Saturday, May 2, 2020

Mashooque Brohi Profile Sindhi


Mashooque Ali
Roll no 2k19/mmc/6  - Term back
مولانا اسد اللہ کھڙو

Write ur name in English and Sindhi 
Roll No and class 
Give file name to foto
Assignment should always be sent as attachment
bur not insert foto in file
Do not send this assinment gaian 





صوفین جي ڌرتي سنڌ ڪیترائي عالم، شاعر، ادیب ،دانشور پیدا ڪیا جن ڏیھ توڙي پرڏیھ ۾ نالو ڪمایو ۔ ڳالھ ڪجي عالمن جي تہ سنڌ ۾ مولانا اسد اللہ کھڙو جي ھڪ الڳ سڃاڻپ آھي۔
اسد اللہ کھڙو 13 April 1973  ۾ سوڀیديري ڀرسان ڳوٺ ٻُنڊي کھڙي ۾ ڄائو، سندس والد  گل محمد کھڙو کیس دیني تعلیم لاء کھڙو شھر جي مدرسي جامعہ حمادیہ کھڙآ ۾ موڪلیو جتي ھن حافظ ۽ عالم جو ڪورس ڪيو ۽ انھيء دوران ئي اسد اللہ کھڙو پرائمري تعلیم مدرسي مان ئي حاصل ڪیائین ۽ حافظ ، عالم جو ڪورس  پڻ اتان ئي مڪمل ڪیائین۔ 

اسد اللہ کھڙو ننڍپڻ کان ئي خوش مزاج طبیعت جو مالڪ ھو، مدرسي جي تعلیم دوران  اسد اللہ کھڙو وعظ ڪرڻ شروع ڪیا ۽ سندس انداز تمام مزاحیہ ھوندو ھو ۔ مدرسي جي تعلیم پوري ڪرڻ کانپوء شروع ۾ اسد اللہ کھڙو، کھڙا شھر ۾ مسجدن ۾ وعظ ڪندو ھو۔ 
ان کانپوء سال 2000ع  ۾ مولانا اسد اللہ کھڙو، کھڙا شھر کان ڀٽ شاھ  شھر منتقل ٿیو۔ ڀٽ شاھ ۾ رہائش بعد مولانا ااسداللہ شاھ جو رسالو پڙھڻ شروع ڪیو ، مولانا اسد اللہ کھڙو حافظ عالم تہ اڳي ھو پر ڀٽ شاھ اچڻ بعد ڀٽائي جي بیتن جو بہ حافظ ٿیڻ لڳو۔
فرقي جي لحاظ کان مولانا اسد اللہ کھڙو دیوبندي مسلڪ سان تعلق رکندڙ آھي پر سندس الڳ انداز جي ڪري سندس تقریرون ، وعظ مختلف فرقن جا ماڻھون شوق سان ٻڌندا  آھن، ساڳي  مسلڪ سان تعلق رکندڙ مولانا عیسي سمون جو انداز بہ ڪافي مزاحیہ آھي پر پنھنجي تقریرن ۾ شروعات قرآن جي آیتن جي حوالن ، ڀٽائي جي بیتن جي سمجھاڻین سان ڪرڻ  سبب مولانا اسد اللہ کھڙو وڌیڪ ڌیان ڇڪائندڙ دیني عالم آھي۔
 پاڪستان ۾ ٿري جي،  فورجي انٽرنیٽ اچڻ بعد  ماڻھن جو سوشل میڊیا ڏانھن لاڙو وڌڻ لڳو تئین ئي مولانا اسد اللہ کھڙي جي شہرت ۾ اضافو ٿیڻ لڳو ، مزاحیہ انداز ۾ مذھبي تقریرون ڀٽائي جي بیتن سان کیس سوشل میڊیا تي تمام مشھور ڪیو۔
ھڪڙي مذھبي  تقریر دوران   نواز شریف جي  گرفتاري وارن ڏینھن  ۾ نواز شریف جو لاڪپ ۾ مڇرن جي شڪایت  وارې ڳالھ ڪندي ، جھل دٻ مڇر ٿا کائین،  وارو بیان سوشل میڊیا تې تمام گھڻو وائرل ٿي ویو، جھل دٻ تہ ایترو مشھور ٿیو جو ان جا ڪجھ نون فنڪارن ڪلام پڻ ڳایا ، سوشل میڊیا ان بیان جي وئرل ٿیڻ بعد ڪافي ماڻھون سندس نالو  جھل دٻ مولوي چوڻ لڳا۔ 
مولانا اسد اللہ کھڙو جا مزاحیہ انداز ۾ مذھبي بیان سوشل میڊیا تي تمام گھڻو وائرل ٿیندا آھن ، مولانا اسد اللہ کھڙا جا جھل دٻ کا علاوہ ٻیا ڪافي ڊائلاگ ماڻھن ۾ مشھور آھن  جن ۾ بس ڪر ملان بیلچہ نہ ٺوڪیائین ، بس ڪر ماسي چپران ناسون نہ چیریائین، ڇاتہ خلق آئي آ ۔مولانا اسد اللہ کھڙوسان نوجوانن ، مذھبي ماڻھن سان گڏو گڏ مزاحیہ فنڪارن جو پڻ چاھ آھي 
مولانا اسد اللہ کھڙو کي ڌرتي ٽي وي جي پروگرام لافٽر ھائوس ۾ شرکت جي دعوت ملي جنھن ۾ ۾ مولانا اسد اللہ کھڙو ویو بہ ھو انٽرویو دوران مولانا اسد اللہ کھڙو چیو تہ ھن پروگرام ۾ شريڪ ٿیڻ لاء ھن ڊ ڪٽر خالد محمود سومري جي فرزند راشد محمود سومري کان اجازت ورتي آھي جیڪو سندس جماعت جو صوبائي اڳواڻ آھي۔

مولانا اسد اللہ کھڙو جو انداز تمام مزاحیہ زرور آھي پر سندس ڳالھین ۾ مذھب سان گڏوگڏ دنیاوي  معاملن تي نصیحتون ھوندیون آھن  ، مولانا اسد اللہ کھڙن پنھنجي تقریرن ۾  اڪثر نوجوانن جو ذڪر ڪندو آھي ، جن ۾ ازدواجي زندگي جا مسئلہ ، والدین جا حق ، فضول شین ۾ وقت وڃائڻ ، نوجوانن  جو  منشیات واپرائڻ جھڙن مسئلن تي پڻ مزاحیہ انداز ۾ بیان ڪندو آھي۔


No comments:

Post a Comment