سرو گھاٽ کي بر صغير جي دور کان ھي تمام وڏي اھميت حاصل رھي آھي عمارتن جي رنگين روشنين ڳائڻ وڄائڻ۽ ڇيرن جي ڇم ڇم جي آواز تي ھر گزرندڙ ماڻھون موھجي ويندو ھيو رقص موسيقي ۽ ڪمرن جي اندر جي روشني مان چڱا ڀلا تاجر ۽ علائقي واسي ڏاڍو لطف اندوز ٿيندا ھئا علائقي جي ھڪ 70 سالا چاچا رئوف جو چوڻ ھيو تسرو گھاٽ حيدرآباد جي قديم ائين بنيادي علائقن ۾ شمار ٿيندو آھي ۽ سروگھاٽ جي پاسي ۾ رھندڙ ھڪ بزرگ عبدالڪريم اعواڻ جو چوڻ ھو تجڏھن سنڌ ممبئي جو حصو ھئي تڏھن سرو گھاٽ متحدا ھندستان جي مشھور بازار حسن سان مقبول ۽ معروف ھئي جتي نه صرف ھندستان بلڪ نيپال سريلنڪا ڍاڪا جيڪو ھن وقت بنگلا ديش جي گادي جي ھنڌ طور مشھور آ اتان جون ۽ پوري ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان حسينائن کي سرو گھاٽ جي بازار حسن ۾ گڏ ڪيو ويندو ھو ۽ پو۽ مھمان خاص جي پسند ۽ فرمائش مطابق محفل سجائي ويندي ھئييقينن جڏھن مختلف ملڪن ۽ پوري ھندستان مان آيل حسينائون سرو گھاٽ اندر پيرن م پايل ڇير پائي ڍولڪ جي ٿاپ تي جڏھن رقص ڪري نچنديون ھونديون ت سرو گھاٽ جا در ائين ديوارون ب رقص ڪنديون ھونديون سرو گھاٽ جي باري ۾سوچڻ سان ئين ت انسان ان پايل ڇير جي ڇمڇم آواز ۾ مدھوش ٿيو ونڃي پر جيڪي ماڻھون ان اندر موجود ھوندا ھئا اھي ت واقعي بي انتھا لطف اندوز ٿيندا ھوندا سرو گھاٽ ن صرف ھڪ عالمي ڪوٺو ھو بلڪ ھتي ايندڙ حسن جا عاشق ھن کي پنهنجي دنيا سمجھندا ھئا يقينن ھر ماڻھون حسن پرست ھوندو آھي الله تعالي جي ڏنل نعمتن مان حسن ب ھڪ تمام وڏي نعمت آھي ائين ھر ماڻھون حسن جو قدردان ھوندو آھي چوڻ جو مقصد اھيو آھي ت ان وقت جيڪي ان ڪوٺي تي حسن جا قدردان ايندا ھيا جيڪي ڪوٺي جون طوائفون ۽رقاصائون جي ڀڀڪيدار ڪپڙن زيورن۽ چھري جي چمڪ دمق ۽ ان حسن جي ماحول ۾ مست ٿي ھو پنھنجو سڀ ڪجھ لٽائي ڇڏيندا ھئا ٻي وڏي ڳالھ اھا ب آھي ت سرو گھاٽ جون حسينائون سروگھاٽ جي گھٽين ۾ بيھي ڪري ب حسن جي پرستارن جو انتظار پڻ ڪنديون ھيون ت جيئن مختلف علائقن مان آيل حسن جا عاشق ڪٿي ڀلجي ن ونڃن سري گھاٽ ايشيا اندر حسينائن جو محل ڪوٺيو ويندو ھو ڇو ت ھن گھاٽ اندر ڪافي رنگن ۽ نسلن جون حسينائون اينديون رھنديون ھيونجيتوڻيڪ ھندستان جي ٻن حصن ۾ ورھائجڻ کانپو۽ ھن تاريخي بازار حسن جو زوال شروع ٿيو ۽ انکانپو۽ آھستي آھستي ٻاھرين ملڪن مان آيل حسينائون جي ٻاھران اچڻ جو سلسلو گھٽجندو رھيو ايتري حد تائين جو اھو سلسلو بلڪل بند ٿي ويو ۽ آھستي آھستي ھي حسن وارن جو سرو گھاٽ پنھنجي اھميت ونڃائيندو رھيو انکان پو۽ پاڪستان جي ھڪ وزير اعظم ملڪ جي سڀن ڪوٺن کي قانوني طور تي ليگلائيز ڪري ڇڏيو پر تنھن با وجود ب سري گھاٽ جون اھي رونڪون بحال ٿي ن سگھيون ۽ اڄ تائين ت اھو سري گھاٽ جيڪو مختلف ملڪن جي حسينائن جو ملڪ ھيو اھو ھينئر ڪنھن اجڙيل گھر جو ڏيک ڏئي رھيو آھي ھن وقت سري گھاٽ تي ن ت ڪو شاھي رخص ٿيندو آھي ء ن وري ڪو اعلا قسم جو پروگرام ھينئر سرو گھاٽ جي علائقي ۾ جديد ترز جي اڏاوتن کانپوء سري گھاٽ جي طرف ويندڙ رستا بلڪ سوڙھا ء بلڪل تنگ ٿي ويا آھن جڏھن ت ھينئر ب سري گھاٽ اندر ڪوٺا قائم ٿيل آھن ۽ حسينائون ب موجود آھن جيڪي ھينئر ب حسن جي پرستارن جو من موھن ٿيون پر اھي يا ت حيدرآباد يا وري پاڪستان جي مختلف شھرن سان تعلق رکن ٿيون پر ان با وجود ب سرو گھاٽ جي عالمي جيڪا اھميت ھئي اھا ختم ٿي چڪي آھي ۽ ٻيو ت وري سرو گھاٽ ۾ رھندڙ حسينائون ڪال گرل طور تي پرستارن جا من موھن ٿيون جيڪو پڻ ھن بازار حسن جي زوال جو ب ھڪ وڏو سبب آھي ھينئر توھان کي سرو گھاٽ جي آس پاس ۾ وڏا شاپنگ سينٽر ٺھيل ملندا جنھن ۾ بوتيڪ برانڊيڊ ڪپڙن جا دڪان جوتن جا دڪان پرا ئيوٽ اسڪول اسپتالون ھوٽل ۽ جتان ضروريات زندگي جون سڀ شيون ملي وينديون پر سرو گھاٽ جنھن سبب معروف ۽ مقبول ھيو اھو سڀ تقريبن ختم ٿي چڪو آھي ڇو ت ضرورت جي ھر شي ملڻ جي با وجود توھان کي انھن عالمي حسينائن جو اھو جاھو جمال اھو حسن اھا موسيقي ائين محفلون اھو حسينائن جو پايل جي ڇمڇم پائي ڍولڪ جي ٿاپ تي رقص ۽ انھن جو نچڻ ڏسڻ ۾ ن ايندو جيڪو ان ڳالھ جي دليل آھي ت سرو گھاٽ عروج ماڻڻ کانپوء زوال پزير ٿي چڪو آھي ڇو ت سرو گھاٽ جون تاريخي ائين قديم عمارتون ھاڻ خنڊرات جو ڏيک ڏئي رھيون آھن حيدرآباد جي سرو گھاٽ جيڪا شايد ھن جديد دور ۾ پنھنجي خاتمي جي طرف پھچي چڪي آھي ڪنھ دور ۾ وڏي شان سان ننڊي توڙي وڏي جي من مو ھڻ لاء ڏينھن رات جاڳندي رھندي ھئي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ت سرو گھاٽ ھاڻ پنھنجي اھا رونق بحال ن رکي سگھي آھي
Monday, May 18, 2020
Abdul Waheed Baloch Sindhi Feature Referred back
Sunday, May 17, 2020
Aftab Gul Profile Sindhi
آآفتاب گل – ايم اي 07 – پروفائيل –اسائينمينٽ سائين سھيل سانگي
پروفيسر ڊاڪٽر محمد
اسماعيل ڪنڀر(ذرعي
يونيورسٽي ٽنڊوڄام)
دنيا ۾ ڪيترائياھڙاانسانپيداٿياآهنجيڪيپنهنجيزندگيائينگذارينداآهنجوٻينماڻهنلاِءبهسبقآموزبڻجيوينديآهيانهنماڻهنجيسوچجوسمنڊايتروتهگھروھوندوآهيجوسندنانهيَسمنڊ
۾ ھرماڻهوَجومنڪندوآهيتهآئونبهانهيَ ۾ غوطاھڻيڪجههنهڪجههحاصلڪريان.
سنڌجيماترڀوميتهبهاھڙنڪيترنئيمردمجاحدنجنمورتوآهيجيڪيزندگيجيھرپلکيٻينلاِءمثالبڻائيوياانهنمعتبرشخصيتن ۾ سائينپروفيسرڊاڪٽرمحمداسماعيلڪنڀربهھڪآهي. سائينمحمداسماعيلڪنڀرصاحب 12 فيبروري 1968عتيضلعيبدينجيننڍڙيشھرپنگريو ۾ محمدخانڪنڀرجيگھر ۾ اککوليسندسوالدمحترمجيھڪننڍڙيڪئبين ۽ پوءھڪڪريانهجودڪانکوليو، سائينمحمداسماعيلڪنڀرصاحبکيپنچڀاء ۽ پنچڀيڻونآھنسائينڀائرن ۾ ٻئي ۽ اولاد ۾ چوٿيننمبرتيآھي, سائينواراگهر ۾ قلٻارانھنڀاتيآھنسندنننڍپڻکانئيپڙھڻجيجستجو ۽ بهپناههشوقھو, سائينمحمداسماعيلڪنڀرصاحبپنهنجيتعليمجيشروعاتاباڻيشھرپنگريومانڪئي, گورنمنٽپرائمرياسڪولپنگريومانپنچڪلاسپاسڪيائين ۽ پوءنائون ۽ ڏھونڪلاسپنگريوھاءاسڪولمانپاسڪيائونانوقتميٽرڪجاامتحانگورنمنٽھاءاسڪولٽنڊوباگو ۾ ٿينداھئاسندنغريبگھراڻيسانتعلقھئڻڪرياڳتيتعليمجارينهرکيسگهيوننڍيوڏيوننوڪريونڪريپنهنجيتعليمجاريرکيائين ۽ اسلاميهڪاليجبدينمان ١٩٨۵ع ۾ انٽرپاسڪيائون.پوِء "نئينروشني" اسڪول ۾ بهپڙھايندو ھونيٺ ١٩٨٦ع ۾مھراڻ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ درخواست ڏنائون ۽ سيليڪشن پڻ ٿي پر معاشي حالات انهيَ وقت ساٿ نه ڏنو پر انهيَ ساڳي سال ذرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ درخواست ڏنائون انهيَ وقت فارم جي فيس ٢٠ رپيه ھئي ۽ انهيَ وقت ۾٢٠ رپيه وڏي ڳالهه ھوندي ھئيسندس محنت جو ڦل مليو ۽ جنرل سائنس ۾ داخلا ٿي ١٩٨٩ع ۾ بي ايس سي پاس ڪيائين ۽ پوِء ايم ايس سي،زندگي جي انهيَ سفر ۾ ڪافي مشڪلاتن کي به منهن ڏيڻو پيو پر