Feature-Fahad
Ali Janwari- 2K20-MMC -18 (Medium Sindhi)
فيچر
“ المنظر“ ڄامشوري جي اوج ۽ زوال جو
قصو!
هي ان زماني جي ڳالھ آهي جڏهن
ڄامشوري جي هوٽلن جي ڪڙاهي سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي، تڏهن
يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد
هر روز پيرين پنڌ اچي ڄامشوري ڦاٽڪ تي هوٽلن تي ڪڙاهين جا آرڊر ڏيندا هئا،
ان ئي زماني ۾ اڃان ڪراچي واري سپر
هاء وي تي حيدرآباد لاء باء پاس ڪون جڙيو هيو، سڄي ملڪ لاء ويندڙ سڄي ٽرانسپورٽ
ڄامشوري ڦاٽڪ وٽان گذري سنڌو تي اڏيل غلام محمد بيراج واري پل مٿان گذرندي هئي..
پل تان گذرندڙ بس جي دريء مان ٻاهر
سنڌو نديء جو منظر ڏسبو هيو ته دل باغ بهار ٿي پوندي هئي. اهڙن من موهيندڙ منظرن کي المنظر جا منظر ويتر دلڪش بڻائي ڇڏيندا هئا.
(المنظر وٽان سنڌو جي منظرجو فوٽو)
المنظر دراصل سنڌو نديء تي ڄامشوري وٽ
جڙيل غلام محمد بيراج ڀرسان هڪ ريسٽورنٽ
جو نالو آهي، اها ريسٽورينٽ درياه جي ڪپ تي هجڻ ڪري هڪ خوبصورت تفريح گاھ پڻ بڻيل
آهي المنظر وٽ سرسبز پارڪ، سنڌوء جو ڪنارو، درياءُ جا دلڪش نظارا سياحن کي هر وقت
پاڻ ڏانهن ڇڪيندا رهن ٿا، درياءُ سان گڏ ڪي بي فيڊر واه جو خوبصورت نظارو پڻ من کي
موھي وجھي ٿو..
المنظر وٽان سنڌو جي ڪپ توڙي ڪراچي
واھ ۾ بيٺل ملاحن جون ٻيڙيون ۽ تڙڳندڙ ٻار هن تفريحي پوائنٽ جي حسن ۾ اضافو ڪري
ڇڏين ٿا..
ڪنارن تي ڪنڍين سان مڇيون ماريندڙ
شڪاري پڻ هتي جي فطري حسن ۾ گم ٿي ويندا آهن.
هونئن ته سنڌو درياھ پڻ هن سونهن سبب سڄي دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو پر
المنظر وٽان سنڌو نديء جو نظارو اهڙو ته پيارو هوندو آهي جو اهو نظارو ڏسڻ لاء
درياه جا ڪيئي ديوانا پري پري کان ڇڪجي اچن ٿا.
نم ۽ ٽالهي جي وڏن وڻن ۽ پل جي دل
لڀائيندڙ منظرن سان گڏ هتي ايندڙ سياحن کي هڪ ٻي ڳالھ به پاڻ کي المنظرڏانهن خود
ساختا طور ڇڪي اچي ٿي.
جي ها! المنظر جو پلو ڏيهان ڏيھ
مشهور آهي، جنهن کي کائڻ لاء پري پري جا ماڻهو المنظر تي ڇڪجي اچن ٿا.
(پلي ترڻ وارو فوٽو)
هتي جا مقامي ملاح پلي ترڻ جا ماهر
ڪاريگر آهن، هتي اچي سنڌو جي ڪپ تي تريل پلو کائڻ جو ته مزو ئي پنهجو آهي پر اگر
من اندر جو ڪو ساٿي يا ھمفسر ساڻ ھجي ته رومانوي مزو پڻ اچي ٿو شايد اھيو سبب آھي
جو اڪثر ماڻهو هتان ٺهيل پلو پيڪ ڪرائي کڻي به ويندا آهن.
پرھاڻي رمانوي نظارن واري المنظر کي اوچتو الائي ڪهڙي
نظر لڳي وئي.
ڄامشوري جي سنڌو ڪناري تي ساھ ۾ سانڍڻ جهڙي ننڍڙي پر خوبصورت ماڳ المنظر
کي رومانوي ماڳ طور ليکيو وڃي ٿو، جتي ڪيترن ئي دلين جو ميلاپ ٿئي ٿو، جتي جي وڻن
جي ٿڙن تي وڇوڙن جا ورلاپ به لکيل آهن.
