گذريل ڏهاڪي دوران ٻيلن
جي ڪٽائي
Name roll number, category of writing are missing
Do not repeat until u r asked.
Contents not checked
ٻيلا، قدرت جي طرفان مليل ڪنهن به علائقي لاءِ هڪ انمول
تحفي جي حيثيت رکن ٿا، جن جي ذريعي مناسب مقدار ۾ قدرتي آڪسيجن ملڻ ۽ ڪاروبان ڊاءِ
آڪسائيڊ جو وڻن جي ذريعي جذب ٿيڻ ۾ مدد ملي ٿي، جنهن سان ڌرتي جي گولي زندگي ساهه
کڻندي رهي ٿي ۽ انسان توڙي، جانور ۽ ٻي مخلوق زندگي جو ڀرپور مزو ماڻين ٿا. پر
بدقسمتي سان پاڪستان انهن ملڪن جي فهرست ۾ اچي وڃي ٿو. جتي قدرت طرفان ڏنل ان نعمت
کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي، اهو ڄاڻندي به ته اگر ٻيلا نه هوندا ته زندگي به نه
هوندي.
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ جي حيثيت رکڻ جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي
ملڪن جي وچ ۾ هڪ نمايا سڃاڻپ رکي ٿو. خوش نصيب هوندو آهي اهو ملڪ جنهن ۾ سامونڊي
پتي ۽ ٻيلا موجود هجن ۽ پاڪستان پڻ انهن ملڪن جي فهرست ۾ ملي ٿو، جنهن کي لڳ ڀڳ
300 ڪلو ميٽر سامونڊي پٽي ۽ 14290 ڪلو ميٽر تي ڦهليل گهاٽا ٻيلا آهن.
پاڪستان جي ٻيلن ۾ پنڊروفر ٻيلو، موريندا اسپروس، ڊيوڊر يا
ديال ٻيلو، نيرو پائن ٻيلو، چر پائن ٻيلو ۽ ڪونفيروس ٻيلو شامل آهن.
جڏهن ته چهانگا مانگا ٻيلو پاڪستان جي وڏن ٻيلن ۾ شامل ٿئي
ٿو. دور جديد جي تقاضن کي پوري ڪرڻ جي مقصد لاءِ پاڪستان جي ٻيلن کي سالن کان ڪٽيو
پيو وڃي پر بدقسمتي سان اهو تناسب گذريل ڏهن سالن کان وڌندو پيو وڃي.
اگر اهو تناسب ايتري تيزي سان وڌندو رهيو ته ايندڙ ڏهاڪي ۾
ممڪنا خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ زندگي تمام ڏکي ٿي ويندي.
گذريل ڏهاڪي تي پاڪستاني ٻيلن جي تباهي تي نظر وجهڻ سان هڪ
ڏکائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ نتيجو سامهون اچي ٿو، جنهن کي مختصرن هن ريت بيان ڪري سگهي
ٿو ته سال 2005 ۾ ٻيلن جو تناسب -2.28 کان ڪرندي، 2006 ۾ -2.26، 2007 ۾ -2.31، 2008 ۾ -2.43، 2009 ۾ -2.49، 2010 ۾ -2.55، 2011 ۾ -2.69، 2012 ۾ -2.62، 2013 ۾ -2.76، 2014 ۾ -2.76، 2015 ۾ -2.84 ۽ 2016 تائين اهو تناسب -2.92 تائين هيٺ ڪِريو.
مٿين رپورٽ تي نظر پوڻ سان ئي انتهائي افسوس ٿئي ٿو.
ٻيلن جي ڪٽائي ۽ ان جي نقصانات جي حوالي سان پاڪستان جا
مختلف زرعي ادارا جن ۾ پي اي آر سي سر فهرست آهي، انتهائي تشويشناڪ صورتحال جي
اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. پهرين صرف وڻ ڪاري وڌائڻ جي مهم هلايون وينديون هيون پر هاڻ
زرعي ادارن طرفان وڻڪاري برقرار رکڻ تي زور ڀريو پيو وڃي. ادارن جي چوڻ مطابق ته
اگر نوان وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ مشڪل آهي ته گهٽ ۾ گهٽ جيڪي ٻيلا، وڻ ۽ ٻوٽا في الوقت
موجود آهن انهن جي مناسب سنڀال ڪندي انهن کي برقرار رکيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ پيش
ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿي سگهجي.
پاڪستان ۾ مجموعي طور ٻيلن جي ڪٽائي 0.75 جي رفتار سان، هر
سال 27000 هيڪٽر ٻيلن جي تباهي ٿئي پئي. جيڪا هڪ انتهائي افسوسناڪ ۽ خطرناڪ ڳالهه
آهي.
تازي 2019 جي رپورٽ جي مطابق 61000 کان وڌيڪ ٻيلن جي ڪٽائي
ڪئي وئي جيڪا لڳ ڀڳ 151600 ايڪڙن جي ايراضي تي ڦهليل هئا. مختلف ايڪسپرٽ جي راءِ
مطابق ايندڙ 50 سالن ۾ پاڪستان ۾ قدرتي ٻيلا اڻ لڀ ٿي ويندا جيڪڏهن ٻيلن جي ڪٽائي
ائين ئي جاري رهي.
WWF جي رپورٽ مطابق پنجاب ۾ 99711 ٻيلن جي ڪٽائي ڪئي وئي، جڏهن ته
27874 سنڌ جي ٻيلن کي ڪٽيو ويو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن 1947 ۾ پاڪستان آزاد ٿيو ته
ملڪ جي 33 سيڪڙو ايراضي ٻيلن سان ڀريل هئي، جڏهن ته محڪمئه موسميات جي وزير جي
رپورٽ مطابق 2015 ۾ پاڪستان جي صرف 5 سيڪڙو ايراضي وڻن تي مشتمل آهي، ڪجهه اين جي
اوز جي چوڻ مطابق ملڪ جو صرف 3 سيڪڙو حصو ٻيلن تي مشتمل رهيو آهي. ٻيلن جي ڪٽائي
سبب هن ريت ٻڌايا وڃن ٿا ته جديد دور ۾ ڪاٺ جو استعمال عمارتي آرائش ۽ تزين لاءِ
تمام گهڻ مقدار ۾ ڪيو وڃي ٿو، ان کان علاوه اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پراڻي دور ۾
جڏهن مختلف ڌاڙيل ۽ ڦورن جي پناهه گاهه گهٽا ٻيلا هوندا هئا، جتي اهي مهينن جا
مهينا لڪي گذاريندا هئا، يا ته غريب ماڻهن کي اغوا ڪري يرغمال بڻائي رکندا هئا.
انهن جي انهيءِ غير انساني عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ به ڪافي ٻيلا ڪٽيا ويا ته جيئن
ڌاڙيل ۽ ڦورن کي ڀڄڻ جي ڪا پناهه نه ملي.
ٻيلن جي ڪٽائي جو اهو سلسلو ڪيستائين ۽ ڪيترو هلندو ۽ ان جي
نتيجي ۾ ٿيندڙ خطرن کي پاڪستاني قوم ڪيئن منهن ڏيندي، ان جو جواب هن وقت ڏيڻ تمام
مشڪل آهي. پر ايترو ضرور چيو وڃي سگهجي ٿو ته ٻيلن جي ڪري ئي خطي ۾ زندگي جو
ڪاروهنوار جاري رکي سگهجي ٿو بلڪه انفرادي طور تي به پنهنجي ذميواري قبول ڪري ٻيلن
کي بچائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ اپاءُ وٺڻا پوندا.
No comments:
Post a Comment