ٿي ڪري سٺا تتر چيا ويندا آهن ڇو ت اُنهن جي ٻولي سٺي ٿئي ٿي ب نسبت ڪتيء جي موسم وارن کان. ڇو ت ڪتيء ۾ جيڪي پيدا ٿيئن ٿا انهن جي ٻولي وڌيڪ سٺي ناهي هوندي ب نسبت چيٽ وارن کان جڏهن ت ڪتيء جي موسم ۾ جيڪي پيدا ٿيئن ٿا انهن جي ڄنگهن ۾ کڙاھ ننڊي هوندي آهي. ۽ جيڪي  چيٽ جي موسم ۾ پيدا ٿين ٿا انهن جي ڄنگهن ۾ کڙاھ وڏي ٿئي ٿي ب نسبت ڪتيء وارن کان. ۽ ڪارڙا تتر چيٽ جي موسم ۾ ڪڻڪن ۽ جو جون ۾ رهن ٿا پر اُن ڪڻڪ ۽ جو ۾ رهن ٿا جڏهن اُهي ڪڻڪون ۽ جو وڏا ۽ گهاٽا ٿين ٿا تڏهن وڃي ڪارڙا تتر اُنهن ۾ گهر ڪري ويهن ٿا. پر ڪجھ تتر قبرسان ۾ رهن ٿا، جتي ننڊا وڻ گهاٽا هوندا آهن ۽ جتي ماڻهن جي اچ وڃ گهٽ هجي. اهڙي طرح ڪجھ ڪارڙا تتر ڪنهن جهنگ ۾ ب رهن ٿا جتي لئين جا وڻ تمام گهاٽا هوندا آهن اتي ب رهن ٿا. ۽ ڪارڙي تتر جي جيڪا مادي آهي اُها ناهي ٻوليندي. ڪارڙي تتر جي جيڪا مادي آهي اُها پنهنجا بيدا ڪارڙي تتر جي نر کان بچائي ٿي ڇو ت جڏهن انهن بيدن مان جيڪي نر ٻچا پيدا ٿين ٿا انهن کي ڪارڙي تتر جو نر ماري ڇڏيندو آهي تنهن ڪري جيڪو سو مادي ڪوشش ڪندي آهي ت پنهنجا بيدا نر کان لڪايان. ڇو ت ڪارڙي تتر جي نر جي اِها فطرت آهي ت هُو نر ٻچن کي ماري ٿو ڇڏي. اهڙي طرح جڏهن اسان کي ڪنهن جهنگ وغيره ۾ ڪارڙو تتر اگر نظر اچي ٿو ت اُهو اڪثر ڪارڙي تتر جي مادي ئي ملي ٿي. ڪارڙي تتر جو نر ڏينهن جي وقت ٻولي ٿو رات جي وقت ناهي ٻليندو پر جڪھ تترن جا ماهر چون ٿا ت ڪو ڪو ڪارڙو تتر رات جي وقت ب ٻولي ٿو. جڏهن ت ڪارڙو تتر گرمين جي موسم .گهڻو ٻولي ٿو ۽ سياري جي موسم ۾ گهٽ ٻولي ٿو ڪارڙا تتر هڪڙا جنگلي ب ٿين ٿا جيڪي تتر جنگلي آهن اُهي جلدي ٻلڻ شروع ڪندا آهن ب نسبت پالتو تترن جي. جڏهن ت جنگلي تترن جون ڄنگهون ڳڙهيون ٿين ٿيون ۽ جنسي ڪارڙن تترن جون ڄنگهون اڇيون ٿين ٿيون. ڪارڙي تتر ۾ ٿيندڙ مختلف قسمن جون جنسون، شيدي، چڻگي، ڪانگس ۽ سناسي اهي جيڪي سي ڪارڙي تتر جون جنسون آهن. 
۱. شيدي ڪارڙو تتر جنهن جي سڃاڻپ اِها آهي ت هن جي ڇاتي بلڪل ڪاري ٿئي ٿي ، ٽنگن ۽ پيرن تي ڪارا ڪارا ٽڪا ٿين ٿا ۽ پريون ڪاريون ۽ پٺا ب ان ڪارا ٿين ٿا.
۲. چڻگي جنس جنهن جي سڃاڻپ اِها آهي ت چڻگي ڪارڙو تتر ننڊو ۽ هلڪو ٿئي ٿو ب نسبت ٻين جنسن کان ۽ مغذ گول جهرڪي جي مغذ وانگر هوندو آهي. اسان وٽ هتي اڪثر اِها جنس پائي ويندي آهي  ڇو ت هن جنس ۾ ڪارڙي تتر جي ٻولي تمام وڏي ۽ خوبصورت هوندي آهي. 
