Thursday, July 30, 2020

Mashooq Brohi سب ايڊيٽر video Review

Mashooq Brohi MMC 2k19-6 video Review

معشوق علي

رول نمبر:- 2k19/mmc/6

ڪلاس:- ايم اي (پريويس) ٽرم بيڪ

اسائيمنٽ:- وڊيو ليڪچر رويو

 

ويڊيو نمبر  2

سب ايڊيٽر ريسپانسبلٽيز اينڊ اسڪلز 

https://www.youtube.com/watch?v=-Nk3jbiZxqU&t=1s

https://www.youtube.com/watch?v=ZufZkqBdQ8s&t=85s

ھن ويڊيو مان اسان سکيوسين ته  سب ايڊيٽر جو ذميداريون ڪھڙيون آھن،ھڪ  سب ايڊيٽر ۾ خاصيتون ڪھڙيون ڪھڙيون ھجڻ کپن ۽ اخباري دنيا ۾ سب ايڊيٽر جي اھميت يا ڪردار ڪيترو ھوندو آھي ۽ ايڊيٽنگ جو عمل ڪيئن ٿيندو آھي.

سب ايڊيٽر جو رول:-اخبار۾ ڪو به مواد ڪو بهخبر ڇپجڻ لاءِ ايندو آهي ته پھريان اھوسب ايڊيٽر وٽ رسندو آهي ۽ پوءِ سب ايڊيٽر جو ڪم ھوندو آ ان جون غلطيون صحيح ڪرڻ ان کي سنوارڻ ۽  سينگارڻ.۽ دلچسپ ڳالهه اھا آھي ته ڇپجڻ لاءِ ايندڙ ڪنهن خبر کي سڀ کان پھريان پڙھندڙ ۽ ان جو غلطيون ٺيڪ ڪندڙ آخري شخص سب ايڊيٽر ھوندو آھي.

سب ايڊيٽر جون ذميواريون:- سب ايڊيٽر جي ذميواري نه صرف اخباري ڪاپي کي سنوارڻ آ پر ان جون سرخيون ڪڍڻ، گرامر ٺيڪ ڪرڻ، ڪھڙيتصويرسان لاڳاپيل ڪھڙو ڦوٽو اچي، ڪھڙو گراف اچي يا گھڻا ڪالم ھجن ۽ لي آئوٽ جي سڄي ذميواري پڻ سب ايڊيٽر جي ھوندي آھي ان کان علاوه سب ايڊيٽر جي ذميواري مترجم جي پڻ ھوندي آھي.

سب ايڊيٽر جون خاصيتون:-جنرل ناليج يعني آپ ڊيٽ رھڻ ۽ ان کي سٺي طريقي سان ايڪسپريس ڪرڻ، ڪمنيوڪيشن جي سٺي صلاحيت ھجڻ، زبان ۾ ڪمانڊ ھجڻ ۽ سب ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ مترجم ۽ مضبوط تحقيقي مھارت ھجڻ گھرجي.

ايڊيٽنگ جو عمل:-مختلف ذريعن مان ملندڙ خبرون جيئن رپورٽرز، پريس رليز،مانيٽرنگ ڊيسڪ يا خبر رسان اداري مان ملندڙ خبرون پھريان نيوز ايڊيٽر وٽ پھچنديون آھن۽ پوءِ نيوز ايڊيٽر انھن خبرون کي ڏسندو آھي ء مارڪ ڪندو آهي ته ھي خبر ڪھڙي ڊسپلي يا اھميت سان وڃڻ کپي يا ھن مواد ۾ وڌيڪڪم جي ضرورت آهي ان کانپوءِ نيوز ايڊيٽر اھو رپورٽ يا خبر چيف سب ڏي موڪليندو آهي  (جيڪو سڀني سب ايڊيٽرن جو سپروائيزر ھوندو آھي) ۽ چيف سب اھو ميٽيرل ايڊيٽنگ لاءِ  متعلقه سب ايڊيٽر ڏي موڪليندو آهي مطلب ته ايڊيٽنگ جو مکيه ڪم سب ايڊيٽر جو ھوندو آھي.

 

وڊيو نمبر 8

گڊ اسٽينڊرس آف جرنلزم Good standards of journalism 

https://www.youtube.com/watch?v=wLPRCKQ-9P4&t=11s

ھن ويڊيو ۾ اسان سٺي صحافت جي ڪوڊ آف ايٿڪس جي باري ۾ سکيو ۽ جنھن مان اسان کي خبر پئي ته جنرلزم جا مکيه چار ڪور ايليمنٽس آھن.

پھريون: سچ کي ڳوليو ۽ بيان ڪريو.   Seek truth and report

ٻيو: ٻين جو گھٽ کان گھٽ نقصان.   Minimize harm

ٽيو: آزادانه طور تي ڪم ڪيو.Act independently  

چوٿون: شفاف رھو، ماڻھن جي اڳيان جوابده رھو. Be accountable and transpirt

 سچ کي تلاش ڪريو:- جيئن ميڊيا پوري معاشري جو عڪس آھي ته ان لاءِ ڪوشش  ڪيو ته سچ کي ڳوليو ۽ ان کي بيان ڪيو، سياق و سباق کي واضع طور لکو، سورس کي لکو، سورس جي نيت کي سمجهو ۽ خفيہ طريقي سان ڪم نه ڪيو ۽ اھو به ڪوشش ڪيو ته صاحب اقتدار ماڻهن کي انھن جي ذميواري جو احساس ڏياريو ڇو ته صحافي بي آواز ماڻهن جو آواز ھوندو آھي.

ٻين کي گھٽ کان گھٽ نقصان ڏيڻ:- ان ڳالھ جو خيال رکو ته اوھان جو ڏنل خبر ڪنھن جي خلاف ھوندو ته ڪنھجي حمايت م ھوندو مطلب ته ان جا ڪنھن تي ناڪاري اثر ھوندا ته ڪنھن تي ناڪاري ان لاءِ ڪوشش ڪيو ته گھٽ کان گھٽ ٻين جو نقصان ٿئي. مجرم ۽ ملزم ۾ فرق رکو ۽ انفارميشن اپ ڊيٽ ھجڻ کپي

آزادانه طور تي ڪم ڪيو:- صحافت جي پرائمري ذميداري آھي ته ھو ڪنھجي چوڻ تي ڪم نه  ڪري بلڪه آزاديءَ سان ڪم ڪري٫ ڪنھنجو فيور يا ڪنھن بہ لالچ ۾ نه اچي، ڪنھن گروپ يا ڪنھن جھڳڙي جو حصو نه ٿئي.ڪنھن سياسي اثر۾  اچڻ، گفٽ، فيس ملڻ اھڙين شين سان ديانتداري ء غيرجانبداري ساک کي ڇيهو رسندو آهي.

ماڻهن جي اڳيان جوابده رھو ۽ شفاف رھو:- يعني جيڪو خبر ڪنھن اخباري يا ڪنھن اداري ۾ ڏيو ٿا ان جي امڪاني  ذميواري توھان تي آھي.

 

 Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 


No comments:

Post a Comment