ڪوٽڙي بئراج
علي مراد چانڊيو، ايم اي پريوس، رول نمبر ٻارنهن
حيدرآباد ۽ ڄامشورو وچ ۾ 44 دروازن تي مشتمل ڪوٽڙي بئراج جي پيڙهه جو پٿر 12
فيبروري 1950ع ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل الحاج خواجا نظام الدين رکيو، جڏهن ته
بئراج جو افتتاح تڏهوڪي پاڪستان جي گورنر جنرل چوڌري غلام محمد ڪيو. گڏ ڪيل ڄاڻ
مطابق 7 عيسوي ۾ عربن سنڌو درياهه تي بند ڏياري واهه وهائڻ شروع ڪيا، ان کانپوءِ
انگريزن جو دور شروع ٿيو، 1843ع ۾ انگريزن پاران سنڌ تي قبضي کانپوءِ ڪراچي بندر
کي پنجاب ۽ هندستان تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه تي ٻنهي طرفن کان بند ٻڌڻ
شروع ڪيا ويا، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد پهرين پل ۽ بعد ۾ روهڙي ۽ سکر ٻي تاريخي پل ۽
بئراج تعمير ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد گندو بندر ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ ريلوي پل
1888ع ۽ 1932ع ۾ جوڙائي وئي، اهڙي ريت پاڪستان جي قيام کانپوءِ انگريز سرڪار جي
تجويز ڪيل گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج به تعمير ڪري سنڌ جي زمينن کي آباد ڪيو ويو. ڪوٽڙي
بئراج کي پرڏيهي ڪمپني 5 سالن جي مختصر عرصي ۾ 935 ملين جي خرچ سان جوڙي تيار ڪيو.
ان وقت سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي پنهنجي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج
جو نالو غلام محمد رکڻ جي تجويز ڏني، ان تجويز کي پاڪستان جي گورنر چوڌري غلام
محمد قبول ڪيو ۽ هن پاڻ بئراج جو نالو غلام محمد بئراج رکيو پر پوءِ به هن بئراج
کي عام ماڻهو ڪوٽڙي بئراج يا المنظر پل جي نالي سان ڪوٺين ٿا. هن بئراج جي ڊيگهه 9
هزار 284 فوٽ ۽ بئراج جي هر هڪ گيٽ جي ويڪر 60 فوٽ ۽ اوچائي 35 فوٽ آهي، جن ذريعي
ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو. هن بئراج مان 4 ڪئنال/واهه نڪتل آهن، جن مان
درياهه جي ساڄي پاسي ڪلري بگهاڙ فيڊر ۽ کاٻي پاسي پراڻي ڦليلي، نئين ڦليلي ۽ اڪرم
واهه شامل آهن، چار ئي واهه ڄامشورو، ٺٽي، ڪراچي، حيدرآباد، بدين، مٽياري،
ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ آبادين کي پيئڻ ۽ 40 لک
ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين جي آبادي لاءِ پاڻي ڏين ٿا.
ڪوٽڙي بئراج جي 55 سالن جي عرصي ۾ انگلينڊ جي هڪ تعميراتي ڪمپني نومبر 1989ع
کان جون 2000ع تائين پهرين تعميراتي ڪم واري رقم ۾ 935 ملين کانسواءِ هڪ ارب 63
ڪروڙ 73 لک رپين جي لاڳت سان هن بئراج جي 44 ئي دروازن جا طاق تبديل ڪيا ويا ۽ روڊ
کي نئين سر تعمير ڪيو، جنهن لاءِ هيوي قسم جي مشينري استعمال ۾ آندي وئي.
آبپاشي کاتي جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ساجد علي ڀٽو مطابق 44 دروازن واري هن ڪوٽڙي بئراج مان هڪ ئي وقت 8
لک 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گذر جي گنجائش موجود آهي، هر هڪ دروازي مان پاڻي جي
نيڪال جي گنجائش 19 هزار 888 ڪيوسڪ آهي پر 1965ع ۾ آيل وڏي يعني مهاٻوڏ دوران
گنجائش کانسواءِ سوا لک ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي يعني 9 لک 81 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو گذر
ڪرايو ويو، جنهن دوران هر هڪ دروازي مان 22 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي گذاريو ويو، ان
کانپوءِ 1973ع،1976ع ۽ 1990ع جي وڏين ٻوڏن دوران هن بئراج مان 7 کان 8 لک ڪيوسڪ
پاڻي ڪراس ڪيو ويو. سال 1996ع ۾ آيل وڏي ٻوڏ ۾ 8 لک 24 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو گذر
ٿيو، جڏهن ته سال 2010ع دوران 27 آگسٽ 2010ع تي آبپاشي کاتي جي رڪارڊ ڪيل انگن
اکرن موجب ڪوٽڙي بئراج مان 9 لک 64 هزار 874 ڪيوسڪ پاڻي جو گذر ٿي چڪو آهي.
