Showing posts with label Bilal Mustafa. Show all posts
Showing posts with label Bilal Mustafa. Show all posts

Sunday, May 3, 2020

Bilal Bughio Profile Sindhi


پروفائيل-

رياض ٻگهيو _ ريڊيو جي دنيا جو سريلو آواز

بلال مُصطفيٰ ٻگهيو _ رول نمبر 16

زندگيءَ ۾ هر انسان چاهيندو آھي ته هو پنهنجي لڳاتار محنتن، ڪشالن ۽ جفاڪشي سان پنهنجي منزل کي بامقصد بنائي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري، من جون سموريون رٿائون راس آڻي ان  مقصد تي لڳائيندو آهي. اهڙن ئي سجاڳ، تيز فهم ۽ باشعور انسانن منجهان ٻلهڙيجيءَ ڀونءِ سان واسطو رکندڙ مور ماڻهو رياض احمد ٻگهيو جي دلچسپ ڪردار ۽ سدڳڻ زندگاني تي هڪ نگاهه ڪجي ٿي.


ويڪري پيشاني، وڏيون اکيون، موڪرو ۽ ڳاڙھو ڳٽول چھرو، ڪڏهن چاپئين ڏاڙهي ته ڪڏهن ڪلين شيو، ڪڏهن مٿي تي سنڌي ٽوپي ته ڪڏهن ڪلهي تي اڇي ۽ هلڪي سائي رنگ جو ريشمي رومال، کلڻو ملڻو، قد جو پورو پنو، رنگ جو ڀورو، ڀٽائيءَ جي سٽ: “جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس” جي هوبهو تصوير اهو آهي رياض احمد عرف الله بخش ٻگهيو جيڪو لائيو اسٽاڪ واري کاتي ۾ سرڪاري ملازم هئڻ سان گڏوگڏ ريڊيو جي دنيا اندر هڪ بهترين انائونسر/ميزبان طور مشهور آهي. پر خانداني توڙي شهر جي ماڻهن ۾ هن جي ٻئي سڃاڻپ مهمان نواز، انسان دوست، همدرد، هر ڪنهن سان مسڪرائي ملندڙ ۽ ديندار شخص واري آهي. ڳالهائڻ جو انداز انتهائيءَ ڪومل، ملڻ جلڻ جو سليقو بيحد قربائتو، طبعيت تمام ماٺيڻي ۽ گفتار اهڙي مٺي جو من ئي مفتون ٿي پئي. ننڍي توڙي وڏي سان جهڪي ڳراٽڙي پائي هلڪي چپيٽ هڻي سدائين کلي ملڻ تنهنڪري ئي باڊھ شهر توڙي پاڙيسرين جو کيس ايڏي پيار ۽ پاٻوهه سان پيش اچڻ ئي رياض ٻگهيو جي شخصيت کي ويتر شانائتو ۽ حسين ڪري ٿو.
رياض ٻگهيو 1946ع ڌاري صديون پراڻي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي موھين جي دڙي لڳ ڏيڍ صدي کان قائم ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جنهن کي پنهنجي علمي، ادبي، سياسي، سماجي روشن خياليءَ جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو Little Moscow“ سڏيو وڃي ٿو. جتي هُن محمد بخش ٻگهيو جي گهر ۾ جنم ورتو. تنهن وقت نه ته ڪي روڊ رستا هئا، نه وري سوارين جو ڪو چڱو بندوبست هوندو هيو. البته ماڻهن جو شھر ڏانهن آمدورفت جو وڏو ذريعو ڏاند گاڏيون هونديون هيون.
رياض ٻگهيو ٻڌائي ٿو ته سندس والد جي سرڪاري ملازمت ميرپورخاص ۾ هجڻ تحت، هن پنهنجي تعليمي سفر جي شروعات شهر جي گورنمينٽ پرائمري ڀرڳڙي اسڪول مان ڪئي. چار سال اتي پڙهڻ کانپوءِ اٺين درجي جو امتحان به سٺن مارڪن سان ساڳي شهر جي ئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. سندس والد جي بدلي ۽ ڪجھ ٻين گهريلو سببن ڪري واپس ڳوٺ اچڻو پيو. جتي هن نائين ڏهين درجي جو امتحان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڏوڪري مان چڱيون مارڪون کڻي پاس ڪيو. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هن ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد جو رخ ڪيو. جتي هن گورنمينٽ سچل ڪاليج مان سماجيات ۽ اڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ ترت ئي قسمت جي ديوي کيس تي اهڙو ته مهربان ٿي جو 19 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ ئي سندس کي چوپائي مال واري کاتي ۾ سرڪاري نوڪري ملي وئي.

