Wednesday, May 13, 2020

Yasir Noohani Profile Sindhi

Subject line and file name are wrong

Student's name in medium is missing

Do not insert fotos in the text file

Intro is too long

Do not send it again unless asked

Will be checked

Yasir Hussain S/O Nawaz Ali

Roll No: MMC     62 -2020

 (شاعر: فدا حسين ساه)

مرڪون ء محبتون ونڊيندڙ شاعر فداحسين شاه (بيوس)

 

هُن تي ڪُجهه لکڻ لاءِ قلم کي آريسر جي ڇڏيل اسڪاچ مان ٻوڙڻو پوندو، يا ديوداس کان دل اُڌاري وٺڻي پوندي، تڏھن ئي هن شخص تي شاندار لکي سگهبو، باقي ٿيلي جي ڪُنڊُ ٽوڙي ديسي مڌيرا مان قلم ٻوڙڻ سان هن جي قلندرانه ڪيفيت واري شخصيت  سان انصاف نه ڪري سگهبو، ڇاڪاڻ ته هُو پرھ جو پياڪُ آھي! هُو مئخاني جي مريادا جو اهڙو قدردان آھي جو پيمانه به هن جي حُڪم جا پابند ٿي پوندا آھن. هُو جيڪو هر روز سنڌيا ويلي شنان ڪرڻ لاءِ نيري نديءَ ۾ لُڙھي ٿو، 

ڪڏھن ٻنان ٻوڙ پيئندي ٻُڏي به ٿو ته ڪڏھن عدم دلچسپيءَ جي ڪري تري به ٿو.

هُن جون سُونهن شناس اکيون جڏهن خمارن جي کيپ ۾ ٻُڏي وينديون آھن، تڏھن هُن کي نه رڳو حُسن وڻندو آھي، پر هُو شاعريءَ جي سمندر ۾ به ترندو آھي، ۽ هُن جي دل تي ڪيئي شعر تري ايندا آھن. هُو شاعري ٻُڌڻ جو بنهه گهڻو شوقين آھي. مشاعرن ۾ وڃڻ به سندس بهترين مشغلو آھي. هُو نه رڳو پرھ جو پياڪُ آھي، پر هُو سنڌُوءَ جي مٺي جل جو به متوالو آھي. هُو سنڌُ جو عاشقُ آھي، سنڌي ماڻھن جو عاشقُ آھي، سنڌي شاعريءَ جو عاشقُ آھي، هُو ڀٽائيءَ جو پاٺڪ آھي، هُو اياز شناسي به ڄاڻي ٿو ته، آريسر جي نثر کان وٺي امرتا پريتم تائين سڀني کي پڙھي ٿو.

ھُو هڪڙو اهڙو بي پرواھ بادشاھ آھي، جنهن کي ڪنهن جي به پرواھ ناھي، هُن کي پرواھ آھي ته صرف پنهنجي ماءُ جي جنهن کيس نو مهينا پيٽ ۾ پالي هن جهان ۾ جنم ڏنو، هن کي پرواھ آھي ته اُنهن وڻن ۽ هوائن جي جيڪي هن کي انبن جي ديس ۾ آڪسيجن ڏين ٿا. هن کي پرواھ آھي سنڌُوءَ جي شيتل جَل جي جنهن کي پِي هُو هينگ اوور اُتاري ٿو. هُن کي ڪنهن به عُقاب جو اُلڪو ناهي، پر اُن پکيءَ جي پرواھ ضرور آھي، جيڪو علي الصبح جو اُٿندي مٺي لات لنوي ٿو.

انبن جي ننگري ميرپورخاص جي تعلقي ڊگهڙي ۾ رهندڙ ان بادشاھ جو اسم گرامي آھي فدا حسين ۽ سندس ذات شاه آھي. سدائين اکين تي عينڪ ۽ مُنهن تي هلڪي مُرڪ هن جي شاندار سُڃاڻپ آھي. سيد فدا حسين شاھ بيوس جا وڏا اصل ايران سان تعلق رکندا ھئا جيڪي بعد ۾ اتي جا ڪجھ حالات صحيح نه ھجڻ جي ڪري سائين جا وڏڙا سن ارڙھن سو ڌاري ھجرت ڪري افغانستان آيا ۽ پوء ڪجھ عرصو افغانستان جي علائقي دڪي ۾  رھڻ کانپوء  1903ع ڌاري سنڌ ھجرت ڪري آيا. سائين فدا حسين شاھ بيوس جنھن سيد شير جھان شاھ جي گھر ۾ سن 1937ع ۾ اک کوليائون سائين جيڪو پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽئي نمبر تي آھي. سائين بيوس صاحب جنھن پنھنجي شروعاتي تعليم ڊگھڙي شھر جي پرائمري اسڪول ۾ پرائي ۽ ان کانپوء وڌيڪ تعليم   گورنمنٽ بوائز ھائي اسڪول ٽنڊو جان محمد ۾ حاصل ڪيائين. سائين سيد فدا حسين بيوس صرف انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائون. سيد فدا حسين بيوس تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء ڪجھ عرصي تائين ٽائون ڪميٽي ڊگھڙي اندر سيڪريٽري طور به ڊيوٽي سرانجام به ڏئي چڪو آھي.

