Showing posts with label Eng. Show all posts
Showing posts with label Eng. Show all posts

Monday, May 11, 2020

Zakir Ali Profile Sindhi

Student's roll No and name in Eng as well as in Sindhi is missing from text file
ALways give file name to foto
Do not file again until asked

Zakir Ali_Profile (Sindhi) MMC 63

الله بخش هنڱورجو ٿر جو مثالي استاد
چوندا آهن ته استاد بادشاه ناهي هوندو پر بادشاه بڻائي ڇڏيندو آهي. استاد جيڪو هڪ مقدس پيشو آهي ۽ ڪافي ٿورا ماڻهو ان مقدس پيشي سان سچائي نڀائي
سگهندا آهن جن تي تاريخ ۽ ڌرتي فخر محسوس ڪندي آهي.
اهڙن ئي انمول استادن مان تعلقي کپري جو اڇڙي ٿر سان واسطو رکندڙ الله بخش هنڱورجو جمال الدين هنڱورجو آهي. جنهن پنهنجي زندگي جا 29 قيمتي سال هن مقدس پيشي کي ارپيا آهن.
موجوده وقت جو سينيئر استاد جيڪو پيشي سان بلڪل سچو ۽ کرو ثابت ٿيو آهي. ان شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڏٺيون، اسڪول لاءِ پيرين پنڌ ڪيا پر پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي.
هن شخص کي ڏسندي اهو محسوس ٿي ٿو وڃي ته هن استاد پنهنجي پيشي سان ڪيڏي سچائي، ايمانداري ۽ مخلصي ڏيکاري آهي. جيتوڻيڪ هن وقت هن جا وار ۽ ڏاڙهي اڇا ٿي ويا آهن ۽ هاڻي اها سگهه به گهٽ ٿي وئي آهي پر اڄ به هن استاد جا حوصلا هماليه کان بلند آهن.
الله بخش جمال الدين جيڪو اڇڙي ٿر جي هڪ ڳوٺ جي غريب گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هڪ غريب هاري هو. هن جو ننڍپڻ تمام غربت جي حالتن ۾ گذريو. جتي ڏاڍيون مشڪلاتون ڏٺيون. ميرا ڪپرا تن تي پائي به هن شخص اسڪول وڃي تعليم حاصل ڪئي. ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پنج درجا پڙهڻ کانپوءِ هن جو پڙهائي ڏانهن شوق ڏسي سندس غريب پيءُ پنهنجي پگهر جي پورهئي مان کيس پڙهايو پئي ۽ هو ڏهين ڪلاس جا پيپر ڏيڻ کانپوءِ يارهين ڪلاس لاءِ ڊگري ڪاليج کپرو ويو.
سائين ٻڌائي ٿو ته ان کانپوءِ منهنجن ڪافي دوستن پڙهائي لاءِ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جو رخ ڪيو، انهن کي ڏسندي مون کي به دل ۾ اها خواهش جاڳي ته آئون به اڳتي وڃي تعليم حاصل ڪيان ۽ پنهنجي ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلان پر جيئن ته هڪ غريب هاري پيءُ پنهنجي پٽ جو اهو خواب ان وقت ته ساڀيان نه ڪيو پر پوءِ سائين جن ڪاليج سائيڊ B.A کانپوءِ سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ڄامشورو مان B.Ed ڪئي.
اسڪول کان ويندي يونيورسٽي تائين هر استاد جي اها ذميواري هوندي آهي ته هو پنهنجي فرض ۽ عزم سان سچو ۽ کرو رهي ۽ ان جو سڀ کان وڏو ڦَل انهن کي پنهنجي شاگردن کي ڪامياب ڏسي ملندو آهي.