رياض ٻگهيو جي ننڍپڻ کان ئي ذهين، سلڇڻي، هوشيار ۽ محنتي هجڻ جي ساراهه سڄي شهر ۾ مشهور آهي. جنهن جي ڪري ئي استادن، سندس ننڍي ڀاءُ حاجي غلام مصطفيٰ سميت گهر جا سڀئي ڀاتي ڏاڍو مٿس فخر ڪندا هئا. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو جواني کان ئي سندس محبوب مشغلو ڪرڪيٽ کيڏڻ، سنڌي ناول، ڪهاڻيون ۽ افسانا پڙهڻ ۽ صوفياڻي راڳ سان گهري دلچسپي رهي آهي. حيدرآباد سنڌ جو ٻيون نمبر وڏو شهر هئڻ سان گڏوگڏ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ “هوائن جي شهر” طور پڻ ڄاتو ويندو آهي. جنهن جي مشهوري جو ڪارڻ خاص ڪري اتان جي شام جو پهر من موهيندڙ ۽ سڪون بخشيندڙ لمحن جهڙو هجي ٿو. سو اهڙي ئي ڪنهن راحت ڏيندڙ گهڙي ۾ سوچيندي رياض ٻگهيو ٻڌائي ٿو ته سندس ريڊيو جي دنيا ۾ پير پائڻ هڪ حسين خواب هو. جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هن هر وصف سهڻي ۽ ملوڪ نوجوان وسان نه گهٽايو هو. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي  محترم عبدالطيف عباسي جيڪو اشاعت ڪندڙ جا فرض سرانجام ڏيندو هو. تنهن جو آواز جڏهن جو کيس ڪن تي پوندو هئس ته روح کي سڪون ملندو هئس. سو ان شخص مان متاثر ٿي ريڊيو وارن ڏانهن خط لکڻ جو فيصلو ڪيائين. سندس لکيل سند جو جواب جلد مليس ۽ ٻئي ڏينهن تي ٺهي سنبري آواز جي امتحان ڏيڻ لاءِ اتي پهتو. پر افسوس جو هو سوڀارو نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ هن همٿ نه هاري ۽ مسلسل هر مهيني پنهنجي دلي خواهش کي پورو ڪرڻ جي جاکوڙ جاري رکيائين. چوندا آهن جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هر ڪم چاهه، اڪير ۽ سنجيدگيءَ سان ڪندو آهي ته بلاشڪ ان کي انيڪ ڪاميابيون نصيب ٿينديون آهن؛
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.
شاه سائين جون مٿيون سٽون رياض ٻگهيو جي اڻٿڪ سفر جي نشاندهي ڪن ٿيون ۽ ڪجھ اهڙي ئي ريت سندس جدوجهد رنگ لاتو ۽ نيٺ هُو به 1965ع  ڌاري ريڊيو جي دنيا جو سريلو آواز بڻجي آيو.

اهڙي طرح رياض ٻگهيو وڌيڪ ٻڌائي ٿئي ٿو ته هن ريڊيو تي پنهنجي شروعات خبرون پڙهندڙ/نيوز ڪاسٽر طور ڪئي هئي. جنهن جي اتساهه جو وڏو سبب تنهن دؤر جو ايڊيٽر  محترم عبدالله ويسر هو. جيڪو هڪ بهترين اخلاقي ماڻهو، ننڍن وڏن سان پيار ڪندڙ ۽ کل مک هو. رياض ٻگهيو پنهنجي آواز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي سکيا پنهنجي ساٿي دوست ۽ رشتيدار محمد علي ٻگهيو کان ورتي. جنهن جي آواز ۾ حد درجي ميٺاج ۽ سرور هوندو هو. اهڙي ريت رياض ٻگهيو ريڊيو جي دنيا ۾ 30 ورهين کان وڌيڪ عرصو ڪم ڪندي ۽ پنهنجي آواز سنديون ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏيندي، خودمختياري سان پنهنجي شخصيت جي اهڙي ته بيهڪ جوڙي جنهن جي هاڪ حيدرآباد سميت سندس ويجهن دوستن راشد مورائي ۽ تنهن وقت جي ايڊيٽر محترمه شاهده مرزا، هن وقت جي سٺي سنيئر صحافي سهيل سانگي کان وٺي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ اڄ به ٻڌجي ٿي.

هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اڄ جي جديد دؤر ۾ جيڪا پذيرائي سوشل ميڊيا کي ملي آهي. تنهن کي سٺو عمل چئجي پر هتي افسوس ان ڳالھ جو آهي ته ميڊيا جي تيز ٿيڻ ڪري ريڊيو جي اهميت نوجوان نسل اندر گهٽجندي ٿي وڃي ۽ هر نوجوان چاهي ٿو ته هو اسڪرين تي اچي ۽ وڏو سور ته اهو ٿو نظر اچي ته کين ريڊيو ڇا آھي؟ جن کي ڪا خبر ئي ناهي! وائيس آف آمريڪا تي مهيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا آمريڪي صدر ضرور خطاب ڪندو آهي. ان مان اندازو لڳائجي ته ريڊيو ڪو گهٽ اهم نه آهي. ٻيو وڏو سبب انهن جو لاڙو نئين آيل ٽيڪنالاجي طرف آهي. جنهن کي هو ريڊيو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استعمال ڪن ٿا. پر منهنجي سوچ مطابق ريڊيو جو مان گهٽيو ناهي. ان جي باوجود به اڄ جي جديد سمارٽ فون ۾ به ريڊيو جي ايپليڪيشن موجود آهي. ڇو جو جهر جهنگ ۾ اڄ به کوڙ ماڻهو ريڊيو ٻڌندي ملن ٿا. جن وٽ خبرون ڏسڻ ۽ پڙهڻ جو ٻيو ذريعو ناهي ته هو ريڊيو ٻڌي ئي دنيا کان باخبر رهن ٿا ۽ سندن ڳالهائڻ کان وٺي سٺي اخلاق سميت ٻولي ۾ پختگي پڻ اچي ٿي. هن شخص ريڊيو تي جيترو عرصو به ڪم ڪيو اها هڪ ئي حيدرآباد اسٽيشن رهي. جنهنجو ڪارڻ هو اتان جو وڻندڙ ماحول ٻڌائي ٿو. هن شروع کان ئي پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ سندس آواز ٻڌندڙن تائين پهچائڻ کي ترجيح ڏني. رياض ٻگهيو هميشه سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان پاڻ مڃايو آهي. 2006ع ۾ ريڊيو جي دنيا کان الڳ ٿي واپس ڳوٺ وريو، سندن ريڊيو جي دنيا ۾ ڪيل قابل تعريف محنتن کي نظر ۾ رکندي سرڪار طرفان انعام ڏيڻ لاءِ نامزد ڪيو ويو پر بينظير ڀٽو جي شهادت ڪارڻ ملڪ ۾ ٿيل تنگ حالتن جي ڪري نه ملي سگهيو هو. پر هي زنده دل انسان ٻڌائي ٿو ته منهنجي آواز کي جيڪا موٽ سنڌ جي ماڻهن طرفان ملي آهي تنهن کي ئي مان پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهان ٿو.
نوجوان پيڙهي کي پيغام ڏيندي هو چئي ٿو ته هميشه پنهنجي والدين ۽ استادن جي عزت ڪندي، زندگيءَ جي خوابن جي تڪميل ڪندي، سنڌي ٻولي کي سمجهندي ان منجھ پختگي اختيار ڪندي، جيڪڏهن نئون نسل هر ڪم منجھ اڳيان وڌڻ جي جستجو جاري رکندو ته ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو.
جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺا سون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
رياض ٻگهيو توڙي جو 74 سالن جي ڄمار کي اچي پهتو آهي. پر پوءِ به حوصلا بلند ٿا ڏسجنس. کيس شگر جهڙو موذي مرض پڻ وڪوڙي ويو اٿس. جنهن کي بهادري ۽ دليري سان مات ڏيندي پنهنجي زندگي معمول مطابق گذاري ٿو. کيس ٽن ٻارن جي اولاد آهي. جيڪي شادي شده آهن ۽ وڏو پٽ زبير احمد ٻگهيو ڪراچيءَ جي ڪنهن خانگي اداري ۾ نوڪري ڪندو آهي. هُو اڄ به هر روز صبح ۽ شام جو اڌ ميل کن پنڌ ڪري ٿو ۽ ريڊيو تي خبرون ٻڌڻ سان گڏ صوفياڻي راڳ مان به لطف اندوز ٿئي ٿو.

Tuesday, March 10, 2020

Bilal Mustafa Bughio - Feature - Sindhi, MA -16


Bilal Mustafa Buhio feature on Balereji
فيچر-
ٻلهڙجي_
بلال مصطفيٰ ٻگهيو _رول نمبر سورنهن
         
محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو. (شاهه)
      ٻلهڙجي شاعرن، صحافين، نثر نويسن، صوفين ۽ پيار ونڊيندڙن جو ڳوٺ رهيو آهي. جيڪو هڪ تاريخ رکي ٿو. جنهن لاءِ سنڌ جي گهڻن ساڃاهه وندن وٽان تمام گهڻو پڙهيو ۽ ٻڌو آهي. پر اڄ جڏهن پاڻ قلم کڻي لکڻ ويٺو آهيان. سچ ته منهنجي قلم ۾ اها سگهه ناهي. جو پنهنجي جنم ڀومي کي اعليٰ لفظن ۾ سمائي سگهان. هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم. اميد ته ان کي نڀائي ويندس.
       ٻلهڙجي جتي چوڌاري وڏا وڏا مٽي جا بند، ڳوٺ جي اتر طرف کان پنج هزار سال کان وڌيڪ سنڌ جو تاريخي ورثو مهين جو دڙو جيڪو صدين کان ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺو آهي ۽ جڏهن اوڀر طرف نظر وجهجي ٿي ته سنڌو درياهه پنهنجي ڀروپور جوڀن ۾ وهندي نظر اچي ٿو، ان ئي پاسي ڳوٺ جون سر سبز شاد آباد ٻنيون ڏسي اکيون ٺري پون ٿيون. اولهه طرف بند تي چڙهبو ساون فصلن سان گڏوگڏ بگي، ٻٽ، ساريا ۽ ٻنڊي جيڪو سنڌ جي ارڏي پٽ سوڀي گيانچنداڻي جو اباڻو ڳوٺ به نظر اچن ٿا. ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي ڪاراڻي، گاجي ديرو، فتح پور ۽ ٻيا ننڍا توڙي وڏا ڳوٺ موجود آهن. ڳوٺ جي چؤطرف ڪيترن ئي خدا جي ولين ۽ ٻانهن جون درگاهون آهن. جهڙوڪ: سيد ملوڪ شاهه بخاري، سيد سخي شاهه جمال، سيد گنبل شاهه، سيد صالح سوائي به ابدي ننڊ ستل آهن.
سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ جڏهن انگريز 1880ع ۾ جيڪا سروي مڪمل ڪئي هئي. ان ۾ هن ڳوٺ جي نشاندهي ٿيل آهي. انهيءَ گڏوگڏ منهنجي ذاتي کوجنا ۽ ڳوٺاڻن مطابق هن ڏيڍ صدي کان به وڌيڪ تاريخ رکندڙ ڳوٺ ۾ ڪيترائي قصا، ڪهاڻيون ۽ شخصيتون مدفن آهن. جن پنهنجي وس آهر ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڳوٺ مثالي بڻائڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو بهترين ڪردار نڀايو آهي.  1880ع ڌاري هتي فقط ٽن ذاتين ڏيپرن، ٻلهڙن ۽ سارين جا ڪجهه گهر هيا. باقي سمورو علائقو جهنگ هو. خاص ڪري اتر واري علائقي ڏانهن مهين جو دڙو هاڻ به موجود آهي پر هتان جا ماڻهو هن جڳهه کي جنن ڀوتن جو آستانو سمجهي گهٽ مقدار ۾  بلڪ ويندا ئي نه هئا.
 مهين جي دڙي جي ڪک ۾ هن سندر ڳوٺ ٻلهڙجي ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ذاتيون رهنديون هيون. پر هن وقت ڳوٺ ۾ انهن ذاتين جو انگ ڪجهه گهڻو نظر اچي ٿو. جيئن ساريا، ٻگهيا، پيرزادا، ممڻاڻي، چنا، چوهاڻ، ڪلهوڙا، جيسر، شيخ، بهڻ ملاح، سومرا، ماڇي، مڱريا، جيلاني، بخاري، لڪياري ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهائش پذير آهن. هن وقت ٻلهڙيجي ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ ڪچا ۽ پڪا گهر تعمير آهن، جتان جي ڪل آبادي 10000 لڳ ڀڳ آهي.
 ٻلهڙجي 1923ع کان 1936ع تائين تمام گهڻي ترقي ڪئي. شروعاتي ڏينهن ۾ ورهاڱي کان پهرين ڳوٺ ۾ هندو رهندا هئا. جيڪي سونارڪي دوڪان کان ويندي ڪرياني ۽ ٻيا ڪاروبار ڪندا هئا. ڳوٺ ۾ اٽي پيهڻ جي مشين به هئي ته تيل جو گهاڻو به هو. مال جي ڪٽي جا دوڪان هئا ۽ ڀڳڙن کان ويندي کاڌي پيتي جي هر شيءَ آساني سان ملي سگهندي هئي. هندن جي ڳوٺ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ هن ڳوٺ کي مالي حوالي سان ڪاپاري ڌڪ لڳو. جيئن پهرين ذڪر ڪيوسين ته ٻلهڙجي کي چؤطرف پيرن جي ڇانو آهي. تيئن سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه جو ورجاءُ ٻيهر ضروري ٿو سمجهان ڇو ته هي درگاهه شروع کان وٺي ماڻهن جي نگاهن جو مرڪز رهي آهي جتي ڪنڍين، ٽالهين، ٻيرين، ٻٻرن، بيدمشڪن ۽ نم جا اوچا گهاٽا وڻ آهن. هر سال مارچ مهيني جي ٽين، چوٿين، پنجين ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ ڪوهين ڏور ماڻهو اچي ويندا آهن. هن ميلي جي خاصيت اها آهي ته ميلي جو هڪڙو ڏينهن عورتن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويندو آهي ۽ ٻئي وڏي ڇڪ سنڌ جي قومي راند ملهه آهي. هن ميلي جو ملاکڙو لطيف سائين جي ميلي ٻيو نمبر ملاکڙو ٿيندو آهي. هر جمعي جي رات سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه راڳ ويراڳ جي محفل مچندي آهي. سخي شاهه جمال جي درگاهه تي پڻ هر سومر جي شام سرن جا ساز سرندا آهن. جتي ڳوٺاڻا ۽ تر جا ماڻهو موسيقي مان محضوض ٿيندا آهن. ان کان علاوه سيد صالح سوائي جي درگاهه تي هر اربع سانجهي ويل راڳي اچي مڙندا آهن محفل راڳ ٿيندا آهن.
ٻلهڙيجي کي پوري سنڌ ۾ لٽل ماسڪو سڏيو وڃي ٿو جنهن جو مقصد ٻلهڙيجي ۾ ڪميون ازم ۽ سيڪيولرازم جو وڌيڪ هئڻ آهي. ٻلهڙيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ قومپرست پارٽي جو وجود پوءِ پيو پهريان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻلهڙيجي ٺهي جنهن جو بنياد 1975ع ۾ انور پيرزادو، فيض الله پيرزادو ۽ ستار پيرزادي وڌو. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي ٺهي جنهن جو به بنياد 1980ع ۾ محترم انور پيرزادي ئي وڌو. 1985ع ۾ جڏهن ايوب خان جي دور ۾ مارشلا لڳي ته ان وقت ٻلهڙيجي ۾ پهرين هاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ سميت پوري پاڪستان منجهان ڪميونسٽ توڙي قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ڳوٺ ٻلهڙيجي هن وقت چئن وڏن پاڙن تي مشتمل آهي جنهن حاجي لعل بخش شيخ، بلي ڏنو ابڙو، ملوڪ آباد ۽ پراڻي ٻلهڙيجي اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن ٻلهڙيجي جي ماڻهن جي لباس جي ڳالهه ڪجي ته پهرين ۽ هاڻي جي ڀيٽ ۾ گهٽ تبديلي نظر اچي ٿي. ماضي ۾ ٻلهڙيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو راڄ رهيو آهي پر هن وقت ٻلهڙيجي  جا رهواسي قومپرست سياست ڏانهن لاڙو رکن ٿا.
ٻلهڙيجي شروع کان ئي تعليم جي ميدان ۾ تر جي ٻين ڳوٺن کان اڳڀري رهي آهي، اگن اکرن مطابق ڳوٺ اندر هن وقت به 90 سيڪڙو ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون تعليم جي اعلى زيور سان مالا مال ٿي رهيون آهن جڏهن ته ڳوٺ جا ڪجهه نوجوان تعليم مڪمل ڪري مختلف شعبن ۾ بحيثيت ڊاڪٽر، انجنيئر، صحافي، شاعر ۽ استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي ڳوٺ توڙي سنڌ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
ٻلهڙيجي هميشه سنڌ جي نامور شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن ۾ سرفهرست انور پيرزادو، لطف پيرزادو، مير پيرزادو، فيض الله پيرزادو، ستار پيرزادو، مامو رمضان ساريو، گلاب پيرزادو، جانيئڙو سنڌي ۽ نئين ٺهي جا کوڙ سارا شاعر ۽ نثر نويس اچي وڃي ٿا. جن سنڌ توڙي پاڪستان اندر پنهنجو نالو ڪڍيو آهي جنهن ۾ انور پيرزادي موهن جي ڌڙي تي تحقيق ڪري پهريون ڪتاب لکيو. جڏهن لطف پيرزادي پڻ مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ موهن جي ڌڙي توڙي شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي کوڙ سارا مضمون لکي موهن جي دڙي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پرچار ڪئي. .  
هن وقت به ٻلهڙيجي سنڌ جو اهو واحد ڳوٺ آهي جتي ڪڏهن به مذهب جي بنياد تي ڪو به فساد نه ٿيو آهي، هن ڳوٺ جي ماڻهن سدائين پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو قائم رکيو آهي. ٻلهڙيجي نه صرف هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي پر پنهنجي جوهر ۾ انوکي دنيا آهي جنه  منجهه ڀانت ڀانت جي لوڪ ڏاهپ سان گڏ جديد قومي سنڌي سوچ جو شعور آهي.