سيد فدا حسين بيوس جنھن کي شروعات کان ئي شاعري ۽ ادب سان ڏاڍو چاھ ھوندو ھو تنھنڪري سائين پنھنجي گھر اندر ھڪ ننڍڙي لائبريري به قائم ڪئي جنھن اندر پنج سو کان به وڌيڪ ڪتاب موجود آھن جيڪي ادب ۽ شاعري جي موضوعن تي آھن.  سيد سائين فدا حسين شاھ بيوس پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول جي کوٽ ھئڻ جي ڪري پنھنجي اوطاق کي اسڪول ۾ تبديل ڪرائي پنھنجي ڳوٺ جي ٻارن جو مستقبل سنواريون ۽ پاڻ به ھڪ بطور استاد طور پنھنجون ڪاوشون به  سرانجام ڏنائون. سائين فدا حسين شاھ بيوس  جيڪو سائين مرتضي شاھ ڏاڏاھي جي شاعري کان متاثر ٿي سن 1976ع ۾ پنھنجي شاعري جي شروعات ڪيائين ۽ ڪجھ عرصو گذرڻ کانپوء سائين پنھنجي پاڻ کي بيوس لقب به ڏنائين. سائين پنھنجو بيوس لقب ڀٽ جي گھوٽ لطيف جي وائي کان متاثر ٿي پاڻ کي بيوس جو لقب ڏنائين هلايو ته ھلي وڃي بيھاريو ته بس، واڳ ڌڻي تنھنجي وس آئون ڪا پاڻ ويھڻي. اھو بيوس لقب ايترو ته مشھور ٿيو جو اڄ به سائين کي بيوس لقب سان ڃاتو سڄاتو وڃي ٿو.

سائين سيد فدا حسين بيوس جنھن سنڌي، اردو، ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ ئي شاعري ڪيائون.سيد فدا حسين شاھ بيوس  سنڌ مٿان ڌاڙيلن جي دور ۾ تنھن دور جي وڏيرن جي بڇ تي ٿيندڙ سنڌ جي غريب ماروئڙن  تي ٿيندڙ ظلم  ويساگھات، ڏاڍھ، کي ڏسي ڪري پنھنجي شاعري جو گھڻون ڀاڱو انھي اٻوجھ لاچار ماڻھن جي بيوسي ڏسي انھي موضوع تي شاعري ڪيائين. ان کان علاوا سائين پنھنجي شاعري ۾ امن، پيار ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آھي.

سيد فدا حسين شاھ بيوس ھڪ سو کان به وڌيڪ گيت لکيا جن کي سنڌ جي مشھور فنڪارن ريڊيو پاڪستان جي پليٽ فارم تي ڳايائون جن ۾ سجاد يوسف، ثريا  سومرو، ثمينه ڪنول، ديبا سحر، الله ڏنو خاصخيلي ۽ ٻين به ڪيترن فنڪارن پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيائون ۽ شھرت ماڻيائون.سيد فدا حسين شاھ بيوس ڌاڙيلن جي دور ۾ گلوڪار سجاد يوسف طرفان ڳايل گيت ´´ڪنھن کي ڪيئن چوان`` جنھن جڳ مشھوري شھرت ماڻي جنھن شاعري تي سائين کي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.

سيد فدا حسين شاھ بيوس جنھن سنڌي فلم ´قرب جا قيدي` لاء به ھڪ گيت لکيو ھو. جيڪو گيت به تمام گھڻو مشھور ٿيو.سيد فدا حسين شاھ بيوس ڪيتريون ئي ادبي ڪچھريون ڪوٺاھي ادب کي ھٿي وٺائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڊگھڙي جي تاريخ جو سڀ کان وڏي ادبي پروگرام شاعر مرتضي شاھ ڏاڏاھي سان شام ملھائي جنھن ۾ ناليواري فنڪارن، اديبن، ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.

سيد فدا حسين شاھ بيوس سنڌ جي مختلف ادبي ميلن، ڪچھرين ۽ ريڊيو پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ شريڪ ٿي پنھنجي ڏات جا گل وکيري شاعرن جي دنيا جو وڏو نالو ڪمايائين ۽ سندس سنڌي شاعري جو مجموعو پڻ ڇپائي واري مرحلي ۾ آھي ان کان عواوا انگريزي ۾ ´´انسانيت`` جي موضوع تي ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو ڪجھ مجبورين سبب ڇپجي نه سگھيو ۽ سندس خواھش آھي ته ڊگھڙي ۾ لائبريريون به قائم ڪرائجن ۽ ادبي ڪچھريون ڪوٺائجن ته جيئن ڊگھڙي مان موڪلائجي ويل ادب ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ساھ پوي ۽ نئي زندگي ملي.


The practical work is carried under supervision of Sohail Sangi, 
at Media and Communication Department, University of Sindh

#YasirNoohani

No comments:

Post a Comment