Showing posts with label 21. Show all posts
Showing posts with label 21. Show all posts

Thursday, February 27, 2020

Hameedullah-MA 21 Article Sindhi Revised

Revised 


          Article- Hameedullah-MA (Prev) Roll No 21  
                                              
                                                                 پاڪستان ۾ ٻارڙن سان جنسي تشدد جا واقعا
                        اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ معصوم گلن جهڙن ٻارڙن سان زيادتين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي. روزانو ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ معصوم ٻارڙن سان وحشي درندا زيادتي ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏين ٿا .اسان جي ملڪ جي چئني صوبن جو تقريبن ڪوبه اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو، جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ ڪنهن معصوم گلن جهڙي ٻارڙِي سان زيادتي نه ٿي هجي.
                    ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب معصوم ٻارڙن کان مختلف قسمن جو جبري پورهيو جهڙوڪ هوٽلن تي بيراگيري، موٽر سائيڪل آٽوز تي ڪم ڪرائڻ، فيڪٽرين تي مزدوري وغيره جهڙا جبري پورهيا ڪرايا وڃن ٿا.والدين کي گهرجي ته ٻارڙن کان اهڙا جبري پورهيا ڪرائڻ بدران کين بهترين تعليم ڏيارين. حڪومت کي گهرجي ته معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ڪندڙ وحشي درندن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن معصوم ٻارڙن سان زيادتين جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي. مجموعي طور تي گذريل ڪجهه سالن کان معصوم ٻارڙن سان ٿيل زيادتين جا انگ اکر هن ريت آهن:
                  ٻارڙن تي ٿيندڙ جنسي تشدد خلاف ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ساحل جي صوبائي ڪو آڊينيٽر برڪت علي انصاري جي رپورٽ موجب 2019 ۾ ملڪ اندر سراسري طور روزانو 10 ٻارڙن کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جا واقعا معمول بڻيل آهن. جنهن مان چٽو ٿئي ٿو ته سراسري طور پاڪستان ۾ تقريبن 10 ٻار روزانو جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، 2018ع جي ڀيٽ ۾ گذريل سال11 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جنسي حوس جو نشانو بڻيل ٽوٽل 3 هزار 832 ٻارن مان هڪ هزار 738 ڇوڪرا ۽ 2 هزار  94 ڇوڪريون آهن. 193 ڇوڪرن ۽ 345 ڇوڪرين سان زبردستي جنسي ڏاڍئي جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ اندر هڪ هزار 16 ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ڇوڪرا 548 ۽ ڇوڪريون 468 شامل آهن، جن جي عمر 5 کان 18 سال آهي. سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين واري ڪيسن ۾ سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ پهرين نمبر تي 144 واقعا پيش آيا، ٻئي نمبر تي گهوٽڪي 84، ڪراچي 82، لاڙڪاڻو 75، نوشهروفيروز 59، سکر 57، دادو 48، حيدرآباد 45 واقعا ٻڌايا وڃن ٿا. مجموعي طور تي سنڌ جي شهري علائقن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جا واقعا 531 ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ 485 واقعا پيش آيا.
           برڪت انصاري وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي پنجاب ۾ 2 هزار 403 جنسي زيادتيءَ جا واقعا ٿيا ۽ سنڌ ۾ هڪ هزار 16 ڪيس رپورٽ ٿيا اهڙيءَ طرح صوبي ڪي پي ڪي ۾ 145، صوبي بلوچستان ۾ 98، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 34 ۽ ملڪ جي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ 130 جنسي ڏاڍائيءَ جا واقعا پيش آيا.
                  مجموعي طور تي پاڪستان جي سروي رپورٽ موجب ڳوٺن ۾ 72 سيڪڙو ۽ شهرن ۾ 28 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنهن جو هڪ سبب آهي  پاڪستان جي وڌيڪ  آبادي ڳوٺن  ۾ رهي ٿي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جنسي زيادتين جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس واقف ڪار جڳهن تي (886،)  ٻئي نمبر تي  متاثر ٻارن جا پنهنجي گهرن ۾ (468) ۽ مختلف جاين جهڙوڪ زمينن تي، حويلي، هوٽل، گھٽي، ھاسٽل، مارڪيٽ، مسجد، پلاٽ، پوليس اسٽيشن، اسڪول، دڪان ۽ ڪم وارين جاين تي ٿيا. جن مان هڪ هزار  787  جوابدار اُهي هُئا جن کي ٻار پهرين سڃاڻيندا هئا، اُن کانپوءِ ٻئي نمبر تي537 جوابدارن جو ذڪر ٿيل نه هو، جن ۾  پاڙي وارا، ويجهي رشتي وارا، پيشه ور عورتن جي سهڪار سان، مٽ مائٽ، پوليس، اُستاد، مولوي، ڊاڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن.
برڪت علي انصاري انگ اکر پيش ڪندي ٻڌايو ته سال 2019ع ۾ جنسي زيادتي جي 3 هزار 832 ڪيسن مان پوليس وٽ 3 هزار 307 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا.جن مان 20 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملڪ اندر ننڍ پڻ جي شادي جا 130 ڪيس سامهون آيا، جن مان سنڌ ۾ 85 ننڍپڻ جون شاديون ڪرايون ويون.
                  والدين کي پنهنجن ٻارڙن تي نظر رکڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کي جنسي ڏاڍاين بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي ته جيئن معصوم ٻار جنسي زيادتي ڪندڙ وحشي درندن کان پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن.
                           1: والدين پنهنجي ٻارن تي نظر رکن
                            2: ملڪي ليول تي جنسي حراسمينٽ ۽ جنسي ڏاڍائيءَ خلاف قانون جوڙيا وڃن.
                           3: اهڙي عمل ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن ٻين لاءِ نصيحت هجي
                            4: سماجي سوشل تنظيمن ۽ ساڃاه وندن کي پڻ اهڙن عملن خلاف ڪم ڪرڻ گهرجي
                            5: اهڙن قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪيو/ ڪرايو وڃي