Tuesday, February 18, 2020

Bilal Mustafa, Article, Sindhi, MA 16 Revised

Revised
پاڪستان ۾ عورت جو وڌندڙ ڪردار
بلال مصطفيٰ، ايم اي پريوس، رول نمبر سورنهن
اڳئين دور جي پڌرشاھاڻي سماج ۾ عورت کي تمام گهٽ سمجهيو ويندو هو پر اڄ جي هن جديد دور ۾ عورت پنهنجو پاڻ کي مختلف شعبن ۾ مرد سان ڪلهو ڪلھي ۾ ملائي پاڻ کي مضبوط ڪيو آھي، جنهن تي جيترو لکجي گهٽ هوندو، عورت جنهن طرح ٽيڪنالاجي، تعليم، فيشن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ٻين گهڻن ئي جڳهن تي ڪردار نظر ايندو،  پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آھي جنهن ۾ عورتن کي به مرد جيتري برابري ھجڻ لازم آھي، جتي ھو به سماج لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ملن ٿيون.
بقول نيپولين بوناپاٽ جي ته “توهان مون کي هڪ ماءُ ڏيو آئون توهان کي هڪ پڙھيل لکيل قوم ڏيندس”، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ٻهراڙي جي عورتن تي لکجي ته گهڻو لکجي سگهجي ٿو، ڇو ته ڳوٺن جون عورتون پرهه ڦٽي کان سج لٿي تائين ٻنين جي ڪم، گاهه ڪرڻ کان ويندي گهر جي ڪمن سان گڏوگڏ سندن جي مردن جون ٻانهن ٻيلي هونديون آهن، خاص ڪري سنڌ جتي ڳوٺن جون عورتون شھري عورتن لاءِ مثال آھن. بقول محمد علي جناح جي ته “ڪابه قوم شهرت جي بلندين تائين اوستائين نٿي پهچي سگهي، جيستائين ان قوم جون عورتون مردن سان گڏ نه هجن.”
پاڪستان ۾  تعليم جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته عورت جو تعداد25  سيڪڙو وڌيڪ ملندو، بنسبت مرد جي جيڪو صرف ۽ صرف 38 سيڪڙو آھي.  انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي ڳالھ ڪجي  جنهن ۾ عورتون گهڻي مقدار ۾ اڳيان اچن پيون، جتي انهن هڪڙي نئين واپاري دنيا دريافت ڪئي آهي، ڪيترين ئي پاڪستاني عورتون جو فيشن ڊزائينگ، گرافڪ ڊزائينر، تعليم، زراعتي پيداوار، چوپائي مال جي واڌاري، صحافت، راندين ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ وڌندڙ ڪردار نمايان نظر اچي ٿو. انهن شعبن ذريعي اهي پاڪستان جي معيشت ۾ حصو ادا ڪري رھيون آھن. 2008ع ۾ رڪارڊ ٺاهيو ويو جنهن مطابق 21.8 سيڪڙو تحت عورتن پاڪستان ۾ بيگر ۾ حصو وٺي رهيون هيون. سياست جي ميدان ۾ به عورتون پنهنجو پاڻ ملهائي رهيون آهن،. گوگل جي سروي مطابق سال 2018ع دوران پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ جنرل سيٽن سميت 69 سيٽن تي عورتون چونڊجي آيون.
انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ 14 سيڪڙو جنهن ۾ بيگم جهان آرا جو نالو نمايان آھي، جنهن پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي، هن ”پاشا“ نالي آرگنائيزيشن جوڙي آهي جنهن جي پليٽ فارم تان هو مختلف موضوعن تي ڪانفرنسون ڪرائي ان شعبي کي هن تمام اڳتي ڪيو آھي، جنهن ۾ ڪريم، روشني رائيٽس ۽ ڪجھ ٻيون ڪمپنيون اڳيان وڌيون آھن، وڏي  ڳالھ ته بيگم جو مردن کان پاڪستان جي انهن ٻن مخصوص شعبن ۾ اهم ڪردار رهيو آھي. اهڙي ئي ريت تعليم واري شعبي ۾ پڻ عورت اڳ کان وڌيڪ اڳڀري نظر اچي رهي آهي، گوگل جي سروي مطابق ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾  سال 2018ع دوران 41681 شاگردياڻين داخلا ورتي، جڏهن ته سال 2019ع دوران ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ اهو انگ 48472 تائين پهتو. ان کانسواءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ نياڻين جي داخلا بابت مليل ڄاڻ مطابق سال 2018ع ۾ بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ 5 هزار 65 شاگردياڻين داخلا ورتي، جڏهن ته سال 2019ع دوران اهو انگ گهٽجي 4 هزار 902 ٿيو ، جيڪو سال 2020ع دوران ٻيهر وڌي 5100 ٿي ويو. ان کانسواءِ ماسٽرس ڊگري پروگرام ۾ سال 2018ع دوران 874 شاگردياڻين داخلا ورتي، جڏهن ته سال 2019ع دوران ماسٽرس ڊگري پروگرام ۾ 1370 شاگردياڻين داخلا ورتي، جنهن مان واضح آهي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت نياڻين جو اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن انگ وڌي رهيو آهي. عورتن جي نوڪري بابت ڪيل ورلڊ بئنڪ جي سال 2019ع جي رپورٽ مطابق 22.87 سيڪڙو عورتون مختلف هنڌن تي نوڪريون ڪري رهيون آهن.
هتي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪندا هلون ته اسان وٽ عورتن جي حقن لاءِ ڪيترائي قانون پاس ته ٿيل آهن پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان تي عمل اهو ناهي ٿي سگهيو جيڪو ٿيڻ گهرجي، ان ڪري ئي اسان وٽ عورتن تي تشدد جا واقعا گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، عورتن جي قتل کان ويندي عورتن تي تشدد جي واقعن واريون خبرون روز اخبارن جون زينت بڻيل آهن، عورتن جي حقن لاءِ جوڙيل سماجي تنظيمون به رڳو سيمينار ۽ ريليون منعقد ڪرڻ تائين محدود آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عورت شروعات کان وٺي بهادر رهي آھي، جنهن جو هڪ عظيم مثال شھيد محترمه بينظير ڀٽو آھي جيڪا پاڪستان جي تاريخ جي پهرين وزيراعظم عورت ٿي پر اڄ عورت کي اڃا به ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسڪولن ۾ عورت کي پڙھائڻ کان وٺي ٻين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ گهٽ ترجيح ڏني وڃي ٿي، سنڌ جي ڳوٺن جي عورتن کي مئٽرڪ تائين تعليم ڏياري گهر تائين محدود ڪيو وڃي ٿو، عورت جي ڪردارڪشي ڪئي وڃي ٿي، ڪيترائي ڀيرا ان مظلوم کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، جتي اسان دنيا جي تهذيب يافتا قومن جي عورتن جا مثال وٺي پاڻ کي چڱو چوندا آھيون اتي اسان کي به هر عورت کي برابري جو حق جنهن جو اسلام ۾ به تاڪيد ڪيل آھي، ڏئي اڳيان ڪيون ته جيڪو اسان جو اولين فرض آھي تنهن کي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ حڪومت سان گڏ ڪامياب ٿيون. 
It is wrong figure that 62 % females are literate.it was very interesting
 In medical what was male female ratio? It was more than male. HEC and others were planning to change admission policy,as after passing MBBS  many of the  medical graduates were not joining this profession