سائين الله بخش جيڪو ٻڌائي ٿو ته آئون هن مقدس پيشي ۾ پير پائڻ لاءِ به پنهنجي محترم استادن کان متاثر ٿيس. سائين جن ٻڌائي ٿو ته ان وقت اسان جا استاد جيڪي ڏاڍا مهربان، هوشيار، قابل ۽ فخر جي لائق هوندا هئا. جن جي محبت ۽ شفقت جي هٿ هيٺ اسان تعليم حاصل ڪئي انهن مان ٻن استادن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته هڪ محترم استاد سردار احمد قائم خاني ۽ ٻيو استاد محمد صديق ناريجو جنهن جي Mathematics مان آئون ڏاڍو متاثر ٿيس.
اهڙن معزز ۽ بهترين استادن جي شفقت ڀرئي هٿ هيٺ تعليم حاصل ڪندي مون کي به اهو شوق جاڳيو ته آئون به هڪ استاد ٿي هن ملڪ جي معصوم ٻارن جي مستقبل لاءِ هر وقت  ڪوشش ڪندو رهان ۽ اڄ آئون الحمدالله ان مقدس پيشي سان سلهاڙيل آهيان جيڪا منهنجي خوش نصيبي آهي.
سائين ٻڌائي ٿو ته هن پيشي کي سرانجام ڏيندي مون کي 29 سال ٿي چڪا آهن ۽ آئون پنهنجي انهن 29 سالن جي سروس ۾ ڏاڍو پراعتماد ۽ خوش آهيان. اڄ منهنجا شاگرد به سٺن عهدن تي موجود آهن ۽ انهن کي ڪامياب ڏسي دل کي هڪ سڪون ملندو آهي.
سائين پنهنجي زندگي جو پيارو واقعو ٻڌائيندي چوي ٿو ته ٿر جا ماڻهو هونئن به ڏاڍا مهمان نواز آهن پنهنجي مهمان جو آڌرڀاءُ ڏاڍي سڪ، پيار ۽ پاٻوه سان ڪندا آهن. ائين ئي جڏهن آئون پنهنجي پهرئين پوسٽنگ جا ٿر جي هڪ ڳوٺ “مهر واري” ۾ ٿي جتي جو اسڪول مالڪ صبح سوير ٿر جي سواري اٺ کي بلڪل ائين سينگاري ڪاهي آيو جيئن ڪنهن گهوٽ جي ڄڃ لاءِ سينگاربو آهي. انهن جي اها محبت ۽ سڪ اڄ 29 سالن بعد به ياد اچي ٿي ته دل کي راحت ٿي ويندي آهي.
استاد هجڻ جي ناتي سائين عبدالواحد آريسر، ايوب کوسو، استاد بخاري، جمال ابڙو، حسن درس ۽ شاعرن جي گهوٽ شاه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪتابن کي ڏاڍي سڪ ۽ چاه سان پڙهندو آهي.
سائين ٻڌائي ٿو ته ڀٽائي گهوٽ جي شاعري پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو ٻيو وڏو مقصد آهي. ڀٽائي گهوٽ جيڪو منهنجو محبوب شاعر رهيو آهي.
وڌيڪ ٻڌائيندي چوي ٿو ته جڏهن ڪنهن شام جو پنهنجي ڪجهه دوستن سانگي ٿر جي اڇي ڀٽن تي ويهي ٿر جي کارين مٺين ڍنڍن جا خوبصورت نظارا ڪندا آهيون ته انهن واري جي دڙن ۽ ڍنڍن جي پاڻي ۾ منهنجي پوري زندگيءَ جو عڪس نظر ايندو آهي ۽ جڏهن ان واريءَ تي ويهي سنڌ جي گهوٽ ڀٽائي گهوٽ جي شاعري پڙهندا آهيون ته ٿر جي اصل سونهن ڄڻ اسان جي سامهون نروار ٿي اڀرندي آهي ۽ سموري سنڌ اسان جي سامهون جرڪندي آهي.
مختلف اسڪولن مان پنهنجا فرائض سرانجام ڏيڻ کانپوءِ هن وقت سائين جن هٿونگي جي ويجهو ڳوٺ محمد عثمان هنڱورجو ۾ پنهنجا فرائض بخوبي سرانجام ڏئي رهيو آهي. جتي سائين جن 2001ع کان ٻارن کي تعليم جي زيور کان روشناس ڪرائي رهيا آهن. سائين پنهنجي ان استادي پيشي جي سفر دوران پنهنجي ڪجهه شاگردن کي اڄ ڪامياب ڏسي ٻڌائي ٿو ته هڪ شاگرد اعجاز علي هنڱورجو منهنجو بهترين شاگرد رهيو. جيڪو هن وقت هائر ايجوڪيشن ۾ اسٽنٽ ڊائريڪٽر طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سائين اهو ٻڌائيندي چوي ٿو ته اڄ مون کي فخر آهي ته مون جيڪو ٻج پوکيو اهو ڦٽي بلڪل تيار ٿي ويو آهي.
مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته سائين جن سنڌي ادب به شوق سان پڙهندا آهن ته سائين ٻڌائي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي ڊڪ ڊوڙ کان واندو ٿي ڪنهن پرسڪون هنڌ تي ويهي آئون به ڪجهه لکي وٺندو آهينا، جن ۾ ڪجهه شاعري ۽ غزل شامل آهن. ان شوق کي ڏسندي مون کي منهنجا دوست ۽ گهر وارا “بخشل اداسي” سڏيندا آهن. جيڪو منهنجو تخلص پڻ آهي.
اڇڙي ٿر ۾ رهندي ۽ هڪ سٺو ۽ بااختيار فرد هجڻ جي ناتي هن شخص کي پنهنجي علائقي جا ماڻهو کيس ڏاڍي عزت ۽ چاه ڏيندا آهن. سائين جن کي هميشه هڪ مخصوص لباس ۾ ڏٺو ويندو آهي، سائين متي تي اڇي ڄاريءَ واري ٽوپي ۽ اڇا ڪپڙا پهريندا آهن جيڪي هاڻي سندس سڃاڻپ جي نشاني به بڻجي چڪا آهن.
سندس دوست کيس “بخشل اداسي” کان علاوه اڇي ويس وارو پڻ سڏيندا آهن ۽ هن شخص جي ڳالهائڻ دوران ائين لڳندو آهي ڄڻ ته زندگيءَ جا نوان راز کلي رهيا آهن، لهجي جي مٺاس ۽ لفظ لفظ ۾ ڀريل محبت جيڪا توهان کي هن جو پرستار بڻائي ڇڏي ٿي. اڄ به جڏهن سائين ڏانهن وڃڻ ٿيندو آهي ته دل کي ڏاڍو سڪون ۽ راحت ملندي آهي.
پنهنجو ننڍپڻ غربت ۾ گذاريندڙ هي ارڏو شخص اڄ به سادگي واري زندگي گذاري ٿو، پنهنجي پيءُ وانگيان هي به پنهنجي اولاد کي ڏاڍي سڪ سان پڙهائي ٿو.
سندس اولاد جيڪو پنجن پٽن تي مشتمل آهي، جن ۾ وڏو غلام مرتضيٰ جنهن مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان تعليم پرائي آهي. سندس ٻيو پٽ غلام نبي هنڱورجو جيڪو مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل هيو ۽ ٽئي سال ۾ پڙهي رهيو هو. سائين غمگين ۽ روئڻهارڪي لهجي ۾ ٻڌايو ته منهنجو ٻيو نمبر پٽ غلام نبي جيڪو هڪ دفعي (21 جولاءِ 2019ع) دوستن سان گڏ ڄامشورو المنظر آيل هو جتي پير ترڪڻ ڪري هو درياءَ ۾ ڪري ٻڏي ويو. (درياءَ تو تي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جو) ۽ باقي ٽي پٽ به تعليم جي قيمتي زيور سان آراسته ٿي رهيا آهن.
سائين جن سنڌ ۾ موجوده استادن سان ٿيل زيادتين تي ٻڌائي ٿو ته استاد، استاد هوندو آهي ان جو ڪم ٻارن کي تعليم ڏيڻ هوندو آهي نه ڪي احتجاج ڪرڻ يا لانگ مارچ ڪرڻ
ها جڏهن حڪومت استادن جا جائز مطالبا پورا نه ڪندي آهي ته مجبور ۽ لاچار ٿي اهي احتجاج ڪندا آهن. هڪ استاد جو ڪم T.E.O آفيس کان وٺي سنڌ سيڪريٽريٽ تائين هوندو آهي.