۳. ڪانگس جنس جنهن ۾ ڪارڙي تتر جا پر هيٺ هوندا آهن ۽ ٻولي ڪرڻ جي وقت هي پنهنجو پڇ هيٺ ڪندو آهي ۽ هن جو مغذ وڏو هوندو آهي ب نسبت ٻين جنسن کان.
۴. سناسي جنس ڪارڙي تتر ۾ هن جي سڃاڻپ اِها آهي ت هن ۾ ڪارڙي  تتر جي ڇاتي بلڪل ڳڙهي هوندي آهي ۽ ڳاني هڪ انچ جي لڳ ڀڳ ناسي رنگ جي هوندي آهي. پر سناسي جنس جا ڪارڙا تتر هتي اسان وٽ بلڪل نظر اچن ٿا ب نسبت ٻين جنسن کان. انهن سڀني جنسن کان چڻگي جنس تمام سٺي چئي وڃي ٿي ڇو ت اِن جنس جا ڪارڙا تتر ڏسڻ ۾ تمام سٺا لڳن ٿا ۽ ان سان گڏو گڏ هنن جي ٻولي ب  ٻين  جنسن کان وڏي هوندي آهي. ڪارڙي تتر جا شڪاري ٻن طريقن سان شڪار ڪندا آهن هڪ هي ت تڙي جي ذريعي شڪار ڪندا آهن ۽ ٻيا تتر جي ٻولي جي ذريعي شڪار ڪندا آهن. تڙي جو مطلب هي آهي ت اُن ۾ ۳ کان ۴ شڪاري هوندا آهن ۽ انهن سان گڏ ٻيا ب ماڻهون شامل هوندا آهن جيڪي  جهنگ ۾ وڃي پاڻ سان گڏ اهڙي ڪا شئي کڻندا آهن جنهن مان اهي گوڙ ۽ شور مچائين ٿا جنهن جي ڪري جهنگ ۾ ويٺل ڪارڙا تتر هوا ۾ ڀڄن ٿا پوء جيڪو سو شڪاري ان کي ڌڪ هڻي شڪار ڪن ٿا. ٻيو اِهو طريقو آهي ت شڪاري پاڻ سان گڏ هڪ تتر کڻي ٿو جهنگ ۾ وڃي ان کي ڪنهن جڳھ تي رکي ٿو پوء اهو تتر ٻولي ٿو جنهن جي ٻولي تي ٻيو تتر اچي ان جڳھ تي ويھ ٿو ان کان .پوء اُهو شڪاري ٻي تتر کي ڌڪ هڻي شڪار ڪري ٿو 
اسان وٽ ڪارڙي تترن جي ٿيندڙ نسل ڪشي ۽ شڪار جنهن جي سبب اسان وٽ انهن تترن جي ڪمي تمام گهڻي ٿيندي پئي وڃي. جڏهن ت اسان وٽ آيل ٻوڏ جيڪا ۲۰۱۰ ۽ ۲۰۱۱ ۾ جنهن تترن جي نسلن تي تمام گهڻو نقصان پهچايو جنهن ۾ ڪافي سارا تتر مري ويا هئا. سٺا ڪارڙا تتر اسان جي ٻاهراڻي لاڙ پٽ ۾ ملن ٿا. ڪارڙي تتر کي پاڻي جي ضرورت تمام گهڻي هوندي آهي ب نسبت ٻين تترن کان ۽ ڪارڙو تتر ٿر جي ريگستان ۾ توهان کي تمام گهٽ نظر ايندو ڇو ت اُتي پاڻي جي قلت گهڻي هوندي آهي. اهڙي طرح بگڙا تتر جيڪي سي ٿر جي ريگستان ۾ رهي سگهن ٿا ڇو ت انهن کي پاڻي جي ضرورت گهٽ هوندي آهي ب نسبت ڪارڙي تتر کان. اڃ کان ۲۰ سال اڳ ڪارڙا تتر جام پايا ويندا هئا اڃ جي وقت کان ڇو ت جئين ئي شڪار جو زور وڌيو تئين ئي تترن جو نسل گهٽجڻ لڳو. اگر اِهي تتر بچايا سگهن ٿا ت بس انهن جو شڪار ڪرڻ ڇڏيڏجي.