جڏهن به سنڌ يونيورسٽي ۽ ڄامشوري جو ذڪر ٿئي ۽ تڏهن
المنظر جي نظارن جي ڳالهه نه ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي، پر هاڻي محبتن جي هن ماڳ کي
لڳي ٿو ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. ايئن لڳي ٿو پيار تي هاڻ پابنديون لڳي ويون
آهن ان ڪري هاڻ هتي ايندڙ ويندڙ جوڙا فقط وڇوڙن جا گيت ڳائين ٿا.
سنڌو جي ڪناري تي قائم هي هوٽل 1960ع
ڌاري تعمير ٿي، 1980ع کان وٺي هن هوٽل کي خدا بخش ميرجت نالي هڪ همراه
سنڀاليندو اچي ٿو..
هونئن ته سنڌ جي مختلف شهرن جا ماڻهو
هن ماڳ تي گهمڻ لاءِ اڃان به ايندا آهن پر اڳ وارو اوج هاڻ باقي ناهي بچيو.
ڪڏهن ته هي ماڳ ڪنهن ميلي جو ڏيک
ڏيندو هو ۽ ڪيترائي جوڙا هن ماڳ تي محبتن جو وچن ورجائيندي سنڌو کي ساکي بڻائي گڏ
جيئڻ ۽ مرڻ جا وچن ورجائيندا هئا، پر هاڻ جڏهن هي ماڳ ويرانين جي ور چڙهي ويو آهي
تڏهن هن ماڳ تي تمام ٿورا ماڻهون اچن ٿا.
پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻ ”پلو“ به اڻلڀ بڻجي ويو
آهي، ڪو وقت اهڙو به هو جو ملاح ”پلو“ مڇي ماريندا هئا ۽ پوءِ هتان جو ”پلو“ دنيا
جي مختلف ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو، پر هاڻ جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ سنڌو درياهه کي ئي
بنجر بڻائي ڇڏيو آهي تڏهن پلو به تمام گهٽ ملي ٿو.
المنظر ته اهڙو خوبصورت ماڳ آهي جنهن
سان ماڻهن جون انيڪ يادون لاڳاپيل آهن، جن کي شايد ڪنهن ماڻهون جو من وساري سگهي.
هن ماڳ جي ڀرسان ڳوٺ سائينڏنو ملاح
پڻ آهي، جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ملاحن جا گهر آهن، اهي ملاح مڇي ماري پيٽ گُذر ڪندا
آهن، جڏهن ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب ملاحن جو جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪيترن ملاحن
ته متبادل روزگار به ڳولي ورتو آهي، پر
اڪثر ملاح اڄ به مڇي ماري پيٽ پالين ٿا. هتي جا ڪيترائي ملاح سنڌو درياهه ۾ ٻڏي
ويندڙ ماڻهن جي لاشن جي ڳولا به ڪن ٿا، پر حڪومت انهن جي ڪابه واهر نٿي ڪري. هن
ماڳ وٽ سال ۾ تقريبن 50 کان مٿي ماڻهون سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿين ٿا، جن مان
اڪثريت نوجوانن جي هوندي آهي، ڪجهه ماڻهو محبت ۾ ناڪامي يا وري زندگيءَ کان تنگ ٿي
خودڪشي ڪندا آهن. هتي موجود ملاح خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ۽ ترڻ دوران ٻُڏي ويندڙ
ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌو درياهه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ٽِپو ڏئي خودڪشي
ڪئي، جڏهن ته شهيد عرفان مهدي ۽ خوبصورت شاعر ماٺيڻو اوٺو به پنهنجو پاڻ کي سنڌو
درياهه حوالي ڪري پاڻ ارپي ڇڏيو هو.
(عرفان مهدي جو فوٽو)
اهو ئي نه پر سنڌ يونيورسٽي جو بنياد
رکندڙ علامه آء آء قاضي پڻ پاڻ کي المنظر وٽان ئي سنڌو جي حوالي ڪيو هيو.
هاڻ ته نه سنڌو درياءُ جو اهو اڳيون اوج رهيو آهي نه ئي سيياه جون ساڳيون
ڇوليون رهيون آهن نه وري ڇولين جو شور ٻڌجي ٿو.ھن وقت جتي خوبصورت جاين کي اجاڙيو
اُتي هي ماڳ به ويرانين جي ور چڙهي ويو آهي. هوٽل مالڪ خدا بخش ميرجت يادگيرين جا
ورق ورائيندي ٻڌايو ته ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن هي علائقو مڪمل آباد هوندو هو، پر
هاڻ درياءُ جي اجڙڻ جي ڪري هتي ماڻهو تمام گهٽ اچن ٿا، پر تنهن هوندي به جڏهن
برساتن جي رم جھم ٿئي ت ماڻھون ھتان جو رخ ڪن ٿا ۽ ڏينهن جي وقت ماڻهو هن ماڳ تي
گهمڻ ايندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ھن ماڳ کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪي اُپاءَ ورتا وڃن ته
هي ماڳ ٻيهر آباد ٿي سگهي ٿو ٻئي صورت ۾ ھي خوبصورت ماڳ اڃان ب ويران رهندو.