سائين جن پنهنجي پهرئين پوسٽنگ جو هڪ واقعو ٻڌائيندي چوي ٿو ته “اڇڙو ٿر” جيڪو هونئن به ڪافي سهولتن کان وانجهيل آهي اتي پهرئين پوسٽنگ دوران ڪافي مشڪلاتون پيش آيون جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو هو. اتي جي کوهن جو پاڻي ڏاڍو کارو هو. جڏهن مون هنن کان مٺي پاڻي جي گهر ڪئي ته هنن وراڻيو ته سائين اسين ۽ اسان جا ٻچا به اهو ئي پاڻي پيئندا آهن توهان به اهو پيئو.
11 آڪٽوبر 1990ع تي پهرئين پوسٽنگ دوران اسڪول ۾ صرف هڪ استاد لاءِ ڀڳل ڪرسي موجود هئي ۽ ٻيو ڪو به فرنيچر موجود نه هو. پر مون ٿر جي هڪ انمول ڪردار مسڪين جهان خان کوسي جي عزم هيٺ مشڪلاتن کي منهن ڏئي پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. فرنيچر جي کوٽ جي باوجود به ٿر جي اڇي ۽ ٿڌي واري تي ويهي ٿر جي غريب ۽ لاچار ماڻهن کي ٻارن کي جنهن جا ڪپڙا ميرا ۽ اڻ ڌوتل منهن هئڻ وارن کي ۽ سڪي ٺوٺ ٿي ويل دماغن کي تعليم جي ٻج سان زرخيز ڪرڻ جا جتن ڪيا.
هڪ سٺو استاد ۽ معياري تعليم هڪ قوم جي سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آهي سائين جن پنهنجي 29 سالن جي سروس دوران ڪڏهن به پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي اهو نه صرف سائين الله بخش پر  جتي جتي سائين ان مقدس پيشِ جا فرائض سرانجام ڏنا اتان جا ماڻهو ۽ سندس شاگرد اڄ به چون ٿا ۽ سندس تعريف ڪندي نٿا ٿڪجن. جيتوڻيڪ سائين جا شاگرد اڄ سٺن ادارن ۾ سٺن عهدن تي آهن پر جڏهن انهن سامهون سائين جو ذڪر ٿيندو آهي ته اهي گلاب وانگيان ٽڙي پوندا آهن ۽ سائين جا شڪر گذار رهندا آهن.
سائين 29 سال گذرڻ باوجود، اڄ به ان ساڳي سڪ ۽ پاٻوه مان ٻارن کي پڙهائن ٿا ۽ سائين جن پنهنجا فرائض سچائي، ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان نڀائڻ ڪري اڄ پنهنجي زندگي ۾ ڏاڍا خوش آهن.
جتي سائين جو اولاد تعليم حاصل ڪري رهيو آهي اتي سائين جي جيون جي ڏک سک جي ساٿي سندن گهر واري به تعليم جي زيور سان آراسته آهي.
جمال ابڙو جي آتم ڪٿا کان متاثر ٿي سائين جن پنهنجي به آتم ڪٿا لکڻ جو سوچي رهيا آهن. جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي.
سائين الله بخش هنڱورجي جهڙن بهترين ۽ فرض سان سچن ڪردارن جي نه صرف اچڙي ٿر پر سموري سنڌ کي اشد ضرورت آهي. ته جيئن قوم جي مستقبل جا معمار اهڙن انمول استادن جي نگراني هيٺ علم حاصل ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو اونچو ڪن. ڪنهن به قوم کي قابل بنائڻ لاءِ اتي جي استادن جو قابل هجڻ تمام ضروري آهي. استاد قابل هوندا ته ٻار به سٺو پڙهندا، اڳتي ايندا ۽ ملڪ ترقي ڪندو.


Key words: Ustad Allah Bux, Sanghar, Khipro, Education, Zakir Ismail, Khipro, Acchro Thar 

The practical work is carried under supervision of Sohail Sangi, 
at Media and Communication Department, University of Sindh

#ZakirAli,