Report sources should be named.
Main reason of such painful incidents? describe in 3-4 lines
Solution describe in 3-4 lines, what govt should do, what parents should do, what children should do in such situation
Make into interesting. 
File name is wrong. do not repeat such mistake
Referred back. file till Feb 29


File Late

Article- Hameedullah
MA (Prev) Roll No 21  
                                                                 پاڪستان ۾ ٻارڙن سان جنسي تشدد جا واقعا
                        اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ معصوم گلن جهڙن ٻارڙن سان زيادتين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي. روزانو ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ معصوم ٻارڙن سان وحشي درندا زيادتي ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏين ٿا .اسان جي ملڪ جي چئني صوبن جو تقريبن ڪوبه اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو، جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ ڪنهن معصوم گلن جهڙي ٻارڙِي سان زيادتي نه ٿي هجي
Put below para in the end
والدين کي پنهنجن ٻارڙن تي نظر رکڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کي جنسي ڏاڍاين بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي ته جيئن معصوم ٻار جنسي زيادتي ڪندڙ وحشي درندن کان پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن.
                  
  ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب معصوم ٻارڙن کان مختلف قسمن جو جبري پورهيو جهڙوڪ هوٽلن تي بيراگيري، موٽر سائيڪل آٽوز تي ڪم ڪرائڻ، فيڪٽرين تي مزدوري وغيره جهڙا جبري پورهيا ڪرايا وڃن ٿا.والدين کي گهرجي ته ٻارڙن کان اهڙا جبري پورهيا ڪرائڻ بدران کين بهترين تعليم ڏيارين. حڪومت کي گهرجي ته معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ڪندڙ وحشي درندن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن معصوم ٻارڙن سان زيادتين جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي. مجموعي طور تي گذريل ڪجهه سالن کان معصوم ٻارڙن سان ٿيل زيادتين جا انگ اکر هن ريت آهن:
           Which organisation's report? year?
هڪ رپورٽ موجب  ملڪ اندر روزانو 10 ٻارڙن کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جا واقعا معمول بڻيل آهن. جنهن مان چٽو ٿئي ٿو ته سراسري طور پاڪستان ۾ تقريبن 10 ٻار روزانو جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، 2018ع جي ڀيٽ ۾ گذريل سال11 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جنسي حوس جو نشانو بڻيل ٽوٽل 3 هزار 832 ٻارن مان هڪ هزار 738 ڇوڪرا ۽ 2 هزار  94 ڇوڪريون آهن. 193 ڇوڪرن ۽ 345 ڇوڪرين سان زبردستي جنسي ڏاڍئي جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ اندر هڪ هزار 16 ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ڇوڪرا 548 ۽ ڇوڪريون 468 شامل آهن، جن جي عمر 5 کان 18 سال آهي. سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين واري ڪيسن ۾ سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ پهرين نمبر تي 144 واقعا پيش آيا، ٻئي نمبر تي گهوٽڪي 84، ڪراچي 82، لاڙڪاڻو 75، نوشهروفيروز 59، سکر 57، دادو 48، حيدرآباد 45 واقعا ٻڌايا وڃن ٿا. مجموعي طور تي سنڌ جي شهري علائقن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جا واقعا 531 ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ 485 واقعا پيش آيا.
           Which organisation's report?  
  پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي پنجاب ۾ 2 هزار 403 جنسي زيادتيءَ جا واقعا رپورٽ ٿيا ۽ سنڌ ۾ هڪ هزار 16 ڪيس رپورٽ ٿيا اهڙيءَ طرح صوبي ڪي پي ڪي ۾ 145، صوبي بلوچستان ۾ 98، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 34 ۽ ملڪ جي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ 130 جنسي ڏاڍائيءَ جا واقعا پيش آيا.
                  مجموعي طور تي پاڪستان جي سروي رپورٽ موجب ڳوٺن ۾ 72 سيڪڙو ۽ شهرن ۾ 28 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنهن جو هڪ سبب آهي  پاڪستان جي وڌيڪ  آبادي ڳوٺن  ۾ رهي ٿي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جنسي زيادتين جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس واقف ڪار جڳهن تي (886،)  ٻئي نمبر تي  متاثر ٻارن جا پنهنجي گهرن ۾ (468) ۽ مختلف جاين جهڙوڪ زمينن تي، حويلي، هوٽل، گھٽي، ھاسٽل، مارڪيٽ، مسجد، پلاٽ، پوليس اسٽيشن، اسڪول، دڪان ۽ ڪم وارين جاين تي ٿيا. جن مان هڪ هزار  787  جوابدار اُهي هُئا جن کي ٻار پهرين سڃاڻيندا هئا، اُن کانپوءِ ٻئي نمبر تي537 جوابدارن جو ذڪر ٿيل نه هو، جن ۾  پاڙي وارا، ويجهي رشتي وارا، پيشه ور عورتن جي سهڪار سان، مٽ مائٽ، پوليس، اُستاد، مولوي، ڊاڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن. 
, give source. When
جنسي زيادتي جي 3 هزار 832 ڪيسن مان پوليس وٽ 3 هزار 307 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا.جن مان 20 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي. رپورٽ موجب ملڪ اندر ننڍ پڻ جي شادي جا 130 ڪيس سامهون آيا، جن مان سنڌ ۾ 85 ننڍپڻ جون شاديون ڪرايون ويون.


What is solution