ڄامشوري مان سنڌو دريا جو سڪل پيٽ
ڏسي انسان ڏکارو ٿي ٿو وڃي،
هي اهو ئي درياءُ آهي جنهن جي مٿان اڏين پم تان گاڏيء ۾ گذرندي مهل ماڻهو
درياھ جي دهشت ڏسي اکيون بند ڪري دعائون
گهرڻ لڳندا هئا ته جلدي دريا بادشاھ جي پل ڪراس ٿئي ته جان بچي، جڏهن پل ڪراس ٿي
ويندي هئي ته مائٽ ٻارن کي زوري اکيون کولرائي چوندا هئا پٽ دريا ڪراس ٿي وياسين.
اڄ جڏهن اسان جي ميڍيا به ڪافي شعور آندو آهي ۽ سنڌ ۾ ايترو شعور پيدا ٿيل آهي جو هزارين سال پراڻي
قديم تهذيب جي اهڃاڻ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ واري ڏينهن تي ڪراچي کان ڪشمور تائين همبوشا
هڻي سونھن جي مالها ۾ سڄي قوم پوئجي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪندي فخر محسوس ڪري رهي آهي
ته ان وقت اسان آڏو اهو سوال ڪر کڻي بيٺل آهي ته اهو ڪهڙو فخر آهي جو اسان جو
جياپو، اسان جي ساھ جو ذريعو سنڌو درياھ سڪي ويو آهي، سندس خالي پيٽ ۾ قبضا خور
فصل پيا پوکين.
(درياھ جي پيٽ ۾ فصلن جا فوٽو)
مونکي 1996ع ۾ مرتضي ڀٽو جي شهادت
واري خبر کانپوء تقريبن زندگي جا تمام لمحا ياد آھي ان کان پهريان وارو زمانو ياد
نه اٿم شايد تڏھن جو سمجھ جو معيار گهٽ هيو..
مونکي اڪثر بابا واندڪائي ۾ تفريح لاء المنظر ۽ راڻي باغ وٺي ايندو هو
اها 1999ع جي ڳالھ آھي جڏهن مان بابا
سان گڏ المنظر تي گهمي رهيو هيس تڏهن مون هڪ خوبصورت جوڙي کي ڏٺو جنهن جي هنج ۾ هڪ
ٻار ورتل هيو تڏهن مان به بابا کي بي حجاب ٿي چيو ته بابا مان به شادي ڪندم ته
اسان به هڪ ٻار پيدا ڪنداسين
منهنجي معصوماڻي انداز سان ان ڳالھ
تي بابا ايترو کليو هو جو بابا جا اهي ٺھڪ اڄ به ذهن ۾ گونجندا آھن ساڳي ڳالھ جڏهن
گهر ۾ امان سان ڪئي ته امان جو بي انتھا مُرڪڻ به ياد اٿم ان ڳالھ کي وٺي گهرڀاتي
۾ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن تنگ ڪندا آھن، اها الڳ ڳالھ آھي ته مان اڄ به شادي نه ڪري سگهيو
آھيان..
خير ساڳي ئي سال جڏهن آمر پرويز مشرف
ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ جي گدي تي قابض ٿيو
ت انهن ڏهاڙن کان جهڙو سنڌو جي تباهي شروع ٿي چُڪي هئي 2002ع ۾ سنڌو درياءُ ۾
ڪوٽڙي بئراج وٽان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو ويو ۽ مون پنهنجي ٻالڪپڻي
واري زندگي ۾ سنڌوء جي پيٽ ۾ گاھ ڦٽندي ڪان ڏٺو، پر بابا به مونکي ٻڌائيندو ھيو ته مان جڏهن کان هتي اچان پيو
ت ڪڏهن سنڌو جي پيٽ گاھ نه ڏٺو آھي
ڪنهن دور ۾ ڄامشوري کان هيٺ لکين
ملاح درياه جي پاڻي تي مڇي پلو ماري ۽
آبادي ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا، پر اڄ ان ساڳئي ديس جا هي ديس
واسي بک بدحالي ۽ بيوسي جي حالت ۾ زندگي گذارين پيا جنهن مان اسان جي شعور جي بيوسي
ظاهر ٿي رهي آهي.
