Tuesday, May 5, 2020

Sanam Profile Sindhi

Revised version
To be checked Pls do not send repeated files, mark as corrected revised or other words,
mentioning the reason for sending file again

پروفائيل:ثمينه ميمڻ
صنم
2k20/MMC/48

انساني تاريخ جي هر دوۡر ۾ مردن سان گڏوگڏ عورتن به پنهنجي طريقي سان پاڻ ملهايو آهي، جنهن ۾ تعليم هجي يا هنر هجي، مختلف ادب هجي يا شاعري هجي، ان سميت زندگيءَ جي هر قسم جي ڪارنهوار ۾ عورتن جو اهم ڪردار رهيو آهي، سنڌ اندر شروعاتي ڏهاڪن واري دور ۾ عورتن جو ڪافي شين ۾ حصو گهٽ پر تمام اهم رهيو آهي. انهيءَ تسلسل کي جاري رکندي ويجهڙائي وارن ڏهاڪن ۾ مردن سان گڏوگڏ ڪافي عورتون جو سماج کي سڌارڻ لاءِ پهرين جي پيٽ ۾ وڌيڪ اڳڀريون رهيون آهن.
ويجهڙائي واري ڏهاڪن ۾ اسان وٽ محدود وسائل هجڻ ڪري تمام گهٽ عورتن پنهنجي شعوري سوچ جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪنديون هيون ۽ اڳتي نڪري اچي ڪري شعوري سجاڳي حاصل ڪنديون هيون، ثمينه ميمڻ به ويجهڙائي واري ڏهاڪن ۾ اڳتي آئي آهي ۽ پنهنجي محنت سان نالو ڪمايو آهي.
سنڌ جي نوشهروفيروز ضلعي مان گزرندڙ سپرهاءِ وي لڳ تاريخي شهر مورو ۾ ثمينه ميمڻ جو جنم ٿيو،  پرائمري تعليم مورو شهر جي احمد شاھ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊيٽ وومينس ڪاليج ڪراچيءَ، گريجوئيشن زبيده گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۽ وري ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان ڪئي.
شاعري ۽ ڪهاڻي جيڪا ادب جي اهم صنفن مان آهن، ثمينه ميمڻ  شاعري ۽ ڪهاڻيون، ناول، مضمون پڙهڻ اسڪول واري دور ۾ شروع ڪيو، جنهن بعد لکڻ جي شروعات وومينس گرلس ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين ۾ ڪهاڻيءَ طور ڪئي، جنهن ۾ انعام پڻ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ 1985ع  کان باقاعدگيءَ سان لکڻ جي شروعات مختلف اخبارن ۾ لکڻ سان ڪئي جنهن ۾ هلال پاڪستان، عوامي آواز، روزاني مهراڻ، روزاني ڪاوش، ڪاوش مئگزين ۾ ڪئي. جنهن ۾ سندس ڪهاڻيون، شاعري، مضمون، ليک، انٽرويو ۽ تبصرا پڻ شامل آهن. هن 1985ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ماهوار ”پارس“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور تي ڪم پڻ ڪيو، ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ گريجوئيشن پاران شروع ڪيل ايم، اي، ايف (M.E.F)  اسڪول ۾ پڻ استاد جي حيثيت ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين.
سنڌ ادبي بورڊ ۾ سندس مقرري 16 اپريل 1990ع ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي حيثيت ۾ ٿي. ان کان پوءِ بورڊ انتظاميه پاران کيس مليل اسائمينٽ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جون ذميواريون ڏنيون ويون. جنهن تحت هن سنڌ جي اديبن جي ڊائريڪٽري پڻ مرتب ڪئي ۽ بورڊ جي لائبرريءَ ۾ لائبررين طور مقرريءَ دوران ڪيٽالاگ پڻ جوڙيو، ان کان علاوه ٽي ماهي ”مهراڻ“  فهرست 1981ع کان 2006ع تائين پڻ مرتب ڏني.
مختلف دوۡرن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب ايڊيٽر رهي چڪا آهن. ويجهڙائيءَ واري دوۡر ۾ يعني 2011ع کان اڄ تائين سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره ، شاعره ثمينه ميمڻ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. جنهن جي ادارت ۾ مختلف وقتن ۾ ريگيولر رسالن کان علاوه خاص مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، محمد عثمان ڏيپلائي، شمشير الحيدري، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي حياتيءَ ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ صدسالا جشن جي موقعي تي شايع ٿيل ”محمد ابراهيم جويو“ ۽ مخدوم محمد امين فهيم پڻ شامل آهن. ثمينه ميمڻ سنڌي ادبي بورڊ مان نڪرندڙ ماهوار ”سرتيون“ رسالي ۽ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جي انچارج ايڊيٽر ۽ جوائنٽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. ماهوار ”سرتيون“ رسالي ۾ سندس ڳچ تعداد ۾ ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون شايع ٿيل آهن، ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو پڻ شايع ٿيل آهن.
”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور هن سنڌ جي وڏن وڏن عالمن، اديبن ۽ ليکڪن جي لکڻين سان گڏ نوجوان ليکڪن جي لکڻين کي پڻ اوليت جي بنياد تي شايع ڪري نئين ٽيلينٽ کي اُتساھ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ثمينه ميمڻ جا ٻه ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي اُستاد ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگيءَ تي شايع ٿيل مضمونن  کي مرتب ڪيو جنهن جو عنوان ”خان محمد پنهور هڪ مثالي انسان“ آهي. هن  جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مونجهارن جي صحيح ترجماني ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻيون سنڌي عورت جي زندگي جو مرڪز آهن. جنهن ۾ عام عورت جي ڏک، سک، خوشي، غم ۽ فڪر، ڪاميابي، ناڪامي سوچ ۽ لوچ تي لکيل عورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي.
 بقول هن جي ته لکڻ جي حوالي سان منهنجي رهنمائيءَ ۾ سائين امداد حسيني جو وڏو هٿ رهيو آهي. انهيءَ ٻوليءَ، گرامر ۽ ايڊيٽنگ جي باري ۾ ڄاڻ ڏني. منهنجي پسند جا ليکڪ امر جليل، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر محمود مغل، شبنم گل، ج.ع منگهاڻي امدادحسيني ۽ نسيم ٿيٻو آهن. هن جي پسند جي صنف ناول آهي. هوءَ ڪهاڻي لکڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي.هن جا پسنديده فنڪار زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي، فقير عبدالغفور ۽ عابده پروين آهن.

سندس ادبي مصروفيتن سان گڏ هوءَ هڪ گهريتڙي ۽ سگهڙ عورت  آهي. رشتن کي سنڀالڻ ۽ انهن کي نڀائڻ تي هن کي يقين آهي.پنهنجي محسنن ۽ دوستن کي هميشه ياد رکڻ سندس خوبي آهي. هوءَ ٻين جي خوشين ۾ خوش رهندي آهي، ٻين جي تڪليفون دور ڪرڻ کي ترجيع ڏئي ٿي. پنهنجي سينئرس ۽ بزرگن جو احترام ڪرڻ سندس اهم گڻ آهن. هن کي سادو کاڌو کائڻ ۽ ساده ڪپڙا پهرڻ پسند آهن.نوڪري واري وقت کان پوءِ باقي وقت پنهنجي گهر کي ڏيڻ  پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيڻ انهن سان ڪچهري ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت ڏئي ٿي. ڇو ته ٻارن جي تربيت ۾ ماءُ پيءُ جو وڏو ڪردار آهي. انهن کي پنهنجو دوست بڻائجي ۽ انهن جي ڳالهين کي ٻڌجي ته جيئن هو هر ڳالھ بنا جهجڪ شيئر ڪري سگهن. ٻارن کي بهتر تربيت سان گڏوگڏ انهن کي صحيح ۽ غلط جي پرک ڏجي ته جيئن هو غلط صحبت کان بچي سگهن.هن کي ٻه پُٽ راول ۽ خان محمد آهن، جن جي تعليم ۽ تربيت هوءَ پاڻ ۽ سندس گهر وارو عبدالمجيد پنهور گڏجي ڪن ٿا. هن جي بقول ته زندگيءَ جو ڪارونهوار خوش اسلوبي سان تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن عورت ۽ مرد هر ڏُک ۽ سک ۾ گڏجي ساٿي ٿين.   


Key words: Samina Memon, Sindhi Women writer, Sindhi Adabi board, Mehran Magazine, 

The practical work is carried under supervision of Sohail Sangi, 
at Media and Communication Department, University of Sindh

------- ------------- --------  -----------------   
Despite instructions  u attached foto in the text file
Writer's name is missing in the Sindhi
First para is not relevant its bay=t Sindhi Adabi board
Every para starts with name of ثمينه ميمڻ , this does not look good.
Information is not reporting based and also not in interesting manner.
Its all abt her literary career, nothing abt personality or personal life
Profile is describing a personality in informal manner

Sanam
M.a Previous
2k20/MMC/48
Assignment: Profile

ثمينه ميمڻ
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجھ ۽ ڀلائيءَ لاءِ سنڌ سرڪار پاران 1940ع ۾ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو ويو. جيڪو اڳتي هلي 1951ع ۾ سنڌي عوام کي هڪ منتظم ادبي ادارو فراهم ڪرڻ جي خيال کان ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو ويو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قائم ٿيڻ کان اڄ تائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ سگرم عم) آهي. انهيءَ سلسلي جي ڪڙي ”مهراڻ“ رسالي جو پڻ اجراء آهي. جنهن جو نالو علامه عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب تجويز ڪيو. هيءُ رسالو جديد ادب جي تخليق جو سرواڻ بڻيو جنهن هزارن جي تعداد ۾ نوان لکندڙ پيدا ڪيا. ۽ انهن پنهنجي شاعري ۽ مضمونن ذريعي سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. هن رسالي جو اوج محترم محمد ابراهيم جويي ۽ غلام محمد گرامي صاحب جي ادارت هيٺ ٿيو. اڳتي هلي مختلف دوۡرن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب ايڊيٽر رهي چڪا آهن. ويجهڙائيءَ واري دوۡر ۾ يعني 2011ع کان اڄ تائين سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره ، شاعره ثمينه ميمڻ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. جنهن جي ادارت ۾ مختلف وقتن ۾ ريگيولر رسالن کان علاوه خاص مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، محمد عثمان ڏيپلائي، شمشير الحيدري، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي حياتيءَ ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ صدسالا جشن جي موقعي تي شايع ٿيل ”مخدوم محمد امين فهيم“ پڻ شامل آهن.
محترمه ثمينه ميمڻ جو جنم سنڌ جي ساهتي پرڳڻي نوشهروفيروز ضلعي جي تاريخي شهر مورو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مورو شهر جي احمد شاھ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم اين، جي، وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊيٽ وومينس ڪاليج ڪراچيءَ، گريجوئيشن زبيده گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
محترمه ثمينه ميمڻ لکڻ جي شروعات وومينس گرلس ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين ۾ ڪهاڻيءَ طوري ڪئي جنهن ۾ انعام پڻ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ 1985ع  کان باقاعدگيءَ سان لکڻ جي شروعات مختلف اخبارن هلال پاڪستان، عوامي آواز، روزاني مهراڻ، روزاني ڪاوش، ڪاوش مئگزين ۾ ڪئي. جنهن ۾ سندس ڪهاڻيون، شاعري، مضمون، ليک، انٽرويو ۽ تبصرا پڻ شامل آهن. 1985ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ماهوار ”پارس“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور تي ڪم پڻ ڪيو، ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ گريجوئيشن پاران شروع ڪيل ايم، اي، ايف (M.E.F) اسڪول ۾ پڻ استاد جي حيثيت ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين.
سنڌ ادبي بورڊ ۾ سندس مقرري 16 اپريل 1090ع ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي حيثيت ۾ ٿي. ان کان پوءِ بورڊ انتظاميه پاران کييس مليل اسائمينٽ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جون ذميواريون ڏنيون ويون. جنهن تحت هن سنڌ جي اديبن جي ڊائريڪٽري پڻ مرتب ڪئي ۽ بورڊ جي لائبرريءَ ۾ لائبررين طور مقرريءَ دوران ڪيٽالاگ پڻ جوڙيو، ان کان علاوه ٽي ماهي ”مهراڻ“ فهرست 1981ع کان 2006 تائين پڻ مرتب ڏني. محترمه ثمينه ميمڻ سنڌي ادبي بورڊ مان نڪرندڙ ماهوار ”سرتيون“ رسالي ۽ ٻارڙن جي ماهوار  رسالي ”گل ڦل“ جي انچارج ايڊيٽر ۽ جوائنٽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. ماهوار ”سرتيون“ رسالي ۾ سندس ڳچ تعداد ۾ ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون شايع ٿيل آهن. ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو پڻ شايع ٿيل آهن. ۽ سرتيون رسالي جي خاص نمبرن ۾ محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، خيرالنساءِ جعفري ۽ سندس امڙ ”صاحب خاتون“ تي لکيل پروفائيل شايع ٿيل آهن. ماهوار ”پارس“ رسالي ۾ ناليواري شاعره ارم محبوب ۽ ڪهاڻيڪار ۽ ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي سربراھ آغا رافيق کان ورتل انٽرويو پڻ شايع ٿيل آهن.
ماهوار ”سرتيون“ ۾ سنڌ جي ناليواري فنڪاره مئڊم عابده پروين، نامياري چترڪار ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو ۽ شاعره سلمه پنهور، ۽ روشن ناز (ڌاريجو) کان ورتل انٽرويو پڻ شايع ٿيل آهن، ۽ مختلف وقتن تي ٻين ناليوارن شخصيتن شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، شبنم گل ۽ نسيم ٿيٻو تي پڻ پروڦائيل لکيا آهن. ۽ ڪجھ ڪتابن تي تبصرا ۽ ليک پڻ لکيا آهن.
ثمينه ميمڻ ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور سنڌ جي وڏن وڏن عالمن، اديبن ۽ ليکڪن جي لکڻين سان گڏ نوجوان ليکڪن جي لکڻين کي پڻ اوليت جي بنياد تي شايع ڪري نئين ٽيلينٽ کي اُتساھ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ثمينه ميمڻ جا ٻ ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي باني ۽ اُستاد ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگيءَ تي شايع ٿيل مضمونن  کي مرتب ڪيو جنهن جو عنوان ”خان محمد پنهور هڪ مثالي انسان“ آهي.ٻيو ڪتاب سندس لکيل ڪهاڻين تي مشتمل مجموعو ”ترورو“ جيڪو 2017ع ۾ پوپٽ پبليڪيشن خيرپورميرس پاران شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ 15 ڪهاڻيون شامل آهن، جنهن ۾ ناليواري ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو مهاڳ لکيو آهي. ۽ ٻه اکر  سنڌ جي ناليواري شاعرامداد حسيني لکيا آهن. نالي واري شاعره ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ج.ع مُنگهاڻي ، اڪبر سومرو، شبنم گل، فهيم نوناري، عبدالمجيد پنهور، نسيم خان پنهور، دين محمد ڪلهوڙو، حسينه آزاد جتوئي جي ڪهاڻين جي باري ۾ رايا شامل آهن.
ثمينه ميمڻ جو ڪهاڻيون سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مونجهارن جي صحيح ترجماني ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻيون سنڌي عورت جي زندگي جو مرڪز آهن. جنهن ۾ عام عورت جي ڏک، سک، خوشي، غم ۽ فڪر، ڪاميابي، ناڪامي سوچ ۽ لوچ تي لکيل عورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. سندس ادبي مصروفيتن سان گڏ هوءَ هڪ گهريتڙي۽ سگهڙ عورت  آهي. رشتن کي سنڀالڻ ۽ انهن کي نڀائڻ تي هن کي يقين آهي. نوڪري واري وقت کان پوءِ باقي وقت پنهنجي گهر کي ڏيڻ  پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيڻ انهن سان ڪچهري ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت ڏئي ٿي. هو ٻين جي خوشين ۾ خوش رهندي آهي، ٻين جي تڪليفون دور ڪرڻ کي ترجيع ڏئي ٿي. هن کي ٻه پُٽ راول ۽ خان محمد آهن، جن جي تعليم ۽ تربيت هوءَ پاڻ ۽ سندس گهر  وارو عبدالمجيد پنهور گڏجي ڪن ٿا. هن جي بقول ته زندگيءَ جو ڪارونهوار خوش اسلوبي سان تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن عورت ۽ مرد هر ڏُک ۽ سک ۾ گڏجي ساٿي ٿين.  


No comments:

Post a Comment