لڳاتار جدوجهد ۽ بلند حوصلن اڳيان سڀ رنڊڪون ننڍيون ڏسڻ ۾ پئي آيونتعليم سان گڏوگڏ گھر جون ذميواريون پڻ ھيون جنهن کي مدنظر رکندي پنگريو شگر مل ۾ نوڪري ڪئي پر سندس قابليت تي يقين ھجڻ ڪري پنهنجي عزم تي پختو رهيو ۽ ١٩٩٢ع ھائير سيڪنڊري اسڪول ٽيچر(HST) طور ڀرتي ٿيو۽ ڪافي اسڪولن ۾ تقريباً ڏيڍ سال نوڪري ڪيائين۽وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاِء انهيَ نوڪري تان استعيفيٰ ڏنائون ۽ پوء ماسٽر ڪرڻ لاِء ذرعي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ۽ پنھنجيزندگي جيڏاڪڻ جو ھڪ ڏاڪو پار ڪيائون.
١٩٩۵ع
۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪري ورتي ڪجهه ئي وقت کانپو زرعيٽنڊوڄام يونيورسٽي ۾ ڪميشن
جو امتحان ٿيو جنهن ۾ محمد اسماعيل ڪنڀر صاحب به پڻ درخوست ڏني ۽ اھا ڪميشن پاس
ڪيائين ايز اي ليڪچرر طور ڀرتي ٿي ويو ١٩٩٦ع ۾ يونيورسٽي پاران بي ايڊ ۽ ايم ايڊ
آف ڪيمپس پروگرام شروع ڪيو انهيَ دوران يونيورسٽي مالي خصاري جو شڪار ھئي تڏهن محمد
اسماعيل صاحب انهيَ پروگرام جو پرپوزل ٺاهي
ڏنوته ٽيچر ٽريننگ ڏني ويندي انهيَ ۾ سائين محمد اسماعيل صاحب انهيَ پروگرام جو
ڪوآرڊينيٽر ھيو انهيَ پروگرام ۾ سائين يونيوسٽي کي ساڍا ڏھ ڪروڙ رپيه ڪمائي ڏنا.
ڪجهه سال
نوڪري ڪرڻ کانپو انهيَ ساڳي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ۾ داخلا ورتائون انهيَ ۾ به
ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر سڀني
شين کي منهن ڏيندي ٢٠١۵ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين انهيَ وچ ۾ ٢٠٠۵ع ۾
اسٽنٽ پروفيسر ۽ بلڪ رليشن آفيسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون٢٠١٦ع ۾ اسوسيئٽ
پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پوِء ٢٠١٧ع ۾ جڏهن سڀ ڊآڪومينٽيشن پوري ٿي ۽ يونيورسٽي کي
پنهنجا ارپيل ٢٠ سال مڪمل ٿيا ته ٢١ ۾گريڊ اپگريڊ ڪيو ويو ۽ پروفيسر مقر ڪيو ويو
ان کان علاوه ڪيڊيٽ ڪائونسلنگ جو مينچر ۽ اسڪالرشپ پروگرام ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾
خدمتون سرانجام ڏنائون.
ھن وقت سائين
محمد اسماعيل ڪنڀر ذرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾٢١ گريڊ ۾ پروفيسر ۽ ڊپارٽمنٽ آفايگريڪلچرل
ايڪسٽينشنل جو چئيرمين آهي ۽ ڊاريڪٽر طور پڻ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ شاگردن کي
اسڪالرشپ ڏيارڻ جاب افيئر ۽ يونيورسٽي جا انرنيشنل لينڪيچ ڊولپ ڪرڻ پڻ شامل آهي.
انکان علاوه
سندس پنهنجي علائقي جي غريب ٻارن جو اونو ھر وقت دل ۾ ھوندو اٿس جڏهن سائين سان
منهنجي ملاقات ٿي ته محسوس ٿيو ته اڄا به ڪوآھي جيڪو ٻين لاء سوچي ٿو ٻين جي ٻچن
کي پنهنجو ٻچو سمجهي ٿو پنهنجي علائقي جي فڪر جو داستان ھر نئين شخص سان اوري ٿو ۽
اھا ئي لگن ھئي جنهن جي ڪري ھن پنگريو ۾ ھڪ عاليشان اسڪول تعمير ڪرائي آهي جيڪا
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سھڪار سان به پھچ ٻارن جي لاِء تعليم جو ذريعو بڻيل آهي
سائين جي ڪٺين ۽ جدوجهد سان ڀريل زندگي ھر انهيَ شاگرد توڙي شخص لاِء بھترين مثال
آھي جيڪي ھن ھيڏي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ به پڙھن نٿا يا وري پنهنجو قصور ٻين جي قلھن
تي اڇلائين ٿا يقينن جيڪڏهن ايرادا اٽل ھجن ته ڏونگر پاڻھين ڏري پوندا.