Saturday, July 25, 2020

Abdul Kabeer MMC 03 Translation. wrong composing format

 Wrong composing format. Not redabale. u may see it.

Possibly can try like this: Copy from original composing and paste it in email Msg box. first try by sending it ur self it t works, then send me. otherwise assignment can not  be considered

Abdul Kabeer  Roll no: 2k20/mmc/03

Topic.  11 smart tips writing

Medium. Sindhi - Words in original text. 1292 - Words in translation.  1042

 

 

١١ بهترين طريقا لکڻ لاء

 

 

 

ڪاغذ تي پهريون جملوحاصل ڪرڻ هڪ تمام ڏکيوٿي سگهي ٿو

ليکڪ کي چيلينج ڪنداآهن. اٺ ليکڪن کان خيالن لاءِ پڙهو

لکڻ جي عمل کي ڪيئن شروع ڪجي.

اصل ۾پيچيده لکڻيون توهانکي نننذهننکيٺاهين ٿيون. بس

مطالعي جي عنوان تي غورڪريو: ايورائيڊٽيجانتيجا

اڻسڌيءَطرح استعمال ڪيو: ڊگهال فظ استعمال ڪرڻ سان مسئلا

بيڪار.

ڇااهوبهترنه ٿيندوتهانهي مطالعي کيعنوانڏيوجيئنتوهانوڏالفظاستعمالڪرڻجواثرجڏهنتوهانکيانهنجيضرورتناهي؟

سمارٽآوازڏيڻلاءِ،توهانکيسمارٽآوازڏيڻجيڪوششبندڪرڻگهرجي. خوبينلکتساديلکڻآھي،ھڪلاڳاپيلخيالواضع۽سڌوسڌيطرحپيشڪيو.

پنهنجوپاڻ کي خراب لکڻ جي اجازت ڏيو

بهترين لکڻپڙه ڻجي صلاح ڪنهنبه مون کي ڏني هئيپنهنجوپاڻ کي خراب لکڻ جي اجازت ڏيو.“ ڪمالجيجستجوکانوڌيڪليکڪجوڪجههبهگهيرينٿو. توهان پنهنجي سر۾هڪ ڪهاڻي جوخيال،چمڪندڙ۽سونا۽شاندار،۽جيئنئيتوهانانهيپيجتيسيٽڪرڻجيڪوشش ڪئي،اهاڇانيل،سرمائي۽ڪمزور۾بدلجيوڃي. مايوسي۽مايوسياچيتوهانجيپاسي۾ويهڻ،توهانجيبدبختيءَڪمتيپنهنجوڪنڌڌوڻيندي. توهانقيمتيلکڻجووقتضايعڪريوٿاجيڪوڪجههخاصپيدانهڪرڻبابتپنهنجوپاڻکيشڪستڏئيرهيوآهي،آخرڪارتوهانڪجههبهپيدانهڪيو.

تنهنڪريآئونجيڪوچوانٿو: صرفلکانٿو! ڪجهههيٺلهيوڃو. بعد۾توهانجيتروچاهيندوچمڪڻ۽چمڪائيسگهوٿا،پرتوهانتبديليونڪرڻکانپهريان،اهوضروريآهيتهتوهانگهٽ۾گهٽڪجههڪمڪيو.

جانبوجھائيمشقجياصولنکيسمجهيو

بهترلکڻ سکڻ هڪ وڏي فرض وانگرمحسوس ٿي سگهي ٿو.