It is wrong figure that 62 % females are literate
پاڪستان ۾ عورت جو وڌندڙ ڪردار
بلال مصطفيٰ، ايم اي پريوس، رول نمبر سورنهن
اڳئين دور جي پڌرشاھاڻي سماج ۾ عورت کي تمام گهٽ سمجهيو ويندو هو پر اڄ جي هن جديد دور ۾ عورت پنهنجو پاڻ کي مختلف شعبن ۾ مرد سان ڪلهو ڪلھي ۾ ملائي پاڻ کي مضبوط ڪيو آھي، جنهن تي جيترو لکجي گهٽ هوندو، عورت جنهن طرح ٽيڪنالاجي، تعليم، فيشن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ٻين گهڻن ئي جڳهن تي ڪردار نظر ايندو،  پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آھي جنهن ۾ عورتن کي به مرد جيتري برابري ھجڻ لازم آھي، جتي ھو به سماج لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ملن ٿيون.
بقول نيپولين بوناپاٽ جي ته “توهان مون کي هڪ ماءُ ڏيو آئون توهان کي هڪ پڙھيل لکيل قوم ڏيندس”، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ٻهراڙي جي عورتن تي لکجي ته گهڻو لکجي سگهجي ٿو، ڇو ته ڳوٺن جون عورتون پرهه ڦٽي کان سج لٿي تائين ٻنين جي ڪم، گاهه ڪرڻ کان ويندي گهر جي ڪمن سان گڏوگڏ سندن جي مردن جون ٻانهن ٻيلي هونديون آهن، خاص ڪري سنڌ جتي ڳوٺن جون عورتون شھري عورتن لاءِ مثال آھن. بقول محمد علي جناح جي ته “ڪابه قوم شهرت جي بلندين تائين اوستائين نٿي پهچي سگهي، جيستائين ان قوم جون عورتون مردن سان گڏ نه هجن.”
پاڪستان ۾  تعليم جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته عورت جو تعداد 62 سيڪڙو وڌيڪ ملندو، بنسبت مرد جي جيڪو صرف ۽ صرف 38 سيڪڙو آھي.  انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي ڳالھ ڪجي  جنهن ۾ عورتون گهڻي مقدار ۾ اڳيان اچن پيون، جتي انهن هڪڙي نئين واپاري دنيا دريافت ڪئي آهي، ڪيترين ئي پاڪستاني عورتون جو فيشن ڊزائينگ، گرافڪ ڊزائينر، تعليم، زراعتي پيداوار، چوپائي مال جي واڌاري، صحافت، راندين ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ وڌندڙ ڪردار نمايان نظر اچي ٿو. انهن شعبن ذريعي اهي پاڪستان جي معيشت ۾ حصو ادا ڪري رھيون آھن. 2008ع ۾ رڪارڊ ٺاهيو ويو جنهن مطابق 21.8 سيڪڙو تحت عورتن پاڪستان ۾ بيگر ۾ حصو وٺي رهيون هيون. سياست جي ميدان ۾ به عورتون پنهنجو پاڻ ملهائي رهيون آهن،. گوگل جي سروي مطابق سال 2018ع دوران پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ جنرل سيٽن سميت 69 سيٽن تي عورتون چونڊجي آيون.
انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ 14 سيڪڙو جنهن ۾ بيگم جهان آرا جو نالو نمايان آھي، جنهن پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي، هن ”پاشا“ نالي آرگنائيزيشن جوڙي آهي جنهن جي پليٽ فارم تان هو مختلف موضوعن تي ڪانفرنسون ڪرائي ان شعبي کي هن تمام اڳتي ڪيو آھي، جنهن ۾ ڪريم، روشني رائيٽس ۽ ڪجھ ٻيون ڪمپنيون اڳيان وڌيون آھن، وڏي  ڳالھ ته بيگم جو مردن کان پاڪستان جي انهن ٻن مخصوص شعبن ۾ اهم ڪردار رهيو آھي. اهڙي ئي ريت تعليم واري شعبي ۾ پڻ عورت اڳ کان وڌيڪ اڳڀري نظر اچي رهي آهي، گوگل جي سروي مطابق ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾  سال 2018ع دوران 41681 شاگردياڻين داخلا ورتي، جڏهن ته سال 2019ع دوران ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ اهو انگ 48472 تائين پهتو. ان کانسواءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ نياڻين جي داخلا بابت مليل ڄاڻ مطابق سال 2018ع ۾ بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ 5 هزار 65 شاگردياڻين داخلا ورتي، جڏهن ته سال 2019ع دوران اهو انگ گهٽجي 4 هزار 902 ٿيو ، جيڪو سال 2020ع دوران ٻيهر وڌي 5100 ٿي ويو. ان کانسواءِ ماسٽرس ڊگري پروگرام ۾ سال 2018ع دوران 874 شاگردياڻين داخلا ورتي، جڏهن ته سال 2019ع دوران ماسٽرس ڊگري پروگرام ۾ 1370 شاگردياڻين داخلا ورتي، جنهن مان واضح آهي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت نياڻين جو اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن انگ وڌي رهيو آهي. عورتن جي نوڪري بابت ڪيل ورلڊ بئنڪ جي سال 2019ع جي رپورٽ مطابق 22.87 سيڪڙو عورتون مختلف هنڌن تي نوڪريون ڪري رهيون آهن.
هتي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪندا هلون ته اسان وٽ عورتن جي حقن لاءِ ڪيترائي قانون پاس ته ٿيل آهن پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان تي عمل اهو ناهي ٿي سگهيو جيڪو ٿيڻ گهرجي، ان ڪري ئي اسان وٽ عورتن تي تشدد جا واقعا گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، عورتن جي قتل کان ويندي عورتن تي تشدد جي واقعن واريون خبرون روز اخبارن جون زينت بڻيل آهن، عورتن جي حقن لاءِ جوڙيل سماجي تنظيمون به رڳو سيمينار ۽ ريليون منعقد ڪرڻ تائين محدود آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عورت شروعات کان وٺي بهادر رهي آھي، جنهن جو هڪ عظيم مثال شھيد محترمه بينظير ڀٽو آھي جيڪا پاڪستان جي تاريخ جي پهرين وزيراعظم عورت ٿي پر اڄ عورت کي اڃا به ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسڪولن ۾ عورت کي پڙھائڻ کان وٺي ٻين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ گهٽ ترجيح ڏني وڃي ٿي، سنڌ جي ڳوٺن جي عورتن کي مئٽرڪ تائين تعليم ڏياري گهر تائين محدود ڪيو وڃي ٿو، عورت جي ڪردارڪشي ڪئي وڃي ٿي، ڪيترائي ڀيرا ان مظلوم کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، جتي اسان دنيا جي تهذيب يافتا قومن جي عورتن جا مثال وٺي پاڻ کي چڱو چوندا آھيون اتي اسان کي به هر عورت کي برابري جو حق جنهن جو اسلام ۾ به تاڪيد ڪيل آھي، ڏئي اڳيان ڪيون ته جيڪو اسان جو اولين فرض آھي تنهن کي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ حڪومت سان گڏ ڪامياب ٿيون. 