Wednesday, May 13, 2020
Saira Chandio Profile Sindhi
Intro is too traditional
Mind spelling
سائرهچانڊيو
رول نمبر : 47
Profile
استاد : سر سوھيل
سانگي
شخصيت :
جاويد سوز ھالائي جي زندگي جو حوالو(سنڌ جو ھڪ عظيم شاعر ۽ ان جي زندگي جي جدوجھد)
سنڌ ھڪ وڏو صوبو ھوجڻ
جي ڪري ھن ۾ ڪيترائي شھر موجود آھن. ھي شھر پنھنجي ھڪ الڳ الڳسڃاڻپ رکن ٿا. ھنن شھرن
۾ ھڪ شھرھالا ۽ ان کان اڳيان پوراڻوھالا ھي ٻئي شھرسنڌ ۾ شاعري، ادب، ۽ سنڌي ڪلچر جي سڃاڻپ رکن ٿا. ھن
پوراڻي ھالا ۾ھڪ گھراڻو سوز ھالائي جو به آھي.سوز ھالائي جي گھر ۾ جنم وٺندڙجاويد
سوز آھي.
جئين ته ڪنھن عام گھر ۾ ٻار پيدا ٿيندو آھي ته ان جي تربيت به عام
ٻارن وانگر ٿندي آھي .ان جو مطلب اھو ئي آھي ته جاويد جو بابا سنڌ جو ھڪ عظيم شاعر
ٿي گذريو آھي ته ھنجو ننڊپڻ ۽ جواني جي
تربيت ھڪ شاعري ۽ ادب جھڙي ماحول ۾ ٿيل آھي . جنھن جي ڪري نه چاھيدي به ھن جو پيار
شاعري سان ٿي ويو ۽ ھن ستين ڪلاس کان ٻارن جي حوالي سان شاعري لکڻ شوروع ڪئي .
جڏھن ھن پنھنجي بابا کان شاعري جي باري ۾ پڇيو ته ھن جي بابا ھن کي شاعري ڪرڻڻ کان
صاف انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته ھن جو بابا به ھڪ شاعرھو جنھن جي ڪري ھن جي بابا ھن کي
چيو ته شاعري ھڪ بھترين ھنر ته آھي . پر ھن جي پويان سماجي ضرورتون پوريون نه ٿيو
ٿين. ان جي ڪري ھن لڪي لڪي گھر ۾ پيل شاعري جا ڪتاب ۽ اخبارون پڙھڻ شوروع ڪيون.
ان کان پوئي ھي ستين
ڪلاس ۾ ھو ته ھن شاعري ڪرڻ شوروع ڪري ڇڏي. ۽ اھا شاعري اخبار ۾ ڇپجندي ھئي.جنھن جو نالو آفتاب اخبار ھو.
اھا اخبار ان دور جي مشھور اخبار ھئي.ھن ميٽرڪ ھالا بوائز اسڪول مان حاصل ڪئي. ھي
ميٽرڪ ۾ ھڪ موڪمل شاعر ٿي ويو ھو. ۽ ھن سان شاعر جي حثيت ۾ شھداد پور ۾ ھڪ شام
ملائي وئي.جنھن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا شاعر نصير مرزا، زوار نقوئ جھڙا شاعرھن شام ۾
موجود ھئا. ۽ ان کان پوء ھن ڪيترائي ڪتاب به لکيا آھن جئين ته ھن 2003 ۾ پھريون
ڪتاب لکيو ھو.جنھن جو نالوآھي(شام غم) جيڪو ڪربلا جي حوالي سان آھي ۽ ان کان علاوه
(گلن جھڙا ٻارڙا) جيڪو ان وقت ڇپجي نه سگھيو. ان سان گڏ ھن اڑدو جي شاعري به ڪئي
آھي .ان ڪتاب جو نالو آھي (برف سي لڑکئ) ۽
ان کان علاوه ھڪ ٻيو سنڌي جو ڪتاب لکيو آھي. جنھن جو نالو آھي (جاڳ ازل جي) جيڪو
مارڪيٽ ۾ اچي ويو آھي.
1998 کان وٺي 2000
تائين ھن الڳ الڳ اخبارن ۾ ڪم ڪيو.ان اخبارن ۾ ھن ڪالمبه لکيا جن کي ھن ڪتابن جي شڪل
۾ به آندو. ھن انٽر اسلاميان ڪاليج ھالا مان حاصل ڪئي. ان کان پوء ھن سنڌ يونيورسٽي
مان سوشيولوجي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ايم فل بهھن ھتانڪئي . ان کان پوء2000ع ۾ جڏھن ھن جي
عمر19 سال ھئي. قل پاڪستان شاعري ۾ ھن ھڪ شعر پڙھيو ھو جنھن ۾ سڄي پاڪستان مان
تمام وڏا شاعر آيل ھئا. جئين ته امجد اسلامي ، احمد فراز ڪتيل شفائي، ھن ان قل
پاڪستان شاعري ۾ احمد فراز جو شعر پڙھيو ھو .
اب کے ہم بچڑے تو،،
شايد خوابوں ميں مليے،،
انن وڏن شاعرن سان گڏ
ھن شاعري ڪئي.اھو ڏينھن ھن لاء تمام خوشي جو ڏينھن ھو. ۽ ان وقت اخبار ۾ لکيو ويو
ته ھن شاعري جو پھريون شاعر جاويد سوز ۽ ٻيون شاعر احمد فراز آھي اھوٻڌي ھن کي ٻيڻي
خوشي ٿي.
ان کان پوء ھڪ ننڊي
ڳوٺ مان سماجي حيثيت ۾ اقوامي متحده جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر نيويورڪ ۾ موجود آھي ان اقوامي
متعده جي جرنل اسيمبلي ۾ھن شرڪت ڪئي .ان دور جو جرنل سيڪيرٽري مارڪي مون ھو . جنھن
سان ھن اتي مولاقات ڪئي.ھي ٻئي وقت جيڪي ھن جي زندگي جا نه صرف ھڪ وڏي خوشيء جو
بائث ھئا.پر ھن جي زندگي جي لاء ھڪ وڏي ڪاميابي ۽ عزازپڻھئا.جاويد جنھن ھڪ ننڊي
گھراڻي ۾ ته جنم ورتو اڄ ھن جو مڪام ڏسي
نه ٿو لڳي ته ھي ھڪ ننڊي گھراڻي جو فرد آھي. نه صرف ھن پنھنجي شاعري کي ھڪ
منزل تي پوڄايو آھي پر ان سان گڏوگڏ ھن پنھنجي ننڊي ھوندي دوستن سان ھڪ تنظيم ٺاھي
ھئي . جنھن جو نالو ھنن ٻالڪ ويلفئر اسوسويشن رکيو ھو . ان ۾ ھنن پئسا گڏ ڪري اسڪول
جي غريب ٻارڻن کي ڪاپيو وٺي ڏنيون ھون . اڄ اھا ھڪ وڏي سوچ ۾ تبديل ڪريان کيھڪ وڏي
پيماني تي پھچايو آھي جنھن جو نالو سنڌ ڪميونٽي فاونڊيشن رکيوآھي. ھي ھڪ ادارو
جنھن ۾ ڪيترائي نوجوان ھن اداري ۾ ڪم ڪري رھيا آھن. انن جو چوڻ آھي ته ھي ھڪ اداري
سان گڏوگڏ اسان جي لاء ھڪ ھنر جو ذريعو آھي. ھن اداري ۾ نوجوانن ڪم ڪري پنھنجو ھنر
ڏيکاريو.ھن ۾ ھڪ تعليم ادارو به کوليو ويوجتي ڪيترن ئي نوجوانن ھتي انگريزيسکڻجو ھنر
حاصل ڪيو. انن جو چوڻ ھو ته ھي سڀ سر جاويد جا ٿورائتا آھن ان جي مھرباني سان ھنن
کي انگريزي سکڻ جو موقعو مليوآھي.
ڏٺو وڃي ته ھڪ عام
انسان پنھنجي زندگي ۾ محنت ڪري نه صرف پنھنجي پرضرورت مندن جيھڪ ھنر ذريعي مدد ڪري
انن جي زندگي به سواري سگھجي ٿي.اڄ سر جاويد محنت ڪري جھڙي مقام تي پھتو آھي . اسان
جي لاء ڪنھن شخصيت کان گھٽ نه آھي
Komal khan Profile SIndhi
Hameedullah Tunio Sindhi, Profile
File name, subject line are wrong
Name and topic / headline not in Sindhi
Do not send again unless asked
To be checked
Hameedullah Tunio
MMC Roll No:21
منهن تي سدائين مرڪ سجائي هلندڙ هر ماڻهوءَ سان نهايت ادب ۽
احترام سان ملندڙ ميهڙجي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ 45 سالن جي ايڊووڪيٽ سجاد احمد
چانڊئي جي زندگيءَ تي هڪ نظر
اڪثر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته اسان جو ٻار وڏو ٿي ڊاڪٽر
ٿئي يا انجنيئر ٿئي پر ميهڙ جي مٽيءَ مان جنم
وٺندڙ هن پياري ماڻهوءَ هر ماڻهوءَ سان
پنهنجائپ سان ملندڙ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊئي جي اها پنهنجي خواهش هئي ته هو وڪيل
ٿئي هن جي والدين جو ٻئي ڪنهن شعبي ۾ وڃڻ لاءِ هن تي ڪوبه دٻاءُ ڪونه هيو جنهن ڪري
ئي هن خودمختيار ٿي وڪالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو هن وڪالت کي پنهنجو مقصد بڻائي ننڍي
هوندي کان ئي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا محنت ڪرڻ ۾ لڳي ويو نرسريءَ کان وٺي ايم اي تائين
ميهڙ ۾ پڙهڻ کان پوءِ هن هوائن جي شهر حيدرآباد جو رک ڪيو ۽ جناح لا ڪاليج ۾ داخلا
ورتي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري هن وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ان محنت جو ئي نتيجو آهي جو اڄ سجاد احمد چانڊيو
پاڪستان جي ناليوارن وڪيلن ۾ليکيو وڃي ٿو.
2003ع ۾ هن کي وڪالت جي ڊگري ملي ۽ هلندڙ سال 2020ع ۾ هن کي
وڪالت ۾ 17 سال ٿي چڪا آهن ۽ ان عرصي دوران هو ڪيترن ئي تاريخي ڪيسن جي فتح پنهنجي
نالي ڪري چڪو آهي هن ڪيترن ئي مظلومن کي ڦاهيءَ جي فندي تي لٽڪڻ کان بچايو آهي اهو
ئي سبب آهي جو جڏهن سجاد احمد چانڊئي وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ته ان ٽائم رسول بخش
پليجي وٽ جونيئر وڪيل طور ڪم ڪيو هن عوامي
خدمت تي يقين رکندي پنهنجو پاڻ کي مڃايو آهي.
ڪراچي کي سنڌ کان
ڌار ڪرڻ جي سازش، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي، ڌاري آبادگاري ۽ سنڌ سان ٿيندڙ سمورين
زيادتين خلاف عوامي تحريڪ طرفان 2017 ۾ اسلام ڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين نڪتل 32 ڏينهن
جي لانگ مارچ ۾ سجاد احمد چانڊئي پيرين پنڌ هلي پير پٿون ڪري سنڌ دشمنن کي للڪار
ڪئي هئي ۽ هو اڄ به وڪالت ذريعي سمورن سنڌ دشمنن کي للڪاريندو پيو اچي اهڙن ماڻهن
لاءِ ئي لطيف سائين چيو آهي ته
ڪنڊا مون پيرن توڻي لک لڳن
آڱر آڱوٺي نه مري ڇپون پير ڇنن
ويندي ڏانهن پرينءَ جتي جات نه پائيان
اڄ هو جڏهن صبح جو
سوير قاسم آباد مان ڪورٽ طرف روانو ٿيندو آهي ته ظالم پريشان هوندو آهي ۽ مظلوم
خوشي محسوس ڪندو آهي هو اڄ ناليواري وڪيل طور سڃاتو وڃي ٿو پر اڄ به هن جو هر
ماڻهوءَ سان ملڻ جو انداز ڏاڍو وڻندڙ لڳندو آهي هو نئين ماڻهوءَ سان به جڏهن ملندو
آهي ته اڳلو ايئن محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي ملاقات ٿيندي پئي
اچي.
سجاد احمد چانڊئي
جهڙا ماڻهو اسان جي سماج ۾ تمام گهٽ پئدا ٿيندا آهن جيڪي وڏي منزل ماڻڻ کان پوءِ
به عوامي خدمت جو جذبو رکندا هجن ڪيترائي وڪيل ته وڪامجندي دير ناهن ڪندا هو ڪجهه
ٽڪن جي لالچ ۾ پنهنجي قوم سان غداري ڪندا رهندا آهن ۽ هو پنهنجو ميار ڪيرائي
وجهندا آهن پر سجاد احمد چانڊيو انهن سڀني کان منفرد ٿي ڪري سماج ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي هو
ڪڏهن به ڪنهن ظالم آڏو نه جهڪيو آهي ۽ نه ئي وڪيو آهي اهڙن ماڻهن لاءِ ئي شاعر چئي
ٿو.
جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو
سو ئي ماڻهو موتيءَ
داڻو
هڪ سوال جي جواب ۾
هن ٻڌايو ته مون کي هڪڙي ڪيس ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي هئي اهو ڪيس هي هيو ته
جڏهن افتخار چوڌري چيف جسٽس هيو ان ٽائم ٿر جي هڪ غريب هاريءَ ارجن ڪولهيءَ کي
پوليس واري اگهاڙو ڪري ڳوٺ ۾ گهمايو هيو ان تي ان ٽائيم جي چيف جسٽس افتخار محمد
چوڌري سوموٽو نوٽيس ورتو هيو سپريم ڪورٽ طرفان جاچ هلندي رهي ان دوران ئي ڊڪٽيٽر
پرويز مشرف جي حڪومت چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي هٽائي ڇڏيو هيو ۽ جيڪو نئون
چيف جسٽس آيو ان ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو ۽ ان غريب مٿان مصيبت اها آئي
ته سيشن جج ان خلاف اپيل داخل ڪئي ته هن ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ پوءِ هن غريب جو
بچڻ مشڪل ٿي پيو ۽ پوءِ جڏهن ان غريب هاريءَ کي منهنجي خبر پئي ته هو دوستن معرفت
مون وٽ اچي پهتو ۽ پوءِ مون ان جو ڪيس کنيو ۽ دليل ڏئي ڪيس کي ختم ڪرائي غريب جي
جان بچائي هن ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ مون کي تمام
گهڻي خوشي محسوس ٿي.
سجاد احمد چانڊئي ٻڌايو ته مختلف روڊ، رستن ۽ پارڪن تي سرڪاري پارٽين جي فردن جا نالا هجڻ
جي خلاف مون هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ مون چيو ته روڊن رستن ۽ پارڪن تي
سرڪاري پارٽين جي خاندانن جي فردن جا نالا هجڻ بجاءِ انهن تي اديبن، شاعرن، ليکڪن،
دانشورن سميت سمورن سنڌ دوست جا نالا هجڻ
گهرجن جيڪو ڪيس پڻ مون کٽيو ۽ عدالت انهن جاين تان سرڪاري پارٽين جي خاندانن جي فردن
جا نالا هٽائڻ جو حڪم ڏئي انهن تي اديبن، شاعرن، دانشورن ليکڪن ۽ ٻين سنڌ دوستن جا
نالا لڳرائڻ جو حڪم ڏنو.
سجاد احمد چانڊئي چيو ته مان اڄ جنهن منزل تي پهتو آهيان
اهو منهنجي ڪيل محنت جو ئي نتيجو آهي ان ڪري اڄ جي نوجوان کي محنت ڪري اڳتي اچڻ
گهرجي ۽ محنت ڪنهن به ماڻهوءَ جي رائيگان ڪونه ويندي آهي جيڪو به ماڻهو محنت ڪندو
اهو پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو.
Yasir Noohani Profile Sindhi
Subject line and file name are wrong
Student's name in medium is missing
Do not insert fotos in the text file
Intro is too long
Do not send it again unless asked
Will be checked
Yasir Hussain S/O Nawaz Ali
Roll No: MMC 62 -2020
(شاعر:
فدا حسين ساه)
مرڪون ء محبتون ونڊيندڙ شاعر فداحسين شاه (بيوس)
هُن تي ڪُجهه لکڻ لاءِ قلم کي آريسر جي ڇڏيل اسڪاچ مان ٻوڙڻو پوندو، يا ديوداس کان دل اُڌاري وٺڻي پوندي، تڏھن ئي هن شخص تي شاندار لکي سگهبو، باقي ٿيلي جي ڪُنڊُ ٽوڙي ديسي مڌيرا مان قلم ٻوڙڻ سان هن جي قلندرانه ڪيفيت واري شخصيت سان انصاف نه ڪري سگهبو، ڇاڪاڻ ته هُو پرھ جو پياڪُ آھي! هُو مئخاني جي مريادا جو اهڙو قدردان آھي جو پيمانه به هن جي حُڪم جا پابند ٿي پوندا آھن. هُو جيڪو هر روز سنڌيا ويلي شنان ڪرڻ لاءِ نيري نديءَ ۾ لُڙھي ٿو،
ڪڏھن ٻنان ٻوڙ پيئندي ٻُڏي به ٿو ته ڪڏھن عدم دلچسپيءَ جي ڪري تري به ٿو.هُن جون سُونهن شناس
اکيون جڏهن خمارن جي کيپ ۾ ٻُڏي وينديون آھن، تڏھن هُن کي نه رڳو حُسن وڻندو آھي،
پر هُو شاعريءَ جي سمندر ۾ به ترندو آھي، ۽ هُن جي دل تي ڪيئي شعر تري ايندا آھن.
هُو شاعري ٻُڌڻ جو بنهه گهڻو شوقين آھي. مشاعرن ۾ وڃڻ به سندس بهترين مشغلو آھي.
هُو نه رڳو پرھ جو پياڪُ آھي، پر هُو سنڌُوءَ جي مٺي جل جو به متوالو آھي. هُو
سنڌُ جو عاشقُ آھي، سنڌي ماڻھن جو عاشقُ آھي، سنڌي شاعريءَ جو عاشقُ آھي، هُو
ڀٽائيءَ جو پاٺڪ آھي، هُو اياز شناسي به ڄاڻي ٿو ته، آريسر جي نثر کان وٺي امرتا
پريتم تائين سڀني کي پڙھي ٿو.
ھُو هڪڙو اهڙو بي پرواھ
بادشاھ آھي، جنهن کي ڪنهن جي به پرواھ ناھي، هُن کي پرواھ آھي ته صرف پنهنجي ماءُ
جي جنهن کيس نو مهينا پيٽ ۾ پالي هن جهان ۾ جنم ڏنو، هن کي پرواھ آھي ته اُنهن وڻن
۽ هوائن جي جيڪي هن کي انبن جي ديس ۾ آڪسيجن ڏين ٿا. هن کي پرواھ آھي سنڌُوءَ جي
شيتل جَل جي جنهن کي پِي هُو هينگ اوور اُتاري ٿو. هُن کي ڪنهن به عُقاب جو اُلڪو ناهي، پر اُن
پکيءَ جي پرواھ ضرور آھي، جيڪو علي الصبح جو اُٿندي مٺي لات لنوي ٿو.
انبن جي ننگري ميرپورخاص
جي تعلقي ڊگهڙي ۾ رهندڙ ان بادشاھ جو اسم گرامي آھي فدا حسين ۽ سندس ذات شاه آھي.
سدائين اکين تي عينڪ ۽ مُنهن تي هلڪي مُرڪ هن جي شاندار سُڃاڻپ آھي. سيد فدا حسين
شاھ بيوس جا وڏا اصل ايران سان تعلق رکندا ھئا جيڪي بعد ۾ اتي جا ڪجھ حالات صحيح
نه ھجڻ جي ڪري سائين جا وڏڙا سن ارڙھن سو ڌاري ھجرت ڪري افغانستان آيا ۽ پوء ڪجھ
عرصو افغانستان جي علائقي دڪي ۾ رھڻ
کانپوء 1903ع ڌاري سنڌ ھجرت ڪري آيا.
سائين فدا حسين شاھ بيوس جنھن سيد شير جھان شاھ جي گھر ۾ سن 1937ع ۾ اک کوليائون
سائين جيڪو پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽئي نمبر تي آھي. سائين بيوس صاحب جنھن پنھنجي
شروعاتي تعليم ڊگھڙي شھر جي پرائمري اسڪول ۾ پرائي ۽ ان کانپوء وڌيڪ تعليم گورنمنٽ بوائز ھائي اسڪول ٽنڊو جان محمد ۾
حاصل ڪيائين. سائين سيد فدا حسين بيوس صرف انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائون. سيد فدا
حسين بيوس تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء ڪجھ عرصي تائين ٽائون ڪميٽي ڊگھڙي اندر سيڪريٽري
طور به ڊيوٽي سرانجام به ڏئي چڪو آھي.
سيد فدا حسين بيوس جنھن
کي شروعات کان ئي شاعري ۽ ادب سان ڏاڍو چاھ ھوندو ھو تنھنڪري سائين پنھنجي گھر
اندر ھڪ ننڍڙي لائبريري به قائم ڪئي جنھن اندر پنج سو کان به وڌيڪ ڪتاب موجود آھن
جيڪي ادب ۽ شاعري جي موضوعن تي آھن. سيد
سائين فدا حسين شاھ بيوس پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول جي کوٽ ھئڻ جي ڪري پنھنجي اوطاق کي
اسڪول ۾ تبديل ڪرائي پنھنجي ڳوٺ جي ٻارن جو مستقبل سنواريون ۽ پاڻ به ھڪ بطور
استاد طور پنھنجون ڪاوشون به سرانجام
ڏنائون. سائين فدا حسين شاھ بيوس جيڪو
سائين مرتضي شاھ ڏاڏاھي جي شاعري کان متاثر ٿي سن 1976ع ۾ پنھنجي شاعري جي شروعات
ڪيائين ۽ ڪجھ عرصو گذرڻ کانپوء سائين پنھنجي پاڻ کي بيوس لقب به ڏنائين. سائين
پنھنجو بيوس لقب ڀٽ جي گھوٽ لطيف جي وائي کان متاثر ٿي پاڻ کي بيوس جو لقب ڏنائين
هلايو ته ھلي وڃي بيھاريو ته بس، واڳ ڌڻي تنھنجي وس آئون ڪا پاڻ ويھڻي. اھو بيوس
لقب ايترو ته مشھور ٿيو جو اڄ به سائين کي بيوس لقب سان ڃاتو سڄاتو وڃي ٿو.
سائين سيد فدا حسين بيوس
جنھن سنڌي، اردو، ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ ئي شاعري ڪيائون.سيد فدا حسين شاھ بيوس
سنڌ مٿان ڌاڙيلن جي دور ۾ تنھن دور جي وڏيرن جي بڇ تي ٿيندڙ سنڌ جي غريب
ماروئڙن تي ٿيندڙ ظلم ويساگھات، ڏاڍھ، کي ڏسي ڪري پنھنجي شاعري جو
گھڻون ڀاڱو انھي اٻوجھ لاچار ماڻھن جي بيوسي ڏسي انھي موضوع تي شاعري ڪيائين. ان
کان علاوا سائين پنھنجي شاعري ۾ امن، پيار ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آھي.
سيد فدا حسين شاھ بيوس
ھڪ سو کان به وڌيڪ گيت لکيا جن کي سنڌ جي مشھور فنڪارن ريڊيو پاڪستان جي پليٽ فارم
تي ڳايائون جن ۾ سجاد يوسف، ثريا سومرو،
ثمينه ڪنول، ديبا سحر، الله ڏنو خاصخيلي ۽ ٻين به ڪيترن فنڪارن پنھنجي فن جو
مظاھرو ڪيائون ۽ شھرت ماڻيائون.سيد فدا حسين شاھ بيوس ڌاڙيلن جي دور ۾ گلوڪار سجاد يوسف طرفان
ڳايل گيت ´´ڪنھن کي ڪيئن
چوان`` جنھن جڳ مشھوري شھرت ماڻي جنھن شاعري تي سائين کي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.
سيد فدا حسين شاھ بيوس
جنھن سنڌي فلم ´قرب جا قيدي`
لاء به ھڪ گيت لکيو ھو. جيڪو گيت به تمام گھڻو مشھور ٿيو.سيد فدا حسين شاھ بيوس ڪيتريون ئي ادبي ڪچھريون ڪوٺاھي ادب کي
ھٿي وٺائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڊگھڙي جي تاريخ جو سڀ کان وڏي ادبي پروگرام شاعر مرتضي
شاھ ڏاڏاھي سان شام ملھائي جنھن ۾ ناليواري فنڪارن، اديبن، ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.
سيد فدا حسين شاھ بيوس
سنڌ جي مختلف ادبي ميلن، ڪچھرين ۽ ريڊيو پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ شريڪ ٿي
پنھنجي ڏات جا گل وکيري شاعرن جي دنيا جو وڏو نالو ڪمايائين ۽ سندس سنڌي شاعري جو
مجموعو پڻ ڇپائي واري مرحلي ۾ آھي ان کان عواوا انگريزي ۾ ´´انسانيت`` جي موضوع تي
ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو ڪجھ مجبورين سبب ڇپجي نه سگھيو ۽ سندس خواھش آھي ته ڊگھڙي ۾
لائبريريون به قائم ڪرائجن ۽ ادبي ڪچھريون ڪوٺائجن ته جيئن ڊگھڙي مان موڪلائجي ويل
ادب ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ساھ پوي ۽ نئي زندگي ملي.
Monday, May 11, 2020
Jaweria Salahuddin Profile Urdu
Zakir Ali Profile Sindhi
ALways give file name to foto
Do not file again until asked
Zakir Ali_Profile (Sindhi) MMC 63
Key words: Ustad Allah Bux, Sanghar, Khipro, Education, Zakir Ismail, Khipro, Acchro Thar