پرجيئنئيشيفهڪٻليکيٻرڻ۽هڪمڇيڪئينڀرڻسکيٿو - ۽جيئنوائلينسٽهڪڏکيائيکيباربارمشقڪريٿو - ليکڪپنهنجيصلاحيتنکيبهتربنائڻلاءِمخصوصلکڻجيٽيڪنالاجيتيعملڪريسگهنٿا.

سوچيلمشقجااصولتوهانجيسکڻکيتيزڪرڻ۾مددڪنداآهن.

1. توهانجياهملکڻينجيڪمزورينکيقائمڪريو. توهانڪهڙوبهترڪرڻچاهيوٿا؟مثالطور،توهانشايدصحيحلفظنکيچونڊڻتيڌيانڏيڻچاهينداياآسانجملولکڻتي.

 

توهان لکڻ کان ا ڳ سوچيو

توھانکيکاڌوپچائڻکانپھريائين،توھانکيعملجيرٿجيضرورتآھي.

راتجيمانيلاءِڪيراچيرهيوآهي؟اهيڇاکائڻپسندڪنٿا؟توهانطعامٺاهڻجومنصوبوٺاهيو،پنهنجوگرويحاصلڪيو،۽فيصلوڪيوتهڪهڙيطعامکيپائڻلاءِ،انهيڪريهردڪانوقتتيتيارٿيندو.

بسهڪسٺيراتجيمانيواريپارٽيجيڪامنصوبابنديجيضرورتآهي،سٺيلکڻجيشروعاتپڻسوچڻسانٿينديآهي:

5. توهانڪيرلکي رهياآهيو؟سٺناديبنکيپنهنجيپڙهندڙنجورويودلچسپهوندوآهي۽انهنجيخوابن،خوفن۽ڳجهنخواهشنکيسمجهيسگهندوآهي.

6. توهانجوآرٽيڪلڪهڙوحلڪرڻ۾مددڏيندو؟ياڪيرمقصدحاصلڪرڻ۾مددڪندو؟سٺيموادجوهڪئيواضحمقصدهوندوآهيــهڪپڙهندڙکيمتاثرڪرڻلاءِتوهانجيصلاحتيعملڪرڻلاءِ.

7. توهانجيپڙهندڙنکيانهنجيمسئلنکيحلڪرڻياانهنجيمقصدنحاصلڪرڻ۾مددلاءِروڊميپڇاآهي؟روڊميپهڪواضح۽منطقيمضمونجوبنيادآهي.

هڪسٺيليکڪجيحيثيتسان،توهانپنهنجيپڙهندڙلاءِصلاحڪارآهيو. توهانهنکيٻڌايوتهتوهانهنجامسئلاسمجهو،انهنکيحلڪرڻجيوضاحتڪريو،۽هنکيپنهنجيصلاحتيعملڪرڻجيحوصلاافزائيڪريو.

پنهنجيلکڻينکيترتيبڏيڻڪيئن

تصورڪريوته توھان پنھنجي مھمانن کي تفريح ڪرڻ لاءِ 4 وقتجيڊنرجيرٿابنديڪريرھياآھيو.

هڪسهڻوستاروتهپنهنجيبيهڪلاءِ؟ڀلامسالامرغيجيگليگلسوپڪيئن؟

يون،۽صبحجووهڻجهڙيــــمهمانـپنهنجيمهماننکيآوارهڪرڻلاءِ.

پنهنجيمٺيڏندکيمطمئنڪرڻلاءِمٽيجوهڪمٺوچپاتيچانورنسانڪافي،چانههياسنواريشايدشايدهڪچاڪليٽسانمزيدارٿوريوقتلاءِگفتگوجومزووٺي

سٺاليکڪپڻ 4 ڪورسجيمانيجيطورتيانهنجيموادجيمنصوبهبنديڪنداآهن. ۽هرحصي۾پهرينکانآخريلفظتائينپڙهندڙنکيموهيندڙرکڻجوهڪواضحمقصدهوندوآهي:

 

هتي 11 طريقاآهنجيڪيتوهانشاندارآوازشروعڪريسگهوٿا:

1. چوڻ لاءِڪجهه آهي

اهولکڻ آسان۽ تيزڪندوآهي. جڏهنتوهانوٽچوڻلاءِڪجھهناهي،توهانمجبورٿيرهياآهيوتهاهڙاجملالکڻتيجيڪيمعززسمجهنداپرڪجههنهپهچائيندا.

