اخبار ۽ رسالي جواهم ڪم ڄاڻ ڏيڻ آهي، پر اخبار ۽ رسالي ٻنهن جو انداز مختلف هوندو آهي. جڏهن ته اخبار ۾ ننڍن مسئلن ۽ موجوده مسئلن تي لکيو ويندو آهي. پر رسالي وڏن قسمن جي موضوعنتي لکيا ويندا آهن. ۽ ان مسئلا گهرائيسان لکيا بيان ڪيا ويندا آهن. ڏٺو وڃي ته اخبار ۽ رسالي ۾ ڪهڙو فرق آهي. پهرين ته هن جي ڪالم ۾ ڏسو ته هن جو ڪردار ڇا آهي. مطلب اخبار جي مواد ۽ رسالي جي مواد کي ڏسو. رسالي ۽ اخبار جا پڙهڻ وارا مختلف هوندا آهن. اهڙيءَ طرح اخبار ۽ رسالي جي مواد جي خاڪي ۾ به فرق هوندو آهي. رسالي ۽ اخبار جي قيمت ۾ به فرق هوندو آهي. اخبار جي قيمت رسالي کان گهٽ هوندي آهي، جيئن هر پڙهندڙ آساني سان خريد ڪري پڙهي سگهي. پر رسالي جي قيمت اخبار کان وڌيڪ هوندي آهي.رسالي جي ڪاغذجو معياراخبار جي ڪاغذ کان بهتر هوندو آهي. رسالي ۾ مضمون جي ڊيگھ به گهڻي هوندي آهي. رسالي ۾ تصويرن جي معيار تصويرن جو تعداد ۽ماپ ۽ انهن جو طريقيڪار به مختلف هوندو آهي.جڏهن ته اخبار ۾ ٻولي آسان استعمال ڪئي ويندي آهي، پر رسالي ۾ ٿوري مشڪل ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي. اخبار ۾ تفريح تمام گهٽ هوندي آهي، پر رسالي ۾ تفريح وارو مواد اخبار کان وڌيڪ شامل هوندو آهي. ڪجھ رسالي هفتيوار ته ڪجھ مهينيوار شايع ٿيندا آهن. رسالي ۾ ٻيو فرق اهو هوندو آهي ته ان جو سڄو انداز غير رسمي هوندو آهي ۽ رسالي ۾ تصويرون تمام وڏيون هونديون آهن ۽ ترتيب به ڪافي مختلف هوندي آهي. هن ۾ ذاتي راءِ گهڻي شامل هوندي آهي.
رسالي لکڻ جو انداز
رسالي ۾ ڊيگھ۽ ويڪر ۾ گهڻو ضابطو هوندو آهي. جنهن جي وجھ سان سٺو مواد
انٽرنشپ
هر شاگرد انٽرنشپ ڪرڻ چاهيندو آهي، پر ان کيتمام گهڻا مسئلا پيش ايندا آهن. اسان کي اها ڳالھ ذهن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته اسان هر قسم يا هر جڳھ تي انٽرنشپ ڪري سگهون ٿا. اهو سڀ ڪرڻ بجاءِ اسان کي ٽن شين تي غور ڪرڻ گهرجي. پهريون ته اسان جي دلچسپي ڇا ۾ آهي. ٻيو ته اسان جي پنهنجي صلاحيت ڪيتري آهي ٽيون ته اسان جي مهارت ۽ تجربو ان معاملي ۾ ڪيترو آهي. اهو به سوچو ته توهان ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ پڙهي رهيا آهيو. مثال طور توهان ماس ڪميونيڪيشن ۾ پڙهي رهيا آهيو ته ان ۾ به الڳ قسم جا ڪم آهن جيئن پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا يا فلم پروڊڪشن وغيره انهن مان توهان جي دلچسپي ڇا ۾ آهي ۽ توهان ڪهڙو ڪم بهتر نموني سان ڪري سگهو ٿا. اها توهان جي لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندي. ڪيترائي وڏا ادارا آهن جيڪي انٽرنشپ جا اشتعار ويب سائيٽ يا اخبارن ۾ ڏيندا آهن
توهان جي سوشل ميڊيا تي رابطا سٺا هجن گهرجن ڇو ته اداري وارا انٽرنشپ ڪرڻ وارن کان پنهنجو سوشل ميڊيا اڪاونٽ وٺي ان ۾ جي جاچ ڪندا آهن. ته توهان ڪهڙين شين ۾ دلچسپي وٺو ٿا. جڏهن توهان ڪنهن ملڪ ۾ ويزا حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيو اهي به سڀ کان پهرين توهان جو اڪائونٽجي بنياد تي فيصلو ڪندا آهن ته هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، تنهجن ڪري توهان پنهنجي سوشل ميڊيا تي پنهنجو رڪارڊ سٺو رکڻ گهرجي. ڪنهن به اداري ۾ ڪم ڪرڻ کان پهرين ان ۾ انٽرنشپ ڪرڻ لازمي آهي.
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro
No comments:
Post a Comment