Nothing new, Content is weak
How u sayd its increasing? u have to prove it. 
For example, what was figure of girls students seeking admission or who got admission in Sindh University in 2020? and what was 2-3 years back
Same can be seen in M.Phil admission entry test. 
Medical admission etc. these numbers can be found on net
Check increasing number of women in jobs 
Number of women in politics, activism 
Whatever u say u have to give evidence, just saying increasing will not do
Referred back, send  revised till Sunday evening


پاڪستان ۾ عورت جو وڌندڙ ڪردار
بلال مصطفيٰ، ايم اي پريوس، رول نمبر سورنهن
اڳئين دور جي پڌرشاھاڻي سماج ۾ عورت کي تمام گهٽ سمجهيو ويندو هو پر اڄ جي هن جديد
دور ۾ عورت پنهنجو پاڻ کي مختلف شعبن ۾ مرد سان ڪلهو ڪلھي ۾ ملائي پاڻ کي مضبوط
ڪيو آھي، جنهن تي جيترو لکجي گهٽ هوندو، عورت جنهن طرح ٽيڪنالاجي، تعليم، فيشن ۽
انهيءَ سان گڏوگڏ ٻين گهڻن ئي جڳهن تي ڪردار نظر ايندو، پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آھي
جنهن ۾ عورتن کي به مرد جيتري برابري ھجڻ لازم آھي، جتي ھو به سماج لاءِ پنهنجو ڪردار
ادا ڪندي ملن ٿيون.
”بقول نيپولين بوناپاٽ جي ته توهان مون کي هڪ ماءُ ڏيو آئون توهان کي هڪ پڙھيل لکيل قوم
ڏيندس“، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ٻهراڙي جي عورتن تي لکجي ته گهڻو لکجي سگهجي ٿو، ڇو ته
ڳوٺن جون عورتون پرهه ڦٽي کان سج لٿي تائين ٻنين جي ڪم، گاهه ڪرڻ کان ويندي گهر جي
ڪمن سان گڏوگڏ سندن جي مردن جون ٻانهن ٻيلي هونديون آهن، خاص ڪري سنڌ جتي ڳوٺن
جون عورتون شھري عورتن لاءِ مثال آھن.
پاڪستان ۾ تعليم جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته عورت جو تعداد 62 سيڪڙو وڌيڪ ملندو،
بنسبت مرد جي جيڪو صرف ۽ صرف 38 سيڪڙو آھي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي ڳالھ ڪجي جنهن ۾ عورتون گهڻي مقدار ۾ اڳيان اچن پيون،
جتي انهن هڪڙي نئين واپاري دنيا دريافت ڪئي آهي، ڪيترين ئي پاڪستاني عورتون جو فيشن
ڊزائينگ، گرافڪ ڊزائينر، تعليم، زراعتي پيداوار، چوپائي مال جي واڌاري، صحافت، راندين ۽
ٻين مختلف شعبن ۾ وڌندڙ ڪردار نمايان نظر اچي ٿو. انهن شعبن ذريعي اهي پاڪستان جي
معيشت ۾ حصو ادا ڪري رھيون آھن. 2008ع ۾ رڪارڊ ٺاهيو ويو جنهن مطابق 21.8
سيڪڙو تحت عورتن پاڪستان ۾ بيگر ۾ حصو وٺي رهيون هيون.
انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ 14 سيڪڙو جنهن ۾ بيگم جهان آرا جو نالو نمايان آھي، جنهن
پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي، هن ”پاشا“ نالي آرگنائيزيشن جوڙي آهي جنهن
جي پليٽ فارم تان هو مختلف موضوعن تي ڪانفرنسون ڪرائي ان شعبي کي هن تمام اڳتي
ڪيو آھي، جنهن ۾ ڪريم، روشني رائيٽس ۽ ڪجھ ٻيون ڪمپنيون اڳيان وڌيون آھن، وڏي ڳالھ
ته بيگم جو مردن کان پاڪستان جي انهن ٻن مخصوص شعبن ۾ اهم ڪردار رهيو آھي.
هتي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪندا هلون ته اسان وٽ عورتن جي حقن لاءِ ڪيترائي قانون پاس ته
ٿيل آهن پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان تي عمل اهو ناهي ٿي سگهيو جيڪو ٿيڻ
گهرجي، ان ڪري ئي اسان وٽ عورتن تي تشدد جا واقعا گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا

آهن، عورتن جي قتل کان ويندي عورتن تي تشدد جي واقعن واريون خبرون روز اخبارن جون
زينت بڻيل آهن، عورتن جي حقن لاءِ جوڙيل سماجي تنظيمون به رڳو سيمينار ۽ ريليون منعقد
ڪرڻ تائين محدود آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عورت شروعات کان وٺي بهادر رهي آھي، جنهن جو هڪ عظيم مثال
شھيد محترمه بينظير ڀٽو آھي جيڪا پاڪستان جي تاريخ جي پهرين وزيراعظم عورت ٿي پر اڄ
عورت کي اڃا به ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسڪولن ۾ عورت کي پڙھائڻ
کان وٺي ٻين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ گهٽ ترجيح ڏني وڃي ٿي، سنڌ جي ڳوٺن جي عورتن کي
مئٽرڪ تائين تعليم ڏياري گهر تائين محدود ڪيو وڃي ٿو، عورت جي ڪردارڪشي ڪئي
وڃي ٿي، ڪيترائي ڀيرا ان مظلوم کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، جتي اسان دنيا جي تهذيب
يافتا قومن جي عورتن جا مثال وٺي پاڻ کي چڱو چوندا آھيون اتي اسان کي به هر عورت کي
برابري جو حق جنهن جو اسلام ۾ به تاڪيد ڪيل آھي، ڏئي اڳيان ڪيون ته جيڪو اسان جو
اولين فرض آھي تنهن کي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ حڪومت سان گڏ ڪامياب ٿيون.