وڏيپڙھيو. نوٽسوٺو. سمجھدارطورپنھنجامضمونچونڊيو. پوءِپنهنجيمعلوماتپڙهندڙنسانشيئرڪريو.

2. خاص هجڻ

ٻه جملاغورڪريو.

آئون پنهنجي پوئين يارڊ۾گهڻاگلن کيوڌائيانٿو.

آئونپنهنجيپوئينيارڊن۾ 34 قسمنجاگلپوکيندوآهيان،جن۾گلابيڪنفيلوورز،ارغوانيآسٽر،پيلوڏينهن،گلسٽاڊيڊي،۽ڪلائمٽجهڙاڪلماشاملآهن.

جيڪووڌيڪدلچسپآهي؟جنهنمنهنجيمددسانمنهنجوپوئينيارڊڏسڻ۾اچيٿي؟

3. سادولفظچونڊيو

لکواستعمال ڪريوبدرانڪتبآڻڻجيبدران،ويجهيقربتبدران،مددبدرانبدرانمدد،بدرانرقمجيبدران،شروعبدرانبدران.

صرفپنهنجنلفظنکيصرفانصورت۾استعمالڪريوجڏهنتوهانجومطلبايترومخصوصهجيٻيالفظنهڪندا.

4. جملالکو

توهان کي ساڳي نسببنکيمختصررکڻ گهرجي،توهان پيراگرافکيننڙورکوٿا: اهيپڙهڻ۽سمجهڻ۾آسانآهن.

هرجملي۾هڪ سادي سوچ هئڻ گهرجي. انکان وڌيڪ پيچيدگي پيداڪري ٿو۽مونجهاريکي دعوت ڏئ يٿو.

5. فعال آوازاستعمالڪريو

انگريزي۾،پڙهندڙ SVO جملن جيترتيبکيترجيحڏينٿا: مضمون،فعل،اعتراض. هياڪيليآوازآهي.

مثالطور:

غيرفعال جملن ماڻهن کي پريشان ڪيو.

جڏهنتوهانچالوتسلسلکيريورسڪيوٿا،توهاVS ياغيرفعالآهي: Object ، Verb ، Subj

 

 Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 


Monday, May 4, 2020

Abdul Kabeer, Profile, Sindhi

To be checked

Incorrect file name and By line
Photo not sent 

 سنڌ آباد گار جو صدر حاجي
عبدالمجيد نظاماڻي
جڏهن ته اسان کي خبر آهي ته اسان جي سنڌ هڪ زرعي طور تي مالامال آهي هن سنڌ جي زمين تي ٿيندڙ ڪمند ڦٽي ڪڻڪ
ساري جؤ سورج مکي ٽماٽو بصر ۽ ٿيندڙ ٻين مختلف قسمن جون آباديون پڻ ٿيئن ٿيون۔ پر بدقسمتي سان اسان جي ننڍن زميندارن
کي آبادي جو اگھ انهن کي صحيح حق تي نه ملي رهيو آهي۔ ۽ سنڌ کي پاڻي مقرر وقت تي نه ڏيڻ جي ڪري سنڌ جي زميندارن کي
تمام گھڻون نقصان پهچي ٿو به نسبت ٻين صوبن جي۔ تنهن ڪري حاجي عبدالمجيد نظاماڻي سنڌ جي لاڙ جي زميندارن کي هڪ
جهڙائي آبادي جا اگھ ملڻ ۽ انهن کي پاڻي جي رسائي لاء ۽ انهن جي حقن لاء هڪ زميندار تنظيم جوڙي جنهن ۾ زميندارن جي
حقن ۾ ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ انهن کي پنهنجي حقن جا اگھ ڏنا ويندا ۽ انهن کي مقرر وقت تي پاڻي ڏنون ويندو۔ ان زميندار
تنظيم کي ” سنڌ آبادگار“ نالو ڏنون ويو۔ سنڌ آبادگار جي مکيه دفتر حيدرآباد ۾ آھي ۽ هي هڪ زميندارن جي لاء هڪ نجي ادارو
آهي جنهن ۾ سنڌ جي زميندارن جا مسئلا حل ڪيا ويندا ان ريت اسان هن تنظيم کي هڪ قسم جي زميندارن لاء اينجيؤز به چئي
سگهون ٿا۔ سنڌ آبادگار جو صدر حاجي عبدالمجيد نظاماڻي هميشه سنڌ جي زميندارن جي حقن لاء اٿيو آهي۔ 
حاجي عبدالمجيد
نظاماڻي لاڙ سنڌ جي ضلع ٽنڊو محمد خان ۽ ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ رهي رهيو آهي۔ هن پنهنجي تعليم ۾ وڪالت جو درجو حاصل
ڪيو۔ پاڪستان ۾ جڏهن به آبادي جي لحاظ کان جيڪي به وڏا مزاڪرات ٿين ٿا انهن مزاڪراتن ۾ حاجي عبدالمجيد نظاماڻي کي
هڪ خاص طور تي وڏي پيماني تي دوعوت ڏني ويندي آهي ۽ آبادي جي هر لحاظ کان مشورو به ان کان ورتو ويندو آهي ۽ ان
جي مشورن تي ئي غور ۽ فڪر ڪيو ويندو آهي۔ جڏهن صدر پرويز مشرف ڪالاباغ ڊيم جي ٺھراء جون ڳالهيون ڪيون ۽
چيائين ته ڪالاباغ ڊيم ٺهايو وڃي ۽ ان وقت حاجي عبدالمجيد نظاماڻي ان ڊيم جي ٺھڻ لاء بالڪل به راضي نه هو ڇو ته اگر اهو
ڊيم ٺهايو وڃي ها ته سنڌ جي زميندارن لاء پاڻي جو هڪ وڏو بهران نظر اچي ها۔ 
حاجي عبدالمجيد نظاماڻي جي ڳالهين جي مطابق
ڪالاباغ ڊيم هڪ اهڙي جگھ تي تعمير ڪيو پي ويو جتان ايندڙ سڃو سنڌون درياء جو پاڻي ڪالاباغ ڊيم ۾ اچي لهي ها ۽ ان بابت
سنڌون درياء ۾ پاڻي جي وڏي قلت ٿئي ها۔ اهڙي طرح سنڌ جي زمينن تي خشڪي ڇائجي وڃي ها ۽ صوبو سنڌ زرعي معيشت
جي هوالي سان ٻين صوبن کان ڪمزور ٿي وڃي ها ۽ سنڌ جا ڪافي ننڍا زميندار بيروزگار ٿي وڃن ها۔ ان حوالي سان حاجي
عبدالمجيد نظاماڻي ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهڻ جي لاء تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون ۽ ان ڪوشش ۾ هيستائين ڪامياب به رهيو آهي۔
هن ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي خلاف سنڌ جا سمورا وڏا زميندار پڻ گڏ ڪيا ۽ انهن کي آگها ڪري سمجهايو ته هي ڊيم اسان جي سنڌ
جي زمينن کي غيرآباد ڪري ڇڏيندو ڇو ته هي ڊيم هڪ اهڙي جگھ تي تعمير ڪيو پيو وڃي جتان درياء سنڌ جو سمورو ايندڙ
پاڻي ان ڊيم وٽ اچي گڏ ٿيندو ۽ پوء هتي اسان وٽ پاڻي جي قلت جو شڪار هميشه جي لاء بڻجي ويندو۔ ان ڊيم جي منصوبي کي
روڪ جي لاء هن شخص هر اها مدد ڪئي جيڪا هي ڪري سگهيو ٿي۔

حاجي عبدالمجيد نظاماڻي جا ڪجھ قول ۽ ڪهاوتون۔ جن جي هڪ هي چوڻي تمام سٺي ۽ هر انسان لاء ڪارائتي پڻ آهي۔ ان جي
چوڻي هي آهي ته ” فرض قرض ۽ مرض انهن ٽن ڳالهين تي انسان کي ڪڏهن به دير ڪرڻ نه گهرجي اگر ڪو شخص انهن ٽن
ڳالهين تي دير ڪري ٿو ته ان کي خبر نه پوندي ته هن جو اندروني ڪيڏو نقصان ٿي رهيو آهي۔ حاجي عبدالمجيد نظاماڻي ڪتاب
۽ اخبارن پڙهڻ جو عادي آهى۔ ڪتاب پڙهڻ ۾ هي اڪثر شاه جو رسالو پڙهندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن شخص کي شاه جي
شاعري ۽ ان جي سمجهاڻي تشريح سميت ياد آهي۔ اخبار پڙهڻ ۾ هي اڪثر سنڌي ”ڪاوش ۽ ڊان انگلش نيوز پيپر“ اهي ٻئي
نيوزپيپر مڪمل پڙهي ٿو روز جي بنياد سان۔
سياست جي دنيا ۾ هن ڪڏهن به پنهنجو پير نه رکيو پر هي جمعات اسلامي جي لاء هميشه لاء ھامي رهيو آهي۔

Name. Abdul Kabeer
M.A previous
Roll no: 2k20/mmc/03

Key words: Sindh Abadgar Board, Abdulmajeed Nizamani, Sindh Water issue, Badin, Kala Bagh Dam

The practical work is carried under supervision of Sohail Sangi, 
at Media and Communication Department, University of Sindh

Thursday, February 27, 2020

Abdul Kabeer Article Sindhi -MA - 03 Referred back


Its abt pollution thru industries in rural areas.
 Point not proved
Needs more references and reports
Its short, add atleast 150 words. 
File name is wrong
Also write ur name here in the file 
Mind it, writing pieces carry marks, if u do not take it seriously u will lose marks 
Referred back 

Abdul Kabeer-MA-Roll.03-  
سنڌ ۾ ڪاخانن جي ڪري ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ

اسان جي سنڌ ۾ ڪافي سارا مختلخ ڪاخانا آھن جنن ۾ ساري, ڪڻڪ,ڪپھ ۽ ڪمند جا ڪارخنا پڻ موجود آھن. جڏھن تـ اسان کي خبر آھي اسان جي سنڌ زرعي طور تي مالامال آھي. ۽ بيشڪ اسان جي ملڪ معيشت جو دارومدار بـ انھي تي آھي. پر حتي سنڌ ۾ ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ تمام گھڻو زور وٺي رھي آھي انھي جو سبب اھو آھي تـ ڪارخانن مان نڪردڙ دونھ, مشينن جو گوڙ ۽ ملن مان نڪردڙ خراب پاڻي جو ڇوڙ. جنھن جي ڪري   اسان وٽ ڪافي سارا مسٔلا جنم وٺي رھيا آھن. جانورن کي لڳندڙ بيماريون, پکين کي ۽ زمين اندر رھندڙ جاندارن کي بـ نقصان پھچي رھيو آھي. پر ھتي سنڌ ۾ شگرز ملن جي ڪري ڪافي گدلاڻ پيدا  ٿي رھي آھي ڇو تـ اھي ملون وڏي تعداد ۾ اسان جي آبھوا ۾ تمام گھڻو دونھ پيدا ڪري رھيون آھن جنھن جي ڪري اسان کي ۽ ٻئن  رھندڙ جاندارن کي صاف غذا خڻڻ جي تڪليف ٿي رھي آھي . اھي ملون فقط اسان جي آبھوا کي نقصان نـ پھچاءي رھيون آھن گڏو گڏ زمين جي پاڻي کي بـ نقصان پھچاءي رھيون آھن ۽ واھن, درياھن ۽ سمنڊ جي پاڻي کي بـ نقصان پھچاءي رھيون آھن. جنھن جي ڪري سمنڊ ۾ رھندڙ جاندارن مڇين کي تمام گھڻو نقصان پھچي رھيو آھي. ملن مان خارج ٿيندڙ خراب پاڻي جيڪو  ڪنھن بندوبست جي ذريعي نيڪال  ڪيو وڃي تـ جئن ان مان ڪو نقصان نـ ٿي سگهي. پر ھتي اسان وٽ اھڙو ڪوبـ نيڪال جو  ذريعو نـ آھي جنھن جي ڪري ملن مان نڪرندڙ اھو خراب ۽ گندو پاڻي جيڪو خليل ميدانن تي واھيو پيو وڃي. جنھن مان مختلخ قسمن جون بيماريون جنم وٺي رھيون آھن. ۽ پڻ اھو گندو پاڻي واھن ۾ بـ واھيو پيو وڃي جنھن جي ڪري آباد ٿيندڙ زمينن کي بـ تمام گھڻو نقصان پھچي رھيو آھي. ضلع بدين ۽ ٺٺي ۾ جيڪي شگر ملون آھن اھي ملون جيڪو خراب ۽ گندو پاڻي آھي ان کي سمنڊ جي طرف نيڪال ڪيو پيو وڃي. جنھن جي ڪري اتي جي سمنڊ جي مڇين کي نقصان پھچي رھيو آھي ۽ ان سان گڏو گڏ اتي جيڪي رھندڙ ملاحن کي بـ تمام گھڻيون مشڪلاتون پيدا ٿين پيون. ان سان گڏوگڏ انھن کي مڇيون مارڻ ۾ بـ تڪليفون ٿي رھيون آھن. جڏھن تـ انھن جي گھرن جو چلھو بـ مڇين کي ماري انھن کي مارڪيٽ ۾ وڪڻي ان مان ڪجھ روپيا ڪماءي ان مان ھو پنھنجو چلھو دکاءين ٿا. اھڙي طرح ضلع بدين ۾ بـ ٿي رھيو آھي. بدين ۽ تلھار ۾ جيڪي شگر ملون آھن اھي اتي ھوا, پاڻي ۽ گوڙ جي گدلاڻ پيدا ڪري رھيون آھن. اتي جيڪي ڳوٺ آھن لڳ ڀڳ 500 کان وڌيڪ آھن جيڪي انھي ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري تمام گھڻون متاثر آھن. اگر اسان وٽ انھن شئن جو صحيع طريقي سان منسوبو ٺاھيو وڃي تـ اسان کي انھن مشڪلاتن جو سامنون نـ ڪرڻو پوندو. ۽ اھڙي طرح اگر اسان پنھنجي کليل ميدانن تي وڻن کي عام ڪيو ويندو تـ اسان جي آبھوا کي اھڙو نقصان نـ پھچندو ۽ ان سان گڏوگڏ رھندڙ ٻين جاندارن کي بـ نقصان نـ پھچندو. 
۽ انھن ڪارخانن مان جيڪا نڪرندڙ ڪاربان ڊاء آڪساءيڊ جيڪا آبھواھ ۾ ملي ڪري آڪسيجن کي تمام گھڻو نقصان پھچاءي رھي آھي. جڏھن تـ ھتي اسان وٽ اڳ ۾ ٻيلن جو وجود ختم ڪيو ويو آھي. جن ٻيلن جي وڻن مان اسان کي تمام سٺي آبھوا ملندي ھٔي  ۽ آڪسيجن بـ سٺي ملندي ھٔي. جڏھن تـ شگرز ملن مان ٺھندڙ الڪوھل جنھن جو نڪرندڻ دونھ جنھن مان ايٿانول بـ خارج ٿءي ٿو. انھي ايٿانول جو ھوا ۾ خارج ٿيڻ جي ڪري آڪسيجن تي تمام گھڻو اسر ٿي رھيو آھي. ۽ ٻي سورت ۾ اھي جيڪي ڪارخانا آھن اھي شھرن کي تمام گھڻو لڳ آھن. انھن ڪارخانن ٿيندڙ گج گوڙ جيڪو عوام کي تمام گھڻو پريشان ڪري رھيو آھي جنھن ڪري عام عوام کي تمام گھڻين مشڪلاتن جو سامنون ۔  ڪرڻون پوي ٿو.