اها سال 2006 جي ڳالھ آهي جڏهن هند جي تمام وڏي سنڌ ڄائي اديب
هري موٽواڻي سنڌ ياترا ڪرڻ لاء هتي پهتو هئو ته درياھ جو سڪل پيٽ ڏسي هو پنهنجي
وفد کان پرڀرو ٿي ڄامشورو المنظر پل تي لهي درياھ جي پيٽ ۾ اڪيلو ويهي ڏاڍو رنو هئو، پوءِ اديبن جي وڏي تعداد جي اڳيان هري موٽواڻي روئي
چيو هئو ته اڙي يار، درياه دادلي جي هي
حالت اوهان ڪيئن پيا برداش ڪريو، اسان سنڌين لاء تي هي ديياھ گنگا کان بي وڌيڪ پاڪ
۽ پوتر آهي، خدارا درياءُ کي بچايو ڇوته ديياھ ئي سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي.
ان وقت هن درياھ جي پيٽ ۾ جهولي جهلي
سندس "جل پوڄا" ڪئي ۽ چيائين ته"
اي سنڌو بادشاھ،
اي سنڌو درياءُ،
تو تان پنهنجي جان گهوريان،
اي سنڌو درياھ،
اي
سنڌو بادشاھ،
تون ئي اسان جي ساھ جو سبب آهين،
تون ئي اسان جي جسم ۾ امرت ڌارا
اوتيندڙ آهين“."
هري موٽواڻي جي انهن ٻولن اتي بيٺلن
جي جيء کي جهوري وڌو هئو.
ان وقت هري موٽواڻي المنظر تي موجود
اديبن آڏو اها وصيت ڪئي ۽ چيو ته جيڪر مان هندستان ۾ مري وڃان ته منهنجون هڏيون ۽
رک سنڌو درياء ڪوٽڙي کان هيٽ پروان ڪجو، اگر سنڌو موج ۾ هوندو ت منهنجي روح کي تسڪين ملندي. ۽ پوء آخر ٿيو به ائين ئي ته هري موٽواڻي جڏهن ديهانت
ڪري ويو ته سندس هڏڙيون ۽ رک ڪوٽڙي کان هيٺ شو جي مندر وٽان سنڌو ۾ پروان ڪيون
ويون، شو جي مندر ئي سندس آخري رسمون به ادا ڪيون ويون.
هري موٽواڻي جي روح کي ته ضرور شانتي
ملي هوندي پر اڄ ڄامشوري کان هيٺ درياھ جي پيٽ ۾ قبضي خورهر هلائي زمين جي پوکي
ڪري رهيا آهن.
هي درياھ جنهن جي پيٽ مان هزارين پلا
سمنڍ کان بيزاري اختيار ڪري سنڌو درياھ جي پاڪ پوتر پاڻي جا عاشق بڻجي اسان جي
ملاۡحن کي خوشحال ۽ آباد ڪندا هئا پر افسوس ته اڄ نه ساڳيو پلو آهي نه ساڳيو پاڻي
آهي.
درياھ دادلي جي پيٽ مان ٿر جي ڀٽن
جيان دانهن ڪندي واري اڏامي رهي آهي جيڪا اسانجي شعور کي لڄائي پئي ۽ شاهدي ڏي ٿي
ته سنڌ جا هي ديس واسي بيوس آهن. جيتوڻيڪ ٿر جي واريء ٿر جي ڀٽن کي ڀڙڀانگ به ڪيو
آهي پر ساڳئي وقت ساڳي واري ٿر جي سونھن ۽ سوڀيا جي علامت به آهي پر سڪل سنڌو
درياه جي اها واري اسان کي روئي ٻڌائي پئي تي مون کي اوهان جي سنڌو درياء جي پاڻي
جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي کان هيٽ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته المنظر جهڙا
نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا منظر ويران ٿي ويندا.
المنظر جون رونقون به سنڌو درياھ جي
آباد هجڻ سان آهي، سنڌو جو وهڪرو جارص هوندو ته المنظر تي به رونقون وري موٽي
اينديون، ان ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته انظر جي هن خوبصورت ماڳ کي ٻيهر
آباد ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا وڃن ته جيئن ماڻهو هن ماڳ تي پهچي گهڙي لاءِ سُڪون حاصل
ڪن ۽ هن اُجڙيل ماڳ جون سموريون رونقون واپس موٽي اچن.