آبپاشي کاتي جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ساجد علي ڀٽو مطابق ڪوٽڙي بئراج وٽان 2 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي
وهڪري کي معمولي ٻوڏ، 2 لک کان 3 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين پاڻي جي وهڪري کي هيٺئين
درجي جي ٻوڏ، ساڍا 3 لک ڪيوسڪ کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري کي وچولي درجي جي ٻوڏ،
5 لک کان 7 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي جي وهڪري کي مٿئين درجي جي ٻوڏ، 7 لک کان 9 لک
ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري کي تمام وڏي ٻوڏ ۽ 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي وهڪري کي سپر
فلڊ يعني وڏي مان وڏي مهاٻوڏ چيو ويندو آهي.
گڏ ڪيل ڄاڻ مطابق هن تاريخي ڪوٽڙي بئراج جو ڏيهه توڙي پرڏيهه جون اهم شخصيتون
دورا ڪري چڪيون آهن، جن ۾ عراق جو شهنشاهه شاهه فيصل، عراق جو تڏهوڪو وزيراعظم
عدنان ميندرس، اردن جو تڏهوڪو وزيراعظم نوري سعيد، ترڪي جو تڏهوڪو صدر جلال بابر،
پاڪستان جو پهريون چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جو تڏهوڪو
گورنر چوڌري غلام محمد، ممتاز ڀٽو، اڳوڻو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز ڪياني،
اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري،
هاڻوڪو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، نثار
کهڙو، ڄام خان شورو، ڄامشورو ضلعي مان
چونڊيل نمائندن ملڪ اسد سڪندر، گيانچند ايسراڻي، موهن لال ڪوهستاني، لال چند
اڪراڻي، ڊاڪٽر سڪندر راهپوٽو، ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪوٽڙي بئراج وٽ 2 هوٽلون قائم ٿيل آهن، جتي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهو کاڌي سميت
ٿڌيون شيون وٺي استعمال ڪندا آهن، ڄامشورو کان حيدرآباد طرف ويندي کاٻي هٿ تي قائم
هوٽل تي مڇي پچائي وڪرو ڪئي ويندي آهي. هتي قائم المنظر هوٽل ضلعي انتظاميا ۽
الحمرا هوٽل آبپاشي کاتي جي ملڪيت آهي، جيڪي هوٽلون هلائيندڙن کي مقاطعي تي ڏني
ويندي آهي. انتظاميا پاران سار سنڀال نه هجڻ ڪري هن ماڳ تي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن
لاءِ ڪي به سهولتون ميسر ناهن، برساتي ڏهاڙن توڙي عام موڪل وارن ڏينهن ۾ هتي مختلف
علائقن کان ماڻهن جو وڏو انگ تفريح لاءِ اچي ٿو، ڄامشورو_حيدرآباد روڊ تي انهن ڏهاڙن
۾ اڪثر ڪري ٽريفڪ جام ٿيو وڃي. ڪوٽڙي بئراج پلي جي ڪري پڻ مشهور آهي، هتي ڏيهه
توڙي پرڏيهه جا ماڻهو تفريح لاءِ ايندا آهن ته انهن کي ميزبانن پاران پلو کارايو
ويندو آهي. مختلف اخبارن ۾ ڇپيل اسٽورين مطابق ڪجهه سالن کان سنڌو درياهه جي ڪوٽڙي
ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي نه ڇڏڻ ڪري پلي جو نسل تباهه ٿي ويو آهي، هاڻوڪي وقت ۾
به ڪوٽڙي بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو بند آهي، جڏهن ته هوٽلن تي وڪرو
ٿيندڙ پلو ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي هٿرادو ڍنڍن مان آندو ويندو آهي.
ماضي ۾ تارو تار وهندڙ سنڌو درياهه جو ڪوٽڙي بئراج وٽ ڊائون اسٽريم ۾ وهڪرو
مسلسل بند آهي، جنهنڪري ڪيترائي ايڪڙ زرعي زمين جي پوکائي متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن
ته حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جون خبرون پڻ اخبارن
جون زينت بڻيل رهن ٿيون. ان کانسواءِ ڪوٽڙي بئراج جي ڊائون اسٽريم وٽ پاڻي نه ڇڏڻ
ڪري درياهه جي پيٽ ۾ پيل واري پڻ ٽريڪٽرن، ٽرڪن ۽ ٽرالرن ذريعي ڪڍي پئي وڃي، جنهنڪري
سنڌو درياهه ۾ پاڻي جا لنگهه توڙي درياهه جو فطري حسن متاثر ٿي رهيو آهي.
No comments:
Post a Comment