Tuesday, March 10, 2020

Bilal Mustafa Bughio - Feature - Sindhi, MA -16


Bilal Mustafa Buhio feature on Balereji
فيچر-
ٻلهڙجي_
بلال مصطفيٰ ٻگهيو _رول نمبر سورنهن
         
محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو. (شاهه)
      ٻلهڙجي شاعرن، صحافين، نثر نويسن، صوفين ۽ پيار ونڊيندڙن جو ڳوٺ رهيو آهي. جيڪو هڪ تاريخ رکي ٿو. جنهن لاءِ سنڌ جي گهڻن ساڃاهه وندن وٽان تمام گهڻو پڙهيو ۽ ٻڌو آهي. پر اڄ جڏهن پاڻ قلم کڻي لکڻ ويٺو آهيان. سچ ته منهنجي قلم ۾ اها سگهه ناهي. جو پنهنجي جنم ڀومي کي اعليٰ لفظن ۾ سمائي سگهان. هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم. اميد ته ان کي نڀائي ويندس.
       ٻلهڙجي جتي چوڌاري وڏا وڏا مٽي جا بند، ڳوٺ جي اتر طرف کان پنج هزار سال کان وڌيڪ سنڌ جو تاريخي ورثو مهين جو دڙو جيڪو صدين کان ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺو آهي ۽ جڏهن اوڀر طرف نظر وجهجي ٿي ته سنڌو درياهه پنهنجي ڀروپور جوڀن ۾ وهندي نظر اچي ٿو، ان ئي پاسي ڳوٺ جون سر سبز شاد آباد ٻنيون ڏسي اکيون ٺري پون ٿيون. اولهه طرف بند تي چڙهبو ساون فصلن سان گڏوگڏ بگي، ٻٽ، ساريا ۽ ٻنڊي جيڪو سنڌ جي ارڏي پٽ سوڀي گيانچنداڻي جو اباڻو ڳوٺ به نظر اچن ٿا. ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي ڪاراڻي، گاجي ديرو، فتح پور ۽ ٻيا ننڍا توڙي وڏا ڳوٺ موجود آهن. ڳوٺ جي چؤطرف ڪيترن ئي خدا جي ولين ۽ ٻانهن جون درگاهون آهن. جهڙوڪ: سيد ملوڪ شاهه بخاري، سيد سخي شاهه جمال، سيد گنبل شاهه، سيد صالح سوائي به ابدي ننڊ ستل آهن.
سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ جڏهن انگريز 1880ع ۾ جيڪا سروي مڪمل ڪئي هئي. ان ۾ هن ڳوٺ جي نشاندهي ٿيل آهي. انهيءَ گڏوگڏ منهنجي ذاتي کوجنا ۽ ڳوٺاڻن مطابق هن ڏيڍ صدي کان به وڌيڪ تاريخ رکندڙ ڳوٺ ۾ ڪيترائي قصا، ڪهاڻيون ۽ شخصيتون مدفن آهن. جن پنهنجي وس آهر ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڳوٺ مثالي بڻائڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو بهترين ڪردار نڀايو آهي.  1880ع ڌاري هتي فقط ٽن ذاتين ڏيپرن، ٻلهڙن ۽ سارين جا ڪجهه گهر هيا. باقي سمورو علائقو جهنگ هو. خاص ڪري اتر واري علائقي ڏانهن مهين جو دڙو هاڻ به موجود آهي پر هتان جا ماڻهو هن جڳهه کي جنن ڀوتن جو آستانو سمجهي گهٽ مقدار ۾  بلڪ ويندا ئي نه هئا.
 مهين جي دڙي جي ڪک ۾ هن سندر ڳوٺ ٻلهڙجي ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ذاتيون رهنديون هيون. پر هن وقت ڳوٺ ۾ انهن ذاتين جو انگ ڪجهه گهڻو نظر اچي ٿو. جيئن ساريا، ٻگهيا، پيرزادا، ممڻاڻي، چنا، چوهاڻ، ڪلهوڙا، جيسر، شيخ، بهڻ ملاح، سومرا، ماڇي، مڱريا، جيلاني، بخاري، لڪياري ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهائش پذير آهن. هن وقت ٻلهڙيجي ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ ڪچا ۽ پڪا گهر تعمير آهن، جتان جي ڪل آبادي 10000 لڳ ڀڳ آهي.
 ٻلهڙجي 1923ع کان 1936ع تائين تمام گهڻي ترقي ڪئي. شروعاتي ڏينهن ۾ ورهاڱي کان پهرين ڳوٺ ۾ هندو رهندا هئا. جيڪي سونارڪي دوڪان کان ويندي ڪرياني ۽ ٻيا ڪاروبار ڪندا هئا. ڳوٺ ۾ اٽي پيهڻ جي مشين به هئي ته تيل جو گهاڻو به هو. مال جي ڪٽي جا دوڪان هئا ۽ ڀڳڙن کان ويندي کاڌي پيتي جي هر شيءَ آساني سان ملي سگهندي هئي. هندن جي ڳوٺ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ هن ڳوٺ کي مالي حوالي سان ڪاپاري ڌڪ لڳو. جيئن پهرين ذڪر ڪيوسين ته ٻلهڙجي کي چؤطرف پيرن جي ڇانو آهي. تيئن سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه جو ورجاءُ ٻيهر ضروري ٿو سمجهان ڇو ته هي درگاهه شروع کان وٺي ماڻهن جي نگاهن جو مرڪز رهي آهي جتي ڪنڍين، ٽالهين، ٻيرين، ٻٻرن، بيدمشڪن ۽ نم جا اوچا