Showing posts with label Fahad Ali. Show all posts
Showing posts with label Fahad Ali. Show all posts

Saturday, July 25, 2020

Fahad Ali Finding stories Translation

Name: Fahad Ali                      Batch: 2K20        Roll No : 2K20/MMC/18

Topic: Beat Reporting                                        Medium: Sindhi

Words in original text:  1241                            Words in translation: 1363

 

Beat Reporting -3 : Finding stories

 

Look in new places
Back to the future: Making meetings matter again
Tracking the news: Why a TV station needs a researcher
Getting up to speed: Help new hires learn where to look
Making the most of email: Set up a system that works
News from the outside in: Involve viewers
You Choose the News: Give viewers a say
Your Stories: Listen to viewers

 

 

انھن ماڻھن کي جلد سڃاڻو جيڪي خبر جي ڄاڻ رکندڙ ھجن

 

ماڻھن کي تيزيءَ سان ڳولھڻ واري قوت کي حقير نٿو سمجھي سگھجي. جڏھن ھڪ رپورٽر دروازي طرف ڊوڙي ٿو، اھو عمل محض مددگار ھئڻ کان وڌيڪ اھميت رکي ٿو. اڄڪلھ اھو ضروري به آھي..

اھو ته اڄڪلھ انٽرنيٽ تي ماڻھن لاءِ ڇا موجود آھي ۽ موثر طريقي سان ڳولھا جي سھولتن يا تحقيق سروسز جي ڳالھ ھجي، جن سان اوھانجو مقابلو ھجي، اھڙي سھولت باوجود رپورٽرز ٻاھر نڪري وڃن ٿا ته جيئن تازا ترين خبرون حاصل ڪري سگھن. رپورٽر جو اھو ڪم ھڪ محقق جي ڪم کان وڌيڪ اھم آھي..

اھو سچ پچ اھم آھي ته تازه ترين خبر جي سمورن ضروري پھلوئن کي رپورٽ ڪجي ۽ ڪجھ به رھجي نه وڃي.. مثال طور ايئن چئجي ته اسڪينر ذريعي ھڪ باھ لڳل عمارت جي ايڊريس جو اعلان ٿي رھيو ھجي. انتھائي گھٽ وقت ۾ اوھان پنھنجي پروگرام ۾ ننڍي وائيس اوور ذريعي نشر ڪري سگھو ٿا، جڏھن ته ھڪ محقق اڪثر ڪري پاڙيسرين جي ڪاروبار ۽ رھائش توڙي نالا ۽ نمبر حاصل ڪري سگھي ٿو، جيڪو بعد ۾ رپورٽر يا اسائنمينٽ ڊيسڪ کي منتقل ڪري سگھي ٿو. يا محقق واقعي واري ھنڌ جي ويجھو ماڻھن کي ڪجھ فون ڪالز به ڪري سگھي ٿو ۽ انھن جو موقف وٺي سگھي ٿو ته ڇا ٿي رھيو آھي. اڪثر ڪري، پاڙيسري اوھانکي لاڳاپيل عملدارن کان وڌيڪ بھتر نموني سان ٻڌائي سگھن ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن ايتري تائين اوھان کي وڌيڪ دُرست ڄاڻ ڏيئي سگھن ٿا، جيڪو اصل ۾ اتي ٿي رھيو آھي. مثال طور جيئن عمارت جي ٻئين دروازي کي به باھ لڳو وئي ھجي، باھ وسائيندڙ عملو اڄ ھتي ناھي پھتو يا ايتري تائين جو ڪا بھ شيءِ نه ٿي رھي آھي. باھ لڳي چڪي آھي. وقت ۽ ڪوشش جو سوچيو، جن کي بچائي سگھجي..

          

پسمنظر

ماڻھن کي تيزيءَ سان ڳولهڻ کانسواءِ، ھڪ سٺو محقق پسمنظر کي وڌيڪ بھتر نموني تلاشي سگھي ٿو. باھ لڳل عمارت طرف واپس ايندي، محقق جلدي تلاش ڪري سگھي ٿو ته عمارت ڪنھن جي آھي، ان ماڻھو يا انھن گھڻي ۾ اھا عمارت خريد ڪئي، اھا ڪڏھن جڙي راس ٿي ۽ پراڻا مالڪ ڪير ھئا، ڪرائيدار يا ڪاروبار ڪنھن جا ھئا، جيڪي انھيءَ عمارت ۾ موجود ھئا. اھي نتيجي تي پھچي سگھن ٿا ته عمارت ۾ ڪھڙا مسئلا ٿي سگھن پيا يا ماضيءَ ۾ ڇا ھو ۽ جيڪڏھن عمارت يا ان جو مالڪ اڳ ۾ خبرن ۾ ته نه رھيو ھو. انھيءَ جاچ کي اڳتي وڌائيندي، ھڪ محقق عمارت جي مالڪ جي ذاتي تفصيلن تي به نظر وجھي سگھي ٿو..

 

ھي يا ھيءَ اھو طئي ڪري سگھي ٿو، سگھي ٿي ته ڄاڻايل مالڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ته نه ھو يا ان جو ڪو ڏوھاري تاريخ ته نه آھي، ان يا انھن وٽ ٻي ڪھڙي ملڪيت آھي، ڇا ان يا انھن جي ڪنھن ملڪيت کي اڳ ۾ باھ لڳي آھي. ھاڻي انھيءَ معلومات کي ممڪن آھي ته جلديءَ ۾ نشر نه ڪيو وڃي پر ان خبر ۾ نيوز روم ۾ ماڻھن کي سامھون آڻي سگھجي ٿو ۽ انھن ماڻھن جو موقف اسٽوري ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو ۽ ان خبر جي پويان پوڻ لازمي به آھي ۽ اھڙي قسم جي معلومات يا ڄاڻ صرف انھيءَ باھ لڳل يا سڙندڙ عمارت سان مشروط ناھي پر گھڻن ئي موقعن سان مشروط ٿي سگھي ٿي، جنