پروفائيل-
رياض ٻگهيو _
ريڊيو جي دنيا جو سريلو آواز
بلال مُصطفيٰ ٻگهيو _ رول نمبر 16
زندگيءَ ۾ هر انسان چاهيندو آھي ته هو
پنهنجي لڳاتار محنتن، ڪشالن ۽ جفاڪشي سان پنهنجي منزل کي بامقصد بنائي ۽ ان کي
حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري، من جون سموريون رٿائون راس آڻي ان مقصد تي لڳائيندو آهي. اهڙن ئي سجاڳ، تيز فهم ۽ باشعور
انسانن منجهان ٻلهڙيجيءَ ڀونءِ سان واسطو رکندڙ مور ماڻهو رياض احمد ٻگهيو جي
دلچسپ ڪردار ۽ سدڳڻ زندگاني تي هڪ نگاهه ڪجي ٿي.
ويڪري پيشاني، وڏيون اکيون، موڪرو ۽
ڳاڙھو ڳٽول چھرو، ڪڏهن چاپئين ڏاڙهي ته ڪڏهن ڪلين شيو، ڪڏهن مٿي تي سنڌي ٽوپي ته
ڪڏهن ڪلهي تي اڇي ۽ هلڪي سائي رنگ جو ريشمي رومال، کلڻو ملڻو، قد جو پورو پنو، رنگ
جو ڀورو، ڀٽائيءَ جي سٽ: “جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس” جي هوبهو تصوير اهو آهي
رياض احمد عرف الله بخش ٻگهيو جيڪو لائيو اسٽاڪ واري کاتي ۾ سرڪاري ملازم هئڻ سان
گڏوگڏ ريڊيو جي دنيا اندر هڪ بهترين انائونسر/ميزبان طور مشهور آهي. پر خانداني
توڙي شهر جي ماڻهن ۾ هن جي ٻئي سڃاڻپ مهمان نواز، انسان دوست، همدرد، هر ڪنهن سان
مسڪرائي ملندڙ ۽ ديندار شخص واري آهي. ڳالهائڻ جو انداز انتهائيءَ ڪومل، ملڻ جلڻ
جو سليقو بيحد قربائتو، طبعيت تمام ماٺيڻي ۽ گفتار اهڙي مٺي جو من ئي مفتون ٿي پئي.
ننڍي توڙي وڏي سان جهڪي ڳراٽڙي پائي هلڪي چپيٽ هڻي سدائين کلي ملڻ تنهنڪري ئي باڊھ
شهر توڙي پاڙيسرين جو کيس ايڏي پيار ۽ پاٻوهه سان پيش اچڻ ئي رياض ٻگهيو جي شخصيت
کي ويتر شانائتو ۽ حسين ڪري ٿو.
رياض ٻگهيو 1946ع ڌاري صديون پراڻي
تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي موھين جي دڙي لڳ ڏيڍ صدي کان قائم ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جنهن کي
پنهنجي علمي، ادبي، سياسي، سماجي روشن خياليءَ جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو “Little
Moscow“ سڏيو وڃي ٿو. جتي هُن محمد بخش ٻگهيو جي گهر ۾ جنم ورتو. تنهن وقت نه ته
ڪي روڊ رستا هئا، نه وري سوارين جو ڪو چڱو بندوبست هوندو هيو. البته ماڻهن جو شھر
ڏانهن آمدورفت جو وڏو ذريعو ڏاند گاڏيون هونديون هيون.
رياض ٻگهيو ٻڌائي ٿو ته سندس والد جي
سرڪاري ملازمت ميرپورخاص ۾ هجڻ تحت، هن پنهنجي تعليمي سفر جي شروعات شهر جي
گورنمينٽ پرائمري ڀرڳڙي اسڪول مان ڪئي. چار سال اتي پڙهڻ کانپوءِ اٺين درجي جو
امتحان به سٺن مارڪن سان ساڳي شهر جي ئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. سندس
والد جي بدلي ۽ ڪجھ ٻين گهريلو سببن ڪري واپس ڳوٺ اچڻو پيو. جتي هن نائين ڏهين درجي
جو امتحان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڏوڪري مان چڱيون مارڪون کڻي پاس ڪيو. وڌيڪ
پڙهڻ لاءِ هن ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد جو رخ ڪيو. جتي هن گورنمينٽ سچل ڪاليج مان سماجيات
۽ اڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪئي.
جنهن کانپوءِ ترت ئي قسمت جي ديوي کيس تي اهڙو ته مهربان ٿي جو 19 سالن جي ننڍي ڄمار
۾ ئي سندس کي چوپائي مال واري کاتي ۾ سرڪاري نوڪري ملي وئي.
رياض ٻگهيو جي ننڍپڻ کان ئي ذهين،
سلڇڻي، هوشيار ۽ محنتي هجڻ جي ساراهه سڄي شهر ۾ مشهور آهي. جنهن جي ڪري ئي استادن،
سندس ننڍي ڀاءُ حاجي غلام مصطفيٰ سميت گهر جا سڀئي ڀاتي ڏاڍو مٿس فخر ڪندا هئا. هو
وڌيڪ ٻڌائي ٿو جواني کان ئي سندس محبوب مشغلو ڪرڪيٽ کيڏڻ، سنڌي ناول، ڪهاڻيون ۽
افسانا پڙهڻ ۽ صوفياڻي راڳ سان گهري دلچسپي رهي آهي. حيدرآباد سنڌ جو ٻيون نمبر
وڏو شهر هئڻ سان گڏوگڏ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ “هوائن جي شهر” طور پڻ ڄاتو ويندو آهي.
جنهن جي مشهوري جو ڪارڻ خاص ڪري اتان جي شام جو پهر من موهيندڙ ۽ سڪون بخشيندڙ
لمحن جهڙو هجي ٿو. سو اهڙي ئي ڪنهن راحت ڏيندڙ گهڙي ۾ سوچيندي رياض ٻگهيو ٻڌائي ٿو
ته سندس ريڊيو جي دنيا ۾ پير پائڻ هڪ حسين خواب هو. جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هن هر
وصف سهڻي ۽ ملوڪ نوجوان وسان نه گهٽايو هو. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي محترم عبدالطيف عباسي جيڪو اشاعت ڪندڙ جا فرض
سرانجام ڏيندو هو. تنهن جو آواز جڏهن جو کيس ڪن تي پوندو هئس ته روح کي سڪون ملندو
هئس. سو ان شخص مان متاثر ٿي ريڊيو وارن ڏانهن خط لکڻ جو فيصلو ڪيائين. سندس لکيل
سند جو جواب جلد مليس ۽ ٻئي ڏينهن تي ٺهي سنبري آواز جي امتحان ڏيڻ لاءِ اتي پهتو.
پر افسوس جو هو سوڀارو نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ هن همٿ نه هاري ۽ مسلسل هر مهيني
پنهنجي دلي خواهش کي پورو ڪرڻ جي جاکوڙ جاري رکيائين. چوندا آهن جيڪڏهن ڪو ماڻهو
پنهنجو هر ڪم چاهه، اڪير ۽ سنجيدگيءَ سان ڪندو آهي ته بلاشڪ ان کي انيڪ ڪاميابيون
نصيب ٿينديون آهن؛
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.
شاه سائين جون مٿيون سٽون رياض ٻگهيو
جي اڻٿڪ سفر جي نشاندهي ڪن ٿيون ۽ ڪجھ اهڙي ئي ريت سندس جدوجهد رنگ لاتو ۽ نيٺ هُو
به 1965ع ڌاري ريڊيو جي دنيا جو سريلو
آواز بڻجي آيو.
اهڙي طرح رياض ٻگهيو وڌيڪ ٻڌائي ٿئي
ٿو ته هن ريڊيو تي پنهنجي شروعات خبرون پڙهندڙ/نيوز ڪاسٽر طور ڪئي هئي. جنهن جي
اتساهه جو وڏو سبب تنهن دؤر جو ايڊيٽر محترم عبدالله ويسر هو. جيڪو هڪ بهترين اخلاقي
ماڻهو، ننڍن وڏن سان پيار ڪندڙ ۽ کل مک هو. رياض ٻگهيو پنهنجي آواز کي وڌيڪ بهتر
بڻائڻ جي سکيا پنهنجي ساٿي دوست ۽ رشتيدار محمد علي ٻگهيو کان ورتي. جنهن جي آواز
۾ حد درجي ميٺاج ۽ سرور هوندو هو. اهڙي ريت رياض ٻگهيو ريڊيو جي دنيا ۾ 30 ورهين
کان وڌيڪ عرصو ڪم ڪندي ۽ پنهنجي آواز سنديون ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏيندي،
خودمختياري سان پنهنجي شخصيت جي اهڙي ته بيهڪ جوڙي جنهن جي هاڪ حيدرآباد سميت سندس
ويجهن دوستن راشد مورائي ۽ تنهن وقت جي ايڊيٽر محترمه شاهده مرزا، هن وقت جي سٺي
سنيئر صحافي سهيل سانگي کان وٺي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ اڄ به ٻڌجي ٿي.
هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اڄ جي جديد دؤر ۾
جيڪا پذيرائي سوشل ميڊيا کي ملي آهي. تنهن کي سٺو عمل چئجي پر هتي افسوس ان ڳالھ
جو آهي ته ميڊيا جي تيز ٿيڻ ڪري ريڊيو جي اهميت نوجوان نسل اندر گهٽجندي ٿي وڃي ۽
هر نوجوان چاهي ٿو ته هو اسڪرين تي اچي ۽ وڏو سور ته اهو ٿو نظر اچي ته کين ريڊيو
ڇا آھي؟ جن کي ڪا خبر ئي ناهي! وائيس آف آمريڪا تي مهيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا آمريڪي
صدر ضرور خطاب ڪندو آهي. ان مان اندازو لڳائجي ته ريڊيو ڪو گهٽ اهم نه آهي. ٻيو
وڏو سبب انهن جو لاڙو نئين آيل ٽيڪنالاجي طرف آهي. جنهن کي هو ريڊيو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
استعمال ڪن ٿا. پر منهنجي سوچ مطابق ريڊيو جو مان گهٽيو ناهي. ان جي باوجود به اڄ
جي جديد سمارٽ فون ۾ به ريڊيو جي ايپليڪيشن موجود آهي. ڇو جو جهر جهنگ ۾ اڄ به کوڙ
ماڻهو ريڊيو ٻڌندي ملن ٿا. جن وٽ خبرون ڏسڻ ۽ پڙهڻ جو ٻيو ذريعو ناهي ته هو ريڊيو ٻڌي
ئي دنيا کان باخبر رهن ٿا ۽ سندن ڳالهائڻ کان وٺي سٺي اخلاق سميت ٻولي ۾ پختگي پڻ
اچي ٿي. هن شخص ريڊيو تي جيترو عرصو به ڪم ڪيو اها هڪ ئي حيدرآباد اسٽيشن رهي.
جنهنجو ڪارڻ هو اتان جو وڻندڙ ماحول ٻڌائي ٿو. هن شروع کان ئي پنهنجي مادري ٻولي
سنڌي ۾ سندس آواز ٻڌندڙن تائين پهچائڻ کي ترجيح ڏني. رياض ٻگهيو هميشه سچائيءَ ۽
ايمانداريءَ سان پاڻ مڃايو آهي. 2006ع ۾ ريڊيو جي دنيا کان الڳ ٿي واپس ڳوٺ وريو، سندن
ريڊيو جي دنيا ۾ ڪيل قابل تعريف محنتن کي نظر ۾ رکندي سرڪار طرفان انعام ڏيڻ لاءِ
نامزد ڪيو ويو پر بينظير ڀٽو جي شهادت ڪارڻ ملڪ ۾ ٿيل تنگ حالتن جي ڪري نه ملي
سگهيو هو. پر هي زنده دل انسان ٻڌائي ٿو ته منهنجي آواز کي جيڪا موٽ سنڌ جي ماڻهن
طرفان ملي آهي تنهن کي ئي مان پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهان ٿو.
نوجوان پيڙهي کي پيغام ڏيندي هو چئي
ٿو ته هميشه پنهنجي والدين ۽ استادن جي عزت ڪندي، زندگيءَ جي خوابن جي تڪميل ڪندي،
سنڌي ٻولي کي سمجهندي ان منجھ پختگي اختيار ڪندي، جيڪڏهن نئون نسل هر ڪم منجھ
اڳيان وڌڻ جي جستجو جاري رکندو ته ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو.
جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺا سون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
رياض ٻگهيو توڙي جو 74 سالن جي ڄمار
کي اچي پهتو آهي. پر پوءِ به حوصلا بلند ٿا ڏسجنس. کيس شگر جهڙو موذي مرض پڻ وڪوڙي
ويو اٿس. جنهن کي بهادري ۽ دليري سان مات ڏيندي پنهنجي زندگي معمول مطابق گذاري ٿو.
کيس ٽن ٻارن جي اولاد آهي. جيڪي شادي شده آهن ۽ وڏو پٽ زبير احمد ٻگهيو ڪراچيءَ جي
ڪنهن خانگي اداري ۾ نوڪري ڪندو آهي. هُو اڄ به هر روز صبح ۽ شام جو اڌ ميل کن پنڌ
ڪري ٿو ۽ ريڊيو تي خبرون ٻڌڻ سان گڏ صوفياڻي راڳ مان به لطف اندوز ٿئي ٿو.
No comments:
Post a Comment