Profile-Abdul
Waheed Chandio-MMC06-Sindhi
غلام مرتضي ٻگھيو (مرتضي مجبور)
سنڌ ھميشھ اھڙين عظيم ۽انمول شخصيتن کي جنم ڏنو آھي جن ھر
دور ھر فيلڊ ۾ سنڌ ڌرتي جي سينڌ سينگاري ۽ ڳاٽ اوچو ڪيو آھي سائين مرتضي مجبور ب
انھن شخصيتن مان ھڪ آھن
سائين مرتضي مجبور جنھن جو تعلق سنڌ جي ضلعي نوشھرو فيروز سان آھي
سائين جن جو جنم ڳوٺ عرضو محمد لغاري لڳ پراڻو گچيرو جيڪو ھڪ تاريخي شھر ب آھي ان
م ٿيو ان ڳوٺ مان سنڌ جي ٻين علمي ۽ادبي شخصيتن ب جنم ورتو سائين جو تعلق ھڪ غريب
(lower middle class ) خاندان سان ھئڻ جي ڪري پاڻ ڪا
ڊاڪٽر يا انجنيئر جي ڊگري ته نه وٺي سگھيا پر لطيف سرڪار جي شاعري سائين جن جي
زندگي کي ھميشھ جي لاء بدلائي ڇڏيو ائين لطيف سرڪار جي شاعري ئي سائين جن جي اندر
موجود آرٽسٽ اداڪار کي ظاھر ڪيو سائين جن سان جڏھن ويچار ونڊڻ جو موقعو مليو ته
سائين جن جو اھيو ئي چوڻ ھيو ته جڏھن مرتضي مجبور ھن ڳوٺ م جنم ورتو تڏھن کان وٺي
ويندي جو ھن ميڊيا فيلڊ م اچڻ تائين سندس ڳوٺ م بجلي جھڙي سھولت ب موجود نه ھئي ان
وقت صرف ريڊيو پاڪستان جي خيرپور اسٽيشن تان ھڪ پروگرام ھلندو ھيو جنھ جو نالو ھيو
(ماروئڙن لاء) جنھن جي شروعات لطيف سرڪار جي بيت سان ٿيندي ھئي
جيڏو تنھنجو ناء ٻاجھ ب اوڏياري منگان
رئ ٿنڀي رئ ٿونڙي تون ڇپر تون ڇانو
ڪوڏياڙو ڪانو توکي معلوم سڀ ڪا
لطيف سرڪار جي ھنن سٽن سائين جن جو اندر جھنجوڙي سندن کي شائري ۽
فن ڏانھن مدعو ڪيو سائين جن جي فني زندگي جي شروعات مورو شھر اندر ھڪ اسٽيج ڊرامي
کان ٿي جنھن کان پو ھن فن جي ٿڪائيندڙ فيلڊ ۾ پير پاتو ۽ انکان پوء سندن ڪڏنھن ب
پٺي ورائي ن ڏٺو سائين مرتضي مجبور ھن وقت تائين ھڪ سئو کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۾
پنھنجي اداڪاري سان ماڻھن ۾ محبتون ونڊيون آھن مرتضي مجبور کي رامون راڌا وارو ڪردار جيڪو سائين ھڪ ٽي وي ڊرامي دوران ڪيو ان کي ڏسندڙن
طرفان تمام وڏي موٽ ملي جنھن کانپو۽ سائين جن کي مختلف سنڌي چينلس طرفان ڪجھ ڊرامن
۾ ڪم ڪرڻ جون آڇون ب ڪيون ويون مرتضي مجبور جي پنھنجي فن سان سچائي جو اندازو ان ڳالھ مان ب لڳائي سگھجي ٿو ت
سائين ڪراچي جھڙي انساني سمنڊ واري شھر ۾ ايئرپورٽ روڊ کان ويندي ڪراچي ڪي ٽي اين
جي آفيس تائين جا سفر سندس غربت ھئڻ سبب پيادل پنڌ ڪيا اڄ يقينن ان سچائي ۽ محنت جو صلو سائين جن کي مليو