گهاٽا وڻ آهن. هر سال مارچ مهيني جي ٽين، چوٿين، پنجين ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ ڪوهين ڏور ماڻهو اچي ويندا آهن. هن ميلي جي خاصيت اها آهي ته ميلي جو هڪڙو ڏينهن عورتن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويندو آهي ۽ ٻئي وڏي ڇڪ سنڌ جي قومي راند ملهه آهي. هن ميلي جو ملاکڙو لطيف سائين جي ميلي ٻيو نمبر ملاکڙو ٿيندو آهي. هر جمعي جي رات سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه راڳ ويراڳ جي محفل مچندي آهي. سخي شاهه جمال جي درگاهه تي پڻ هر سومر جي شام سرن جا ساز سرندا آهن. جتي ڳوٺاڻا ۽ تر جا ماڻهو موسيقي مان محضوض ٿيندا آهن. ان کان علاوه سيد صالح سوائي جي درگاهه تي هر اربع سانجهي ويل راڳي اچي مڙندا آهن محفل راڳ ٿيندا آهن.
ٻلهڙيجي کي پوري سنڌ ۾ لٽل ماسڪو سڏيو وڃي ٿو جنهن جو مقصد ٻلهڙيجي ۾ ڪميون ازم ۽ سيڪيولرازم جو وڌيڪ هئڻ آهي. ٻلهڙيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ قومپرست پارٽي جو وجود پوءِ پيو پهريان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻلهڙيجي ٺهي جنهن جو بنياد 1975ع ۾ انور پيرزادو، فيض الله پيرزادو ۽ ستار پيرزادي وڌو. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي ٺهي جنهن جو به بنياد 1980ع ۾ محترم انور پيرزادي ئي وڌو. 1985ع ۾ جڏهن ايوب خان جي دور ۾ مارشلا لڳي ته ان وقت ٻلهڙيجي ۾ پهرين هاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ سميت پوري پاڪستان منجهان ڪميونسٽ توڙي قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ڳوٺ ٻلهڙيجي هن وقت چئن وڏن پاڙن تي مشتمل آهي جنهن حاجي لعل بخش شيخ، بلي ڏنو ابڙو، ملوڪ آباد ۽ پراڻي ٻلهڙيجي اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن ٻلهڙيجي جي ماڻهن جي لباس جي ڳالهه ڪجي ته پهرين ۽ هاڻي جي ڀيٽ ۾ گهٽ تبديلي نظر اچي ٿي. ماضي ۾ ٻلهڙيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو راڄ رهيو آهي پر هن وقت ٻلهڙيجي  جا رهواسي قومپرست سياست ڏانهن لاڙو رکن ٿا.
ٻلهڙيجي شروع کان ئي تعليم جي ميدان ۾ تر جي ٻين ڳوٺن کان اڳڀري رهي آهي، اگن اکرن مطابق ڳوٺ اندر هن وقت به 90 سيڪڙو ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون تعليم جي اعلى زيور سان مالا مال ٿي رهيون آهن جڏهن ته ڳوٺ جا ڪجهه نوجوان تعليم مڪمل ڪري مختلف شعبن ۾ بحيثيت ڊاڪٽر، انجنيئر، صحافي، شاعر ۽ استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي ڳوٺ توڙي سنڌ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
ٻلهڙيجي هميشه سنڌ جي نامور شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن ۾ سرفهرست انور پيرزادو، لطف پيرزادو، مير پيرزادو، فيض الله پيرزادو، ستار پيرزادو، مامو رمضان ساريو، گلاب پيرزادو، جانيئڙو سنڌي ۽ نئين ٺهي جا کوڙ سارا شاعر ۽ نثر نويس اچي وڃي ٿا. جن سنڌ توڙي پاڪستان اندر پنهنجو نالو ڪڍيو آهي جنهن ۾ انور پيرزادي موهن جي ڌڙي تي تحقيق ڪري پهريون ڪتاب لکيو. جڏهن لطف پيرزادي پڻ مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ موهن جي ڌڙي توڙي شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي کوڙ سارا مضمون لکي موهن جي دڙي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پرچار ڪئي. .  
هن وقت به ٻلهڙيجي سنڌ جو اهو واحد ڳوٺ آهي جتي ڪڏهن به مذهب جي بنياد تي ڪو به فساد نه ٿيو آهي، هن ڳوٺ جي ماڻهن سدائين پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو قائم رکيو آهي. ٻلهڙيجي نه صرف هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي پر پنهنجي جوهر ۾ انوکي دنيا آهي جنه  منجهه ڀانت ڀانت جي لوڪ ڏاهپ سان گڏ جديد قومي سنڌي سوچ جو شعور آهي.


No comments:

Post a Comment