Showing posts with label Sanam. Show all posts
Showing posts with label Sanam. Show all posts

Thursday, July 30, 2020

Sanam-M.A Previous- انٽرنشپ Video Review

Video Review 
Sanam-M.A Previous- MMC48 Video Review
video lecture by Sohail Sangi

اخبار ۽ رسالي جواهم ڪم ڄاڻ ڏيڻ آهي، پر اخبار ۽ رسالي ٻنهن جو انداز مختلف هوندو آهي. جڏهن ته اخبار ۾ ننڍن مسئلن ۽ موجوده مسئلن تي لکيو ويندو آهي. پر رسالي وڏن قسمن جي موضوعنتي لکيا ويندا آهن. ۽ ان مسئلا گهرائيسان لکيا بيان ڪيا ويندا آهن. ڏٺو وڃي ته اخبار ۽ رسالي ۾ ڪهڙو فرق آهي. پهرين ته هن جي ڪالم ۾ ڏسو ته هن جو ڪردار ڇا آهي. مطلب اخبار جي مواد ۽ رسالي جي مواد کي ڏسو. رسالي ۽ اخبار جا پڙهڻ وارا مختلف هوندا آهن. اهڙيءَ طرح اخبار ۽ رسالي جي مواد جي خاڪي ۾ به فرق هوندو آهي. رسالي ۽ اخبار جي قيمت ۾ به فرق هوندو آهي. اخبار جي قيمت رسالي کان گهٽ هوندي آهي، جيئن هر پڙهندڙ آساني سان خريد ڪري پڙهي سگهي. پر رسالي جي قيمت اخبار کان وڌيڪ هوندي آهي.رسالي جي ڪاغذجو معياراخبار جي ڪاغذ کان بهتر هوندو آهي. رسالي ۾ مضمون جي ڊيگھ به گهڻي هوندي آهي. رسالي ۾ تصويرن جي معيار تصويرن جو تعداد ۽ماپ ۽ انهن جو طريقيڪار به مختلف هوندو آهي.جڏهن ته اخبار ۾ ٻولي آسان استعمال ڪئي ويندي آهي، پر رسالي ۾ ٿوري مشڪل ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي. اخبار ۾ تفريح تمام گهٽ هوندي آهي، پر رسالي ۾ تفريح وارو مواد اخبار کان وڌيڪ شامل هوندو آهي. ڪجھ رسالي هفتيوار ته ڪجھ مهينيوار شايع ٿيندا آهن. رسالي ۾ ٻيو فرق اهو هوندو آهي ته ان جو سڄو انداز غير رسمي هوندو آهي ۽ رسالي ۾ تصويرون تمام وڏيون هونديون آهن ۽ ترتيب به ڪافي مختلف هوندي آهي. هن ۾ ذاتي راءِ گهڻي شامل هوندي آهي.

رسالي لکڻ جو انداز

رسالي ۾ ڊيگھ۽ ويڪر ۾ گهڻو ضابطو هوندو آهي. جنهن جي وجھ سان سٺو مواد

 

  انٽرنشپ


هر شاگرد انٽرنشپ ڪرڻ چاهيندو آهي، پر ان کيتمام گهڻا مسئلا پيش ايندا آهن.  اسان کي اها ڳالھ ذهن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته اسان هر قسم يا هر جڳھ تي انٽرنشپ ڪري سگهون ٿا. اهو سڀ ڪرڻ بجاءِ اسان کي ٽن شين تي غور ڪرڻ گهرجي. پهريون ته اسان جي دلچسپي ڇا ۾ آهي. ٻيو ته اسان جي پنهنجي صلاحيت ڪيتري آهي ٽيون ته اسان جي مهارت ۽ تجربو ان معاملي ۾ ڪيترو آهي. اهو به سوچو ته توهان ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ پڙهي رهيا آهيو. مثال طور توهان ماس ڪميونيڪيشن ۾ پڙهي رهيا آهيو ته ان ۾ به الڳ قسم جا ڪم آهن جيئن پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا يا فلم پروڊڪشن وغيره انهن مان توهان جي دلچسپي ڇا ۾ آهي ۽ توهان ڪهڙو ڪم بهتر نموني سان ڪري سگهو ٿا. اها توهان جي لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندي. ڪيترائي وڏا ادارا آهن جيڪي انٽرنشپ جا اشتعار ويب سائيٽ يا اخبارن ۾ ڏيندا آهن

توهان جي سوشل ميڊيا تي رابطا سٺا هجن گهرجن ڇو ته اداري وارا انٽرنشپ ڪرڻ وارن کان پنهنجو سوشل ميڊيا اڪاونٽ وٺي ان ۾ جي جاچ ڪندا آهن. ته توهان ڪهڙين شين ۾ دلچسپي وٺو ٿا. جڏهن توهان ڪنهن ملڪ ۾ ويزا حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيو اهي به سڀ کان پهرين توهان جو اڪائونٽجي بنياد تي فيصلو ڪندا آهن ته هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، تنهجن ڪري توهان پنهنجي سوشل  ميڊيا تي پنهنجو رڪارڊ سٺو رکڻ گهرجي. ڪنهن به اداري ۾ ڪم ڪرڻ کان پهرين ان ۾ انٽرنشپ ڪرڻ لازمي آهي.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro


Saturday, July 25, 2020

Sanam MMC-48 ڪالم ڇا آهي؟

 Sanam

Roll No: 2k20/MMC/48             Class: M.a Previous

What is column?

Assignment Medium: Sindhi   Words in original text: 925 Words in translation: 1055

 

 

ڪالم ڇا آهي؟

ڪالم لکڻ وارن جي خيال آهي

§         ادارن جي هڪ پيتي يا صف ڪالم لکڻ وارن جي نظريي وانگر هوندي آهي، دماغ جي حقيقت سان گڏوگڏ لکڻ وارن جو خيال به ڪهاڻي آهي.

ڪالم:

·         خيالن جي تخليقي اظهارن کي اجاگر ڪندو آهي.

·         لکڻ جي شخصيت جي عڪس کي ظاهر ڪرڻ.

·         اعليٰ لکڻ واري قابليت ۽ مخصوص انداز کي ظاهر ڪرڻ.

·         اخبار جي بدران هڪ لکڻ واري جي نظريي کي ظاهر ڪرڻ.

·         (ڪنهن به قسم جي غور وفڪر، وضاحت، تفريح ڪم ڪري سگهي ٿو.

·         احتياط سان مڪمل طور تي ٻيهر پيش ڪريو جنهن ۾ صاف انٽرويو ۽ دستاويزي مشاهدا شامل هجن.

·         نئين طريقن سان عملي نموني پيش ڪيو، جيڪو ليکڪ يقيني محسوس ڪري.

·         تفسيل فراهم ڪريو جيڪو پرهندڙ کي سوچڻ جي همت ڏياري تشخيص ڪرڻ، عمل ڪرڻ ۽ روزمره جي زندگي کي ڏسڻ، نئين نقطه نظر کان سنجيده کان مزاح تائين.

·         اصل لقب استعمال ڪريو جيڪو سلنگ کي بيان ڪري يا مواد جو قسم، سٺا عنوان اڪثر ليکڪ جي نالي تي کيڏندا آهن، هڪ ليکڪ جي عڪاسي ڪندا آهن، پڻزنده عنوانن کي مناسب انداز سان عمل ڪرڻ گهرجي.

·         لڪيرون اثرائتيون آهن، ليکڪ جا فوٽو مناسب آهن.

·         ساڳئي صفعي تي اخبار ۾ باقاعده طور ظاهر ٿيو.

·         هڪ مناسب سڃاڻپ قائم ڪرڻ لاءِ ڪالمن کان، آرٽيڪل کان، ڪالمن جو عنوان، ڇهپائي جو عمل، جملن کي اشاعت جو نقشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ.

·         هڪ ڪالم ڪڏهن به ڪاغذ ۾ باقاعده خاصيتن سان سنجيده نه هجڻ گهرجي.

 

آواز:

·         موضوع رسالي تي مختصر، انداز رسمي يا غير رسمي ٿي سگهي ٿو.

ڪالم ڪنهن به موضوع تي ڌيان ڏئي سگهن ٿا.

·         راند، سماجي مسئلا، روزاني زندگي، مذهب، مشاهدن تي ڪالم لکڻ گهرجي ته جيئن پڙهندڙ سوچيٻڌي لکهي سگهي ٿو.

·         ڪالم نگار کي پنهنجي آواز کي ايترو طاقتور ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻڌڻ وارو پڙهي ٻڌي انهن تي عمل ڪري سگهي.

 

ڪالمن جا قسم:

§         نئين اسڪول جون پاليسيون.

§         شين کي سڌارڻ جي ضرورت آهي.

§         شين کي ڪهڙي طرح انجام ڏيو.

§         روزاني زندگي هڪ نوجوان جي حيثيت ۾ يا اسڪول جي ڪالمن ۾ سنگين يا مزاحيه ٿي سگهي ٿي.

اسان ڪالم هر مسئلي تي لکندا آهيون. عام طور تي پڙهندڙن جيپونئيرن جي ترقي هوندي آهي، انهن مان ڪجھ پڙهندڙ شايد توهان کي ڪهاڻي خيال سان سڃاڻي سگهن ٿا.

§         هڪ سٺو ڪالم نگار ڪالم واري نظريي کان خبردار رهندو آهي، ۽ ڄاڻيندو آهي ته لکندڙ جي ڀر ۾ ڇا ٿيو آهي.

ذاتي يا تهذيبي ڪالم:

§         ڪالمن جو هڪ اهم ترين قسم جو مشاهدو ۽ زندگي ۾ تفسير ڪندو آهي. هن قسم جي ڪالم نگار جو مطلب روزانو لکڻي کان وٺي شاگردن جي تجربي کي متاثر ڪرڻ آهي.

§         هڪ ڪالم اي سي ٽي وٺڻ جي دٻاءَ بابت لکي سگهجي ٿو، ڪيترائي رٽائرڊ استادن کي رٽائرڊ ڪرڻ وارا استاد يا هڪ پريمي سان ٽوٽل درد کي ڪيترو سمجهي سگهندا.

مزاحيه ڪالم:

§         ڪنهن زماني ۾ ماڻهن کي ڪنهن مسئلي کان آگاهي ڏيڻ جو بهترين طريقو مزاح ذريعي آهي، هڪ ڪالم نگار مسئلي کي مزاحيه ڪهاڻي ۾ بدلائي سگهي ٿو.

§         مزاح استعمال ڪرڻ آسان نه آهي، توهان جو ڇا خيال آهي، مذاق مهارن پڙهندڙن لاءِ مشڪل نه هوندو.

§         لکڻ تي پارڪنگ جي جڳھ ڳولڻ جي مشڪلات تي هڪ عاجز ڪالم لکي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن توهان مزاح استعمال ڪيو:

§         سوچو ته انهيءَ موضوع لاءِ مزاح استعمال ڪرڻ مناسب آهي.

§         ڪجھ مزاحيه شيون ٻڌايو جيڪو توهان ٻين صحافت جي شاگردن لاءِ استعمال ڪرڻ جوارادو ڪيو ۽ انهن جو رد عمل حاصل ڪيو.

§         هڪ  اشارو وٺڻ لاءِ راضي ٿيو ۽ پنهنجي مزاج جو جائزو وٺو يا ڪجھ ٻئي به ڪوشش ڪيو.

 

طرزي زندگي جا ڪالم:

§         پيشي وار اخبارون ماڻهن لاءِ آهن جيڪي مشهور لکت بابت ڪالمن کانسواءِ ڪجھ به نه لکنديون آهن. اهي عنوان موسيقي کان فيشن تائين، فيشن کان ٽي وي شوز تائين آهن.

§         طرزي زندگي جا ڪالم پڙهندڙن کي مشهور رجهانن جي ڄاڻ ڏئي ٿو.

§         ڇوڪرن جي ساٿي جي مقبوليت يا اسڪول جي نوڪري ملڻ بعد.

ڇا هڪ ڪالم دلچسپ بڻائي ٿو:

§         ڪيترن ئي مختلف پڙهندڙن کي متوجه ڪرڻ لاءِ هڪ ڪالم لکڻ گهرجي، سٺو ڪالم پڙهندڙن کي طريقي سان ڳالهايو ته ڀلي سارهايو.

§         ڪالم سنجيده ۽ گفتگو واري انداز ۾، اڻ ليکڪ ۽ پڙهندڙن مٿان گفتگوپئي ڪئي.

هڪ ڪالم ۾ ڇا نه ڪرڻ گهرجي:

§         وڏا لفظ ۽ وڏا جملا استعمال نه ڪريو، پڙهندڙ آساني سان ڪالم کي سمجهڻ چاهيندا آهن.

§         ڪالم جاري ۽ ٻيو نه رکو، پڙهندڙ پڙهڻ ڇڏي ڏيندا.

§         پڙهندڙن جي سرپرستي نه ڪيو.

اهي صلاحون ياد رکو:

§         پنهنجن پڙهندڙن تائين محدود رهو، ۽ سندن خدشن ۽ دلچسپين کي پهچايو ڪيو.

§         مسئلي تي روشني وجهو ۽ اشتعال پيدا ڪيو، جيڪڏهن پڙهندڙن توهان جي  ڪالم جو جواب ڏنو ته اها سٺي نشاني آهي ته اهو پڙهي رهيا آهن.

§         سٺو ڪالم پڙهڻ کانپوءِ پڙهڻ واري کي ڪجھ معلوم هوندو آهي، جنهن کي  هو نه سوچيندو هوندو.

پهريون، ٻيون يا ٽيون ماڻهو؟

§         هڪ ڪالم ۾ هنن مان ڪوبه قابل قبول آهي، پوءِ پڪ ڪريو ته  توهان ماڻهن کي صحيح طريقي سان پهرين، ٻئين يا ٽئين ماڻهن ۾ شامل ڪيو ٿا،  ڪالمن ۾مانجو استعمال نه ڪيو ۽ توهان پنهنجي اڌ رستي تي هلندا رهو.

ڌيان ڇڪائڻ:

§         هڪ ڪالم جا پهريان ڪجھ لفظ پڙهڻ جي توجه حاصل ڪرڻ گهرجن.

§         توهان پنهنجي سوچ مطابق ڪنهن به طريقي سان ڪالم لکڻ شروع ڪري سگهو ٿا. ڪڏهن ڪڏهن توهان جا هڪ ٻه لفظ 20 لفظن کان وڌيڪ طاقتور ٿي سگهن ٿا.

§         توهان پڻ شروع ڪري سگهو ٿا هڪ قصي يا ڪهاڻي سان اهو پڙهندڙ جي ڌيان کي ڇڪيندو آهي توهان ڇا چئي رهيا آهيو.

ڪالمن جي وچ تي:

§         شروعات کان پوءِ ڪالمن جي وچ ۾ سڀني جو ساٿ هوندو آهي، ان نقطي لاءِ جنهن جي توهان ڪوشش ڪري رهيا آهيو.

§         توهان انگ اکر، مثال يا صرف دليل استعمال ڪري سگهو ٿا.

§         مسئلي جي سڀني پاسن جي نگراني ڪيو  جيئن توهان ايڊيٽوريل ۾ ڪندا آهيو.

§         اندازي سان  ختم ٿيو.

§         ڪالم کي هڪڙي انداز ۾ ختم ڪريو پڙهندڙ کي موضوع بابت سوچڻ تي ڇڏي ڏيو.

§         توهان اها روايت شروع ڪري سگهو ٿا جنهن مطابق توهان لکڻ شروع ڪيو هو. توهان صرف خالص جملي کي استعمال ڪري سگهو ٿا. توهان ان ۾ اهو ڄا.ڻائي سگهو ٿا ته توهان ڇا ٻڌائڻ چاهيو ٿا.

 

ياد رکو:

§         هڪ ڪالم ڪنهن به شيءِ بابت ٿي سگهي ٿو جيڪا پڙهندڙن کي دلچسپي ڏياريندي.

§         هڪ ڪالم ڪنهن به طريقي سان لکي سگهجي ٿو جيڪو توهان لکڻ چاهيو ٿا.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Institute of Media & Communication Studies, University of Sindh, Jamshoro, Sindh Pakistan


Tuesday, May 5, 2020

Sanam Profile Sindhi

Revised version
To be checked Pls do not send repeated files, mark as corrected revised or other words,
mentioning the reason for sending file again

پروفائيل:ثمينه ميمڻ
صنم
2k20/MMC/48

انساني تاريخ جي هر دوۡر ۾ مردن سان گڏوگڏ عورتن به پنهنجي طريقي سان پاڻ ملهايو آهي، جنهن ۾ تعليم هجي يا هنر هجي، مختلف ادب هجي يا شاعري هجي، ان سميت زندگيءَ جي هر قسم جي ڪارنهوار ۾ عورتن جو اهم ڪردار رهيو آهي، سنڌ اندر شروعاتي ڏهاڪن واري دور ۾ عورتن جو ڪافي شين ۾ حصو گهٽ پر تمام اهم رهيو آهي. انهيءَ تسلسل کي جاري رکندي ويجهڙائي وارن ڏهاڪن ۾ مردن سان گڏوگڏ ڪافي عورتون جو سماج کي سڌارڻ لاءِ پهرين جي پيٽ ۾ وڌيڪ اڳڀريون رهيون آهن.
ويجهڙائي واري ڏهاڪن ۾ اسان وٽ محدود وسائل هجڻ ڪري تمام گهٽ عورتن پنهنجي شعوري سوچ جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪنديون هيون ۽ اڳتي نڪري اچي ڪري شعوري سجاڳي حاصل ڪنديون هيون، ثمينه ميمڻ به ويجهڙائي واري ڏهاڪن ۾ اڳتي آئي آهي ۽ پنهنجي محنت سان نالو ڪمايو آهي.
سنڌ جي نوشهروفيروز ضلعي مان گزرندڙ سپرهاءِ وي لڳ تاريخي شهر مورو ۾ ثمينه ميمڻ جو جنم ٿيو،  پرائمري تعليم مورو شهر جي احمد شاھ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊيٽ وومينس ڪاليج ڪراچيءَ، گريجوئيشن زبيده گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۽ وري ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان ڪئي.
شاعري ۽ ڪهاڻي جيڪا ادب جي اهم صنفن مان آهن، ثمينه ميمڻ  شاعري ۽ ڪهاڻيون، ناول، مضمون پڙهڻ اسڪول واري دور ۾ شروع ڪيو، جنهن بعد لکڻ جي شروعات وومينس گرلس ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين ۾ ڪهاڻيءَ طور ڪئي، جنهن ۾ انعام پڻ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ 1985ع  کان باقاعدگيءَ سان لکڻ جي شروعات مختلف اخبارن ۾ لکڻ سان ڪئي جنهن ۾ هلال پاڪستان، عوامي آواز، روزاني مهراڻ، روزاني ڪاوش، ڪاوش مئگزين ۾ ڪئي. جنهن ۾ سندس ڪهاڻيون، شاعري، مضمون، ليک، انٽرويو ۽ تبصرا پڻ شامل آهن. هن 1985ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ماهوار ”پارس“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور تي ڪم پڻ ڪيو، ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ گريجوئيشن پاران شروع ڪيل ايم، اي، ايف (M.E.F)  اسڪول ۾ پڻ استاد جي حيثيت ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين.
سنڌ ادبي بورڊ ۾ سندس مقرري 16 اپريل 1990ع ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي حيثيت ۾ ٿي. ان کان پوءِ بورڊ انتظاميه پاران کيس مليل اسائمينٽ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جون ذميواريون ڏنيون ويون. جنهن تحت هن سنڌ جي اديبن جي ڊائريڪٽري پڻ مرتب ڪئي ۽ بورڊ جي لائبرريءَ ۾ لائبررين طور مقرريءَ دوران ڪيٽالاگ پڻ جوڙيو، ان کان علاوه ٽي ماهي ”مهراڻ“  فهرست 1981ع کان 2006ع تائين پڻ مرتب ڏني.
مختلف دوۡرن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب ايڊيٽر رهي چڪا آهن. ويجهڙائيءَ واري دوۡر ۾ يعني 2011ع کان اڄ تائين سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره ، شاعره ثمينه ميمڻ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. جنهن جي ادارت ۾ مختلف وقتن ۾ ريگيولر رسالن کان علاوه خاص مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، محمد عثمان ڏيپلائي، شمشير الحيدري، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي حياتيءَ ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ صدسالا جشن جي موقعي تي شايع ٿيل ”محمد ابراهيم جويو“ ۽ مخدوم محمد امين فهيم پڻ شامل آهن. ثمينه ميمڻ سنڌي ادبي بورڊ مان نڪرندڙ ماهوار ”سرتيون“ رسالي ۽ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جي انچارج ايڊيٽر ۽ جوائنٽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. ماهوار ”سرتيون“ رسالي ۾ سندس ڳچ تعداد ۾ ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون شايع ٿيل آهن، ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو پڻ شايع ٿيل آهن.
”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور هن سنڌ جي وڏن وڏن عالمن، اديبن ۽ ليکڪن جي لکڻين سان گڏ نوجوان ليکڪن جي لکڻين کي پڻ اوليت جي بنياد تي شايع ڪري نئين ٽيلينٽ کي اُتساھ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ثمينه ميمڻ جا ٻه ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي اُستاد ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگيءَ تي شايع ٿيل مضمونن  کي مرتب ڪيو جنهن جو عنوان ”خان محمد پنهور هڪ مثالي انسان“ آهي. هن  جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مونجهارن جي صحيح ترجماني ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻيون سنڌي عورت جي زندگي جو مرڪز آهن. جنهن ۾ عام عورت جي ڏک، سک، خوشي، غم ۽ فڪر، ڪاميابي، ناڪامي سوچ ۽ لوچ تي لکيل عورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي.
 بقول هن جي ته لکڻ جي حوالي سان منهنجي رهنمائيءَ ۾ سائين امداد حسيني جو وڏو هٿ رهيو آهي. انهيءَ ٻوليءَ، گرامر ۽ ايڊيٽنگ جي باري ۾ ڄاڻ ڏني. منهنجي پسند جا ليکڪ امر جليل، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر محمود مغل، شبنم گل، ج.ع منگهاڻي امدادحسيني ۽ نسيم ٿيٻو آهن. هن جي پسند جي صنف ناول آهي. هوءَ ڪهاڻي لکڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي.هن جا پسنديده فنڪار زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي، فقير عبدالغفور ۽ عابده پروين آهن.

سندس ادبي مصروفيتن سان گڏ هوءَ هڪ گهريتڙي ۽ سگهڙ عورت  آهي. رشتن کي سنڀالڻ ۽ انهن کي نڀائڻ تي هن کي يقين آهي.پنهنجي محسنن ۽ دوستن کي هميشه ياد رکڻ سندس خوبي آهي. هوءَ ٻين جي خوشين ۾ خوش رهندي آهي، ٻين جي تڪليفون دور ڪرڻ کي ترجيع ڏئي ٿي. پنهنجي سينئرس ۽ بزرگن جو احترام ڪرڻ سندس اهم گڻ آهن. هن کي سادو کاڌو کائڻ ۽ ساده ڪپڙا پهرڻ پسند آهن.نوڪري واري وقت کان پوءِ باقي وقت پنهنجي گهر کي ڏيڻ  پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيڻ انهن سان ڪچهري ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت ڏئي ٿي. ڇو ته ٻارن جي تربيت ۾ ماءُ پيءُ جو وڏو ڪردار آهي. انهن کي پنهنجو دوست بڻائجي ۽ انهن جي ڳالهين کي ٻڌجي ته جيئن هو هر ڳالھ بنا جهجڪ شيئر ڪري سگهن. ٻارن کي بهتر تربيت سان گڏوگڏ انهن کي صحيح ۽ غلط جي پرک ڏجي ته جيئن هو غلط صحبت کان بچي سگهن.هن کي ٻه پُٽ راول ۽ خان محمد آهن، جن جي تعليم ۽ تربيت هوءَ پاڻ ۽ سندس گهر وارو عبدالمجيد پنهور گڏجي ڪن ٿا. هن جي بقول ته زندگيءَ جو ڪارونهوار خوش اسلوبي سان تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن عورت ۽ مرد هر ڏُک ۽ سک ۾ گڏجي ساٿي ٿين.   


Key words: Samina Memon, Sindhi Women writer, Sindhi Adabi board, Mehran Magazine, 

The practical work is carried under supervision of Sohail Sangi, 
at Media and Communication Department, University of Sindh

------- ------------- --------  -----------------   
Despite instructions  u attached foto in the text file
Writer's name is missing in the Sindhi
First para is not relevant its bay=t Sindhi Adabi board
Every para starts with name of ثمينه ميمڻ , this does not look good.
Information is not reporting based and also not in interesting manner.
Its all abt her literary career, nothing abt personality or personal life
Profile is describing a personality in informal manner

Sanam
M.a Previous
2k20/MMC/48
Assignment: Profile

ثمينه ميمڻ
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجھ ۽ ڀلائيءَ لاءِ سنڌ سرڪار پاران 1940ع ۾ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو ويو. جيڪو اڳتي هلي 1951ع ۾ سنڌي عوام کي هڪ منتظم ادبي ادارو فراهم ڪرڻ جي خيال کان ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو ويو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قائم ٿيڻ کان اڄ تائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ سگرم عم) آهي. انهيءَ سلسلي جي ڪڙي ”مهراڻ“ رسالي جو پڻ اجراء آهي. جنهن جو نالو علامه عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب تجويز ڪيو. هيءُ رسالو جديد ادب جي تخليق جو سرواڻ بڻيو جنهن هزارن جي تعداد ۾ نوان لکندڙ پيدا ڪيا. ۽ انهن پنهنجي شاعري ۽ مضمونن ذريعي سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. هن رسالي جو اوج محترم محمد ابراهيم جويي ۽ غلام محمد گرامي صاحب جي ادارت هيٺ ٿيو. اڳتي هلي مختلف دوۡرن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب ايڊيٽر رهي چڪا آهن. ويجهڙائيءَ واري دوۡر ۾ يعني 2011ع کان اڄ تائين سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره ، شاعره ثمينه ميمڻ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. جنهن جي ادارت ۾ مختلف وقتن ۾ ريگيولر رسالن کان علاوه خاص مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، محمد عثمان ڏيپلائي، شمشير الحيدري، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي حياتيءَ ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ صدسالا جشن جي موقعي تي شايع ٿيل ”مخدوم محمد امين فهيم“ پڻ شامل آهن.
محترمه ثمينه ميمڻ جو جنم سنڌ جي ساهتي پرڳڻي نوشهروفيروز ضلعي جي تاريخي شهر مورو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مورو شهر جي احمد شاھ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم اين، جي، وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊيٽ وومينس ڪاليج ڪراچيءَ، گريجوئيشن زبيده گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
محترمه ثمينه ميمڻ لکڻ جي شروعات وومينس گرلس ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين ۾ ڪهاڻيءَ طوري ڪئي جنهن ۾ انعام پڻ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ 1985ع  کان باقاعدگيءَ سان لکڻ جي شروعات مختلف اخبارن هلال پاڪستان، عوامي آواز، روزاني مهراڻ، روزاني ڪاوش، ڪاوش مئگزين ۾ ڪئي. جنهن ۾ سندس ڪهاڻيون، شاعري، مضمون، ليک، انٽرويو ۽ تبصرا پڻ شامل آهن. 1985ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ماهوار ”پارس“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور تي ڪم پڻ ڪيو، ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ گريجوئيشن پاران شروع ڪيل ايم، اي، ايف (M.E.F) اسڪول ۾ پڻ استاد جي حيثيت ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين.
سنڌ ادبي بورڊ ۾ سندس مقرري 16 اپريل 1090ع ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي حيثيت ۾ ٿي. ان کان پوءِ بورڊ انتظاميه پاران کييس مليل اسائمينٽ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جون ذميواريون ڏنيون ويون. جنهن تحت هن سنڌ جي اديبن جي ڊائريڪٽري پڻ مرتب ڪئي ۽ بورڊ جي لائبرريءَ ۾ لائبررين طور مقرريءَ دوران ڪيٽالاگ پڻ جوڙيو، ان کان علاوه ٽي ماهي ”مهراڻ“ فهرست 1981ع کان 2006 تائين پڻ مرتب ڏني. محترمه ثمينه ميمڻ سنڌي ادبي بورڊ مان نڪرندڙ ماهوار ”سرتيون“ رسالي ۽ ٻارڙن جي ماهوار  رسالي ”گل ڦل“ جي انچارج ايڊيٽر ۽ جوائنٽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. ماهوار ”سرتيون“ رسالي ۾ سندس ڳچ تعداد ۾ ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون شايع ٿيل آهن. ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو پڻ شايع ٿيل آهن. ۽ سرتيون رسالي جي خاص نمبرن ۾ محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، خيرالنساءِ جعفري ۽ سندس امڙ ”صاحب خاتون“ تي لکيل پروفائيل شايع ٿيل آهن. ماهوار ”پارس“ رسالي ۾ ناليواري شاعره ارم محبوب ۽ ڪهاڻيڪار ۽ ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي سربراھ آغا رافيق کان ورتل انٽرويو پڻ شايع ٿيل آهن.
ماهوار ”سرتيون“ ۾ سنڌ جي ناليواري فنڪاره مئڊم عابده پروين، نامياري چترڪار ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو ۽ شاعره سلمه پنهور، ۽ روشن ناز (ڌاريجو) کان ورتل انٽرويو پڻ شايع ٿيل آهن، ۽ مختلف وقتن تي ٻين ناليوارن شخصيتن شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، شبنم گل ۽ نسيم ٿيٻو تي پڻ پروڦائيل لکيا آهن. ۽ ڪجھ ڪتابن تي تبصرا ۽ ليک پڻ لکيا آهن.
ثمينه ميمڻ ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور سنڌ جي وڏن وڏن عالمن، اديبن ۽ ليکڪن جي لکڻين سان گڏ نوجوان ليکڪن جي لکڻين کي پڻ اوليت جي بنياد تي شايع ڪري نئين ٽيلينٽ کي اُتساھ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ثمينه ميمڻ جا ٻ ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي باني ۽ اُستاد ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگيءَ تي شايع ٿيل مضمونن  کي مرتب ڪيو جنهن جو عنوان ”خان محمد پنهور هڪ مثالي انسان“ آهي.ٻيو ڪتاب سندس لکيل ڪهاڻين تي مشتمل مجموعو ”ترورو“ جيڪو 2017ع ۾ پوپٽ پبليڪيشن خيرپورميرس پاران شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ 15 ڪهاڻيون شامل آهن، جنهن ۾ ناليواري ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو مهاڳ لکيو آهي. ۽ ٻه اکر  سنڌ جي ناليواري شاعرامداد حسيني لکيا آهن. نالي واري شاعره ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ج.ع مُنگهاڻي ، اڪبر سومرو، شبنم گل، فهيم نوناري، عبدالمجيد پنهور، نسيم خان پنهور، دين محمد ڪلهوڙو، حسينه آزاد جتوئي جي ڪهاڻين جي باري ۾ رايا شامل آهن.
ثمينه ميمڻ جو ڪهاڻيون سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مونجهارن جي صحيح ترجماني ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻيون سنڌي عورت جي زندگي جو مرڪز آهن. جنهن ۾ عام عورت جي ڏک، سک، خوشي، غم ۽ فڪر، ڪاميابي، ناڪامي سوچ ۽ لوچ تي لکيل عورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. سندس ادبي مصروفيتن سان گڏ هوءَ هڪ گهريتڙي۽ سگهڙ عورت  آهي. رشتن کي سنڀالڻ ۽ انهن کي نڀائڻ تي هن کي يقين آهي. نوڪري واري وقت کان پوءِ باقي وقت پنهنجي گهر کي ڏيڻ  پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيڻ انهن سان ڪچهري ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت ڏئي ٿي. هو ٻين جي خوشين ۾ خوش رهندي آهي، ٻين جي تڪليفون دور ڪرڻ کي ترجيع ڏئي ٿي. هن کي ٻه پُٽ راول ۽ خان محمد آهن، جن جي تعليم ۽ تربيت هوءَ پاڻ ۽ سندس گهر  وارو عبدالمجيد پنهور گڏجي ڪن ٿا. هن جي بقول ته زندگيءَ جو ڪارونهوار خوش اسلوبي سان تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن عورت ۽ مرد هر ڏُک ۽ سک ۾ گڏجي ساٿي ٿين.  


Sunday, February 16, 2020

Sanam - Article - Sindhi MA 48 Revised

Poor content


Name: Sanam
Class: M.A Previous
Roll No: 2k20-MA-48
Article: Sindhi

تباهي جي ور چڙهيل سيوهڻ شهر

سنڌ جو نالي وارو شهر سيوهڻ شريف جيڪو حضرت لعل شهباز قلندر
جي مزارڪري مشهور آهي. قلندر لعل شهباز جواصل نالو حضرت
عثمان مروندي آهي. جيڪو اصل مروند شهر جو هو. حضرت لعل
شهباز جي درگاھ تي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان زائرين زيارت لاءِ
ايندا آهن، پوءِ به هن وڏي نالي واري شهر ۾ بنيادي سهولتون موجود نه
آهن. جنهن ۾ هڪ بنيادي مسئلو صحت جو به آهي. سيوهڻ ۾ رهندڙ
ماڻهن لاءِ سرڪارطرفان تعلقه اسپتال ته تعمير ڪرائي وئي آهي، ۽ ان ۾
ڊاڪٽر به سرڪار طرفان رکيا ويا آهن، هر قسم جي جديد ٽيڪنالاجي
واريو مشينون به موجود آهن ۽ سرڪار طرفان غريب عوام لاءِ دوائون
به منظور ڪيون وڃن ٿيون .اهي سڀ سهولتون اتان جي وس وارن
ماڻهن لاءِ آهن، شهر جي غريب عوام لاءِ ڊاڪٽرن ۽ انتظاميا جو انتهائي
رويو خراب آهي، اهي دوائون ته غريب عوام تائين نه پهچايون وڃن
ٿيون. پر مٿي ڄاڻايل سهولتون غريب عوام کي مهيا نه ڪيون وڃن
ٿيون، پر اهي دوائون به غريب عوام تائين نه پهچايون وڃن ٿيون. جنهن
سبب ڪيترائي غريب ماڻهو موت کي منهن ڏئي چڪا آهن. ڄڻ ته اها
اسپتال رڳو وس وارن ماڻهن لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. درگاھ تي

ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن، اتي رهائش جو به وڏو مسئلو آهي.
زيارت تي ايندڙ زائرين لاءِ خانگي مسافر خانا ته موجود آهن. پر ڪوبه
سرڪار طرفان مسافر خاني جي سهولت موجود نه آهي. جنهن ڪري
غريب ماڻهن کي رهائش لاءِ تمام گهڻي مشڪلاتون ٿين ٿون. ان مسئلي
تي سرڪار ۽ انتظاميا طرفان ڪوبه جوڳو قدم نه کنيو ويو آهي.
سيوهڻ شهر ۾ قانون جي لاپرواهي هجڻ ڪري بدامني به وڌي وئي
آهي. جنهن سبب جهيڙا ۽ قتل عام ٿي ويا آهن، شهر ۾ ڪيترائي ماڻهو
سر عام قتل ڪيا وڃن ٿا. ڪنهن کي ذاتي دشمني جو نالو ڏئي ماريو
وڃي ٿو ته ڪنهن کي ڪارو ڪاري ڪري ۽ ڪنهن کي پئسن جي
ڪري ماريو وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ته ڪنهن ننڍي ڳالھ جي ڪري ماڻهو
کي قتل ڪيو وڃي ٿو. ۽ قانون انهن تي ڪابه ڪاروائي نه ڪري رهيو
آهي، بلڪه انهن جي مدد ڪري رهيو آهي. ڇو ته جيڪي ماڻهو انهن
ڏوهن ۾ ملوث آهن. انهن جا تعلقات سياسي ماڻهن سان آهن. جيڪڏهن
قانون ڪنهن ڏوهاري تي ڪيس ڪري ٿو ته اتان جي سياسي ماڻهن جي
مدد سان اهي ڪيس ختم ڪرايا وڃن ٿا. ۽ انهن ڏوهن کي لڪايو وڃي
ٿو. جنهن سبب اتان جي عوام ۾ حيراس ڇانئجي ويو آهي. ۽ سرڪار
طرفان انهن مسئلن جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي. شهر ۾ نشي
واريون شيون به واپرايون وڃن ٿيون. ۽ ڪيترائي نوجوان خراب
صحبت ۾ اچي چڪا آهن. جنهن سان ڪيترن ئي نوجوانن جون زندگيون
خراب ٿي رهيون آهن، نشي ڪرڻ سان ماڻهن جو دماغي توازن خراب
ٿي وڃي ٿو، ۽ انهن کي صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ نه رهي ٿي. جنهن سبب
انهن وچ ۾ ننڍي ننڍي ڳالهين تي جهيڙا ٿين ٿا. شهر جي انتظاميا ۽ قانون
به انهن ڏوهن تي ڪوبه ايڪشن نه کڻي رهي آهي. اهڙي طرح شهر ۾
بدامني ۽ ماحول تمام خراب ٿي ويو آهي. ۽ ٻيو مسئلو ڊرينيج جو آهي.

اتان جو ڊرينيج سسٽم بلڪل ناڪارا بڻيل آهي. جنهن سبب گهرن جي
ٻاهران ۽ روڊ رستن تي گندو پاڻي جمع ٿي وڃي ٿو. ۽ اتان جي عوام ۽
مسافرن کي گذرڻ ۾ تمام گهڻي مشڪلات ٿئي ٿي. سرڪار ۽ انتظاميا
انهن مسئلن تي بلڪل به ڌيان نه ڏئي رهي آهي. زيارت تي ايندڙ
مسافرن کي شيون تمام مهانگيون ڏنيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن دڪاندارن
کي انهن شين جي کي قيمت ۾ گهٽتائي لاءِ چيو وڃي ٿو ته دڪاندار تمام
خراب روئي سان پيش اچي ڪري گراهڪن کي واپس موٽائي ڇڏين ٿا.
جيڪڏهن انتظاميا ۽ سرڪار انهن مسئلن تي ڌيان نه ڏيندي ته هي نالي
وارو شهر وڌيڪ تباھ ٿي ويندو، تنهن ڪري انتظاميا ۽ سرڪار کي
گهرجي ته مٿي ڄاڻايل مسئلن تي غور ڪيو وڃي ته جيئن شهر مان
مسئلا ختم ٿين ۽ شهر جي عوام پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري
سگهي.
340 words, while 600 plus required.  
for each problem observe para 
Deal each problem separately. Civic problem like drinking water, sanitation, drainage, roads, streets, .transport etc
Problem face by Zaereen is different, that should be dealt 
 separately.

Referred back 
Also write ur name in the text in Sindhi 
Sanam
 M.A Previous
Roll No: 2k20-MA-48
Article: Sindhi
تباهي جي ور چڙهيل سيوهڻ شهر
سنڌ جو نالي وارو شهر سيوهڻ شريف جيڪو حضرت لعل شهباز قلندر جي مزارڪري مشهور آهي. قلندر لعل شهباز جواصل نالو حضرت عثمان مروندي آهي. جيڪو مروند شهر جو هو.  حضرت لعل شهباز جي درگاھ تي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان زائرين ايندا آهن، پوءِ به هن وڏي نالي واري شهر ۾ بنيادي سهولتون موجود نه آهن. جنهن ۾ غريب عوام لاءِ بنيادي  مسئلو صحت جو آهي. سيوهڻ ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ سرڪارطرفان تعلقه اسپتال تعمير ٿيل آهي، ڊاڪٽر به سرڪار طرفان رکيا ويا آهن، ۽ هر قسم جي جديد ٽيڪنالاجي واريو مشينون به موجود آهن. پراهي سڀ سهولتون اتان جي وس وارن ماڻهن لاءِ آهن، شهر جي غريب عوام لاءِ ڊاڪٽرن جو انتهائي خراب رويو آهي، ۽ مٿي ڄاڻايل سهولتون غريب عوام کي مهيا نه ٿيون ڪيون وڃن. جنهن سبب ڪيتري ئي غريب عوام موت جي منهن چڙهي چڪي آهي. ڏٺو وڃي ته اها اسپتال رڳو وس وارن ماڻهن لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. درگاھ تي ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن، ۽ ٻيو وڏو مسئلو رهائش جو به آهي. ڏٺو وڃي ته زيارت تي ايندڙ زائرين لاءِ خانگي مسافر خانا ته موجود آهن. پر ڪوبه سرڪار طرفان مسافر خاني  جي سهولت موجود نه آهي. جنهن ڪري غريب ماڻهن کي تمام گهڻي مشڪلاتن کي منهن  ڏيڻو پوي ٿو. انتظاميا طرفان ڪوبه جوڳو قدم نه کنيو آهي. سيوهڻ شهر ۾ قانون جي لاپرواهي  هجڻ ڪري بدامني به وڌي وئي آهي جنهن سبب جهيڙا ۽ قتل عام ٿي ويا آهن، شهر ۾ ڪيترائي ماڻهو سر عام قتل ڪيا ويا آهن. ڪنهن کي ذاتي دشمني جو نالو ڏئي ماريو ٿو وڃي ته ڪنهن کي ڪارو ڪاري ڪري  ۽ ڪنهن کي پئسن جي ڪري ماريو وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ته ڪنهن  ننڍي ڳالھ جي ڪري ماڻهو کي قتل ڪيو وڃي ٿو. ۽ قانون انهن تي ڪابه ڪاروائي نه ڪري رهيو آهي، بلڪه انهن جي مدد ڪري رهيو آهي. ڇو ته جيڪي ماڻهو انهن ڏوهن ۾ ملوث آهن انهن جا تعلقات سياسي ماڻهن سان آهن. جنهن سبب اتان جي ماڻهن ۾ حيراس ڇانئجي ويو آهي. ۽ سرڪار طرفان انهن مسئلن جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي.  
.