آھي جيتوڻيڪ سائين گذريل 12 سالن کان وادي مھراڻ جي جڳ مشھور چينل مھراڻ ٽي وي تي
بحيثيت ڊاريڪٽر ۽پروگرام مينيجر جي ڪم ڪري رھيا آھن مرتضي مجبور ڪجھ عرصي تائين شاعري جي سرن سان منسلڪ ب رھيو پر
جڏھن کان ٽي وي سان منسلڪ ٿيا ت شاعري کي گھنڻو وقت نه ڏئي سگھيا پر جڏھن ھن فقير
تبعيت انسان سان ڪير ملندو آھي ته اھو اھيو جانچي ويندو آھي ته مرتضي مجبور شاھ
لطيف جي شاعري جي عشق ۾ مبتلا آھن شاھ لطيف شاعري جي پرک ايتري حد تائين آھي جو
اگر ڪو ماڻھون شاھ سائين جي شاعري پڙھندو آھي ت ھي بي ججھڪ ٿي ٻڌائيندا آھن ت ھي
شاعر ھن ڪھڙي سر مان پيو پڙھي پاڻ شآھ سائين جي 40 کان وڌيڪ شاعرن جا زباني ڪلامي حافظ ب آھن بيت
سڏائي ٿي سڀ ڪا بخ نه باسي ڪا
جي ھي تيھي زات جي جنبش ناھي جاء
مونسينء ملي ساء جا جيئ مٺوئي نه ڪري
شاعري سان گڏوگڏ سائين استاد منظور علي خان استاد محمد يوسف عابدآ
پروين جلال چانڊيو سرمد سنڌي جي فن کي ٻڌڻ جا شوقين به آھن مرتضي مجبور کي مختلف
وقتن تي مختلف ايوارڊ به مليا جنھن ۾ قلندرشھباز ايوارڊ حمل فقير ايوارڊ سنڌ جي
سرن تي ڪلچرل ايوارڊ ۽ ٻيا ڏھاڪو کن ايوارڊ سندس فن جي خدمتن
تحت حصي ۾ اچي چڪا آھن پاڻ ھر وقت سنڌ جي نوجوانن جي مسقبل لاء پريشان رھن ٿا ۽
وقتن به وقتن انھن نوجوانن جي ھمٿ ۽ حوصلا افزائي ڪندا رھن ٿا جيڪي ميڊيا جي فيلڊ
۾ اچڻ جا خواھشمند آھن
سندس جي سرپرستي ھيٺ
انٽرنشپ ڪندڙ ماس ڪميونيڪيشن جي شاگرد بلال مصطفي ٻگھيو جو چوڻ آھي ته سائين
مُرتضي جي سدا سُھڻُي، مانائتي، مُعتبر، شانائتي ۽ پياري شخصيت جي جيتري ساراه ڪجي
تمام گهٽ ٿو ڀائنجي، سائين هڪ سداوت جهڙي طبيعت جو مالڪ سندن کي مون سدائين لطيف
جي پيار، محبت، عشق، پنهنجائپ، امن، ڀائيچاري ۽ برابري واري پيغام کي ٻين تائين
پهچائيندي ڏٺو آھي. اُستاد مُرتضي جي ڪم جي تعريف نه صرف مهراڻ ٽيلويزن جي سرواڻ
معزز غلام نبي مورائي کان ٻڌجي ٿي پر مهراڻ ٽيلويزن جي سموري سٿ سميت سڄي سونهاري
سنڌ جا ماڻھو ڪندي ملن ٿا۔مھراڻ ٽي وي ۾ ڪم ڪندڙ يونيورسٽي گيلري پروگرام جي
ميزبان سرفراز نور جو چوڻ آھي ته سائين مرتضي ھڪ انسان دوست ۽ نئين ٽھي کي
ھمٿائيندڙ انسان آھن جنھن سان گڏ ڪم ڪندي ان ڳالھ جو اندازو ٿيو ته ميڊيا کي
ھلائيندڙ ھر ماڻھون منافق ۽ موقع پرست ناھي ھوندو۔
No comments:
Post a Comment