Showing posts with label Hameedullah. Show all posts
Showing posts with label Hameedullah. Show all posts

Wednesday, May 13, 2020

Hameedullah Tunio Sindhi, Profile

File name, subject line are wrong

Name and topic / headline not in Sindhi

Do not send again unless asked 

To be checked


Hameedullah Tunio

MMC Roll No:21

 

منهن تي سدائين مرڪ سجائي هلندڙ هر ماڻهوءَ سان نهايت ادب ۽ احترام سان ملندڙ ميهڙجي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ 45 سالن جي ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊئي جي زندگيءَ تي هڪ نظر

اڪثر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته اسان جو ٻار وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿئي يا انجنيئر ٿئي پر ميهڙ جي  مٽيءَ مان جنم وٺندڙ  هن پياري ماڻهوءَ هر ماڻهوءَ سان پنهنجائپ سان ملندڙ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊئي جي اها پنهنجي خواهش هئي ته هو وڪيل ٿئي هن جي والدين جو ٻئي ڪنهن شعبي ۾ وڃڻ لاءِ هن تي ڪوبه دٻاءُ ڪونه هيو جنهن ڪري ئي هن خودمختيار ٿي وڪالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو هن وڪالت کي پنهنجو مقصد بڻائي ننڍي هوندي کان ئي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا محنت ڪرڻ ۾ لڳي ويو نرسريءَ کان وٺي ايم اي تائين ميهڙ ۾ پڙهڻ کان پوءِ هن هوائن جي شهر حيدرآباد جو رک ڪيو ۽ جناح لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري هن وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي  ان محنت جو ئي نتيجو آهي جو اڄ سجاد احمد چانڊيو پاڪستان جي ناليوارن وڪيلن ۾ليکيو وڃي ٿو.

2003ع ۾ هن کي وڪالت جي ڊگري ملي ۽ هلندڙ سال 2020ع ۾ هن کي وڪالت ۾ 17 سال ٿي چڪا آهن ۽ ان عرصي دوران هو ڪيترن ئي تاريخي ڪيسن جي فتح پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي هن ڪيترن ئي مظلومن کي ڦاهيءَ جي فندي تي لٽڪڻ کان بچايو آهي اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سجاد احمد چانڊئي وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ته ان ٽائم رسول بخش پليجي وٽ جونيئر وڪيل طور ڪم ڪيو  هن عوامي خدمت تي يقين رکندي پنهنجو پاڻ کي مڃايو آهي.

 ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي، ڌاري آبادگاري ۽ سنڌ سان ٿيندڙ سمورين زيادتين خلاف عوامي تحريڪ طرفان 2017 ۾ اسلام ڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين نڪتل 32 ڏينهن جي لانگ مارچ ۾ سجاد احمد چانڊئي پيرين پنڌ هلي پير پٿون ڪري سنڌ دشمنن کي للڪار ڪئي هئي ۽ هو اڄ به وڪالت ذريعي سمورن سنڌ دشمنن کي للڪاريندو پيو اچي اهڙن ماڻهن لاءِ ئي لطيف سائين چيو آهي ته

ڪنڊا مون پيرن توڻي لک لڳن

آڱر آڱوٺي نه مري ڇپون پير ڇنن

ويندي ڏانهن پرينءَ جتي جات نه پائيان

 اڄ هو جڏهن صبح جو سوير قاسم آباد مان ڪورٽ طرف روانو ٿيندو آهي ته ظالم پريشان هوندو آهي ۽ مظلوم خوشي محسوس ڪندو آهي هو اڄ ناليواري وڪيل طور سڃاتو وڃي ٿو پر اڄ به هن جو هر ماڻهوءَ سان ملڻ جو انداز ڏاڍو وڻندڙ لڳندو آهي هو نئين ماڻهوءَ سان به جڏهن ملندو آهي ته اڳلو ايئن محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي ملاقات ٿيندي پئي اچي.

 سجاد احمد چانڊئي جهڙا ماڻهو اسان جي سماج ۾ تمام گهٽ پئدا ٿيندا آهن جيڪي وڏي منزل ماڻڻ کان پوءِ به عوامي خدمت جو جذبو رکندا هجن ڪيترائي وڪيل ته وڪامجندي دير ناهن ڪندا هو ڪجهه ٽڪن جي لالچ ۾ پنهنجي قوم سان غداري ڪندا رهندا آهن ۽ هو پنهنجو ميار ڪيرائي وجهندا آهن پر سجاد احمد چانڊيو انهن سڀني  کان منفرد ٿي ڪري سماج ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي هو ڪڏهن به ڪنهن ظالم آڏو نه جهڪيو آهي ۽ نه ئي وڪيو آهي اهڙن ماڻهن لاءِ ئي شاعر چئي ٿو.

جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو

 سو ئي ماڻهو موتيءَ داڻو

 هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته مون کي هڪڙي ڪيس ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي هئي اهو ڪيس هي هيو ته جڏهن افتخار چوڌري چيف جسٽس هيو ان ٽائم ٿر جي هڪ غريب هاريءَ ارجن ڪولهيءَ کي پوليس واري اگهاڙو ڪري ڳوٺ ۾ گهمايو هيو ان تي ان ٽائيم جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سوموٽو نوٽيس ورتو هيو سپريم ڪورٽ طرفان جاچ هلندي رهي ان دوران ئي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي حڪومت چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي هٽائي ڇڏيو هيو ۽ جيڪو نئون چيف جسٽس آيو ان ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو ۽ ان غريب مٿان مصيبت اها آئي ته سيشن جج ان خلاف اپيل داخل ڪئي ته هن ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ پوءِ هن غريب جو بچڻ مشڪل ٿي پيو ۽ پوءِ جڏهن ان غريب هاريءَ کي منهنجي خبر پئي ته هو دوستن معرفت مون وٽ اچي پهتو ۽ پوءِ مون ان جو ڪيس کنيو ۽ دليل ڏئي ڪيس کي ختم ڪرائي غريب جي جان بچائي هن ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي.

سجاد احمد چانڊئي ٻڌايو ته مختلف روڊ، رستن ۽ پارڪن تي سرڪاري پارٽين جي فردن جا نالا هجڻ جي خلاف مون هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ مون چيو ته روڊن رستن ۽ پارڪن تي سرڪاري پارٽين جي خاندانن جي فردن جا نالا هجڻ بجاءِ انهن تي اديبن، شاعرن، ليکڪن، دانشورن سميت سمورن سنڌ دوست  جا نالا هجڻ گهرجن جيڪو ڪيس پڻ مون کٽيو ۽ عدالت انهن جاين تان سرڪاري پارٽين جي خاندانن جي فردن جا نالا هٽائڻ جو حڪم ڏئي انهن تي اديبن، شاعرن، دانشورن ليکڪن ۽ ٻين سنڌ دوستن جا نالا لڳرائڻ جو حڪم ڏنو.

سجاد احمد چانڊئي چيو ته مان اڄ جنهن منزل تي پهتو آهيان اهو منهنجي ڪيل محنت جو ئي نتيجو آهي ان ڪري اڄ جي نوجوان کي محنت ڪري اڳتي اچڻ گهرجي ۽ محنت ڪنهن به ماڻهوءَ جي رائيگان ڪونه ويندي آهي جيڪو به ماڻهو محنت ڪندو اهو پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو.

The practical work is carried under supervision of Sohail Sangi, 
at Media and Communication Department, University of Sindh

#HameedullahTunio, 

Thursday, February 27, 2020

Hameedullah-MA 21 Article Sindhi Revised

Revised 


          Article- Hameedullah-MA (Prev) Roll No 21  
                                              
                                                                 پاڪستان ۾ ٻارڙن سان جنسي تشدد جا واقعا
                        اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ معصوم گلن جهڙن ٻارڙن سان زيادتين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي. روزانو ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ معصوم ٻارڙن سان وحشي درندا زيادتي ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏين ٿا .اسان جي ملڪ جي چئني صوبن جو تقريبن ڪوبه اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو، جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ ڪنهن معصوم گلن جهڙي ٻارڙِي سان زيادتي نه ٿي هجي.
                    ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب معصوم ٻارڙن کان مختلف قسمن جو جبري پورهيو جهڙوڪ هوٽلن تي بيراگيري، موٽر سائيڪل آٽوز تي ڪم ڪرائڻ، فيڪٽرين تي مزدوري وغيره جهڙا جبري پورهيا ڪرايا وڃن ٿا.والدين کي گهرجي ته ٻارڙن کان اهڙا جبري پورهيا ڪرائڻ بدران کين بهترين تعليم ڏيارين. حڪومت کي گهرجي ته معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ڪندڙ وحشي درندن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن معصوم ٻارڙن سان زيادتين جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي. مجموعي طور تي گذريل ڪجهه سالن کان معصوم ٻارڙن سان ٿيل زيادتين جا انگ اکر هن ريت آهن:
                  ٻارڙن تي ٿيندڙ جنسي تشدد خلاف ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ساحل جي صوبائي ڪو آڊينيٽر برڪت علي انصاري جي رپورٽ موجب 2019 ۾ ملڪ اندر سراسري طور روزانو 10 ٻارڙن کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جا واقعا معمول بڻيل آهن. جنهن مان چٽو ٿئي ٿو ته سراسري طور پاڪستان ۾ تقريبن 10 ٻار روزانو جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، 2018ع جي ڀيٽ ۾ گذريل سال11 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جنسي حوس جو نشانو بڻيل ٽوٽل 3 هزار 832 ٻارن مان هڪ هزار 738 ڇوڪرا ۽ 2 هزار  94 ڇوڪريون آهن. 193 ڇوڪرن ۽ 345 ڇوڪرين سان زبردستي جنسي ڏاڍئي جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ اندر هڪ هزار 16 ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ڇوڪرا 548 ۽ ڇوڪريون 468 شامل آهن، جن جي عمر 5 کان 18 سال آهي. سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين واري ڪيسن ۾ سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ پهرين نمبر تي 144 واقعا پيش آيا، ٻئي نمبر تي گهوٽڪي 84، ڪراچي 82، لاڙڪاڻو 75، نوشهروفيروز 59، سکر 57، دادو 48، حيدرآباد 45 واقعا ٻڌايا وڃن ٿا. مجموعي طور تي سنڌ جي شهري علائقن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جا واقعا 531 ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ 485 واقعا پيش آيا.
           برڪت انصاري وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي پنجاب ۾ 2 هزار 403 جنسي زيادتيءَ جا واقعا ٿيا ۽ سنڌ ۾ هڪ هزار 16 ڪيس رپورٽ ٿيا اهڙيءَ طرح صوبي ڪي پي ڪي ۾ 145، صوبي بلوچستان ۾ 98، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 34 ۽ ملڪ جي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ 130 جنسي ڏاڍائيءَ جا واقعا پيش آيا.
                  مجموعي طور تي پاڪستان جي سروي رپورٽ موجب ڳوٺن ۾ 72 سيڪڙو ۽ شهرن ۾ 28 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنهن جو هڪ سبب آهي  پاڪستان جي وڌيڪ  آبادي ڳوٺن  ۾ رهي ٿي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جنسي زيادتين جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس واقف ڪار جڳهن تي (886،)  ٻئي نمبر تي  متاثر ٻارن جا پنهنجي گهرن ۾ (468) ۽ مختلف جاين جهڙوڪ زمينن تي، حويلي، هوٽل، گھٽي، ھاسٽل، مارڪيٽ، مسجد، پلاٽ، پوليس اسٽيشن، اسڪول، دڪان ۽ ڪم وارين جاين تي ٿيا. جن مان هڪ هزار  787  جوابدار اُهي هُئا جن کي ٻار پهرين سڃاڻيندا هئا، اُن کانپوءِ ٻئي نمبر تي537 جوابدارن جو ذڪر ٿيل نه هو، جن ۾  پاڙي وارا، ويجهي رشتي وارا، پيشه ور عورتن جي سهڪار سان، مٽ مائٽ، پوليس، اُستاد، مولوي، ڊاڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن.
برڪت علي انصاري انگ اکر پيش ڪندي ٻڌايو ته سال 2019ع ۾ جنسي زيادتي جي 3 هزار 832 ڪيسن مان پوليس وٽ 3 هزار 307 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا.جن مان 20 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملڪ اندر ننڍ پڻ جي شادي جا 130 ڪيس سامهون آيا، جن مان سنڌ ۾ 85 ننڍپڻ جون شاديون ڪرايون ويون.
                  والدين کي پنهنجن ٻارڙن تي نظر رکڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کي جنسي ڏاڍاين بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي ته جيئن معصوم ٻار جنسي زيادتي ڪندڙ وحشي درندن کان پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن.
                           1: والدين پنهنجي ٻارن تي نظر رکن
                            2: ملڪي ليول تي جنسي حراسمينٽ ۽ جنسي ڏاڍائيءَ خلاف قانون جوڙيا وڃن.
                           3: اهڙي عمل ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن ٻين لاءِ نصيحت هجي
                            4: سماجي سوشل تنظيمن ۽ ساڃاه وندن کي پڻ اهڙن عملن خلاف ڪم ڪرڻ گهرجي
                            5: اهڙن قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪيو/ ڪرايو وڃي



Report sources should be named.
Main reason of such painful incidents? describe in 3-4 lines
Solution describe in 3-4 lines, what govt should do, what parents should do, what children should do in such situation
Make into interesting. 
File name is wrong. do not repeat such mistake
Referred back. file till Feb 29


File Late

Article- Hameedullah
MA (Prev) Roll No 21  
                                                                 پاڪستان ۾ ٻارڙن سان جنسي تشدد جا واقعا
                        اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ معصوم گلن جهڙن ٻارڙن سان زيادتين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي. روزانو ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ معصوم ٻارڙن سان وحشي درندا زيادتي ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏين ٿا .اسان جي ملڪ جي چئني صوبن جو تقريبن ڪوبه اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو، جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ ڪنهن معصوم گلن جهڙي ٻارڙِي سان زيادتي نه ٿي هجي
Put below para in the end
والدين کي پنهنجن ٻارڙن تي نظر رکڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کي جنسي ڏاڍاين بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي ته جيئن معصوم ٻار جنسي زيادتي ڪندڙ وحشي درندن کان پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن.
                  
  ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب معصوم ٻارڙن کان مختلف قسمن جو جبري پورهيو جهڙوڪ هوٽلن تي بيراگيري، موٽر سائيڪل آٽوز تي ڪم ڪرائڻ، فيڪٽرين تي مزدوري وغيره جهڙا جبري پورهيا ڪرايا وڃن ٿا.والدين کي گهرجي ته ٻارڙن کان اهڙا جبري پورهيا ڪرائڻ بدران کين بهترين تعليم ڏيارين. حڪومت کي گهرجي ته معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ڪندڙ وحشي درندن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن معصوم ٻارڙن سان زيادتين جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي. مجموعي طور تي گذريل ڪجهه سالن کان معصوم ٻارڙن سان ٿيل زيادتين جا انگ اکر هن ريت آهن:
           Which organisation's report? year?
هڪ رپورٽ موجب  ملڪ اندر روزانو 10 ٻارڙن کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جا واقعا معمول بڻيل آهن. جنهن مان چٽو ٿئي ٿو ته سراسري طور پاڪستان ۾ تقريبن 10 ٻار روزانو جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، 2018ع جي ڀيٽ ۾ گذريل سال11 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جنسي حوس جو نشانو بڻيل ٽوٽل 3 هزار 832 ٻارن مان هڪ هزار 738 ڇوڪرا ۽ 2 هزار  94 ڇوڪريون آهن. 193 ڇوڪرن ۽ 345 ڇوڪرين سان زبردستي جنسي ڏاڍئي جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ اندر هڪ هزار 16 ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ڇوڪرا 548 ۽ ڇوڪريون 468 شامل آهن، جن جي عمر 5 کان 18 سال آهي. سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين واري ڪيسن ۾ سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ پهرين نمبر تي 144 واقعا پيش آيا، ٻئي نمبر تي گهوٽڪي 84، ڪراچي 82، لاڙڪاڻو 75، نوشهروفيروز 59، سکر 57، دادو 48، حيدرآباد 45 واقعا ٻڌايا وڃن ٿا. مجموعي طور تي سنڌ جي شهري علائقن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جا واقعا 531 ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ 485 واقعا پيش آيا.
           Which organisation's report?  
  پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي پنجاب ۾ 2 هزار 403 جنسي زيادتيءَ جا واقعا رپورٽ ٿيا ۽ سنڌ ۾ هڪ هزار 16 ڪيس رپورٽ ٿيا اهڙيءَ طرح صوبي ڪي پي ڪي ۾ 145، صوبي بلوچستان ۾ 98، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 34 ۽ ملڪ جي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ 130 جنسي ڏاڍائيءَ جا واقعا پيش آيا.
                  مجموعي طور تي پاڪستان جي سروي رپورٽ موجب ڳوٺن ۾ 72 سيڪڙو ۽ شهرن ۾ 28 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنهن جو هڪ سبب آهي  پاڪستان جي وڌيڪ  آبادي ڳوٺن  ۾ رهي ٿي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جنسي زيادتين جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس واقف ڪار جڳهن تي (886،)  ٻئي نمبر تي  متاثر ٻارن جا پنهنجي گهرن ۾ (468) ۽ مختلف جاين جهڙوڪ زمينن تي، حويلي، هوٽل، گھٽي، ھاسٽل، مارڪيٽ، مسجد، پلاٽ، پوليس اسٽيشن، اسڪول، دڪان ۽ ڪم وارين جاين تي ٿيا. جن مان هڪ هزار  787  جوابدار اُهي هُئا جن کي ٻار پهرين سڃاڻيندا هئا، اُن کانپوءِ ٻئي نمبر تي537 جوابدارن جو ذڪر ٿيل نه هو، جن ۾  پاڙي وارا، ويجهي رشتي وارا، پيشه ور عورتن جي سهڪار سان، مٽ مائٽ، پوليس، اُستاد، مولوي، ڊاڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن. 
, give source. When
جنسي زيادتي جي 3 هزار 832 ڪيسن مان پوليس وٽ 3 هزار 307 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا.جن مان 20 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي. رپورٽ موجب ملڪ اندر ننڍ پڻ جي شادي جا 130 ڪيس سامهون آيا، جن مان سنڌ ۾ 85 ننڍپڻ جون شاديون ڪرايون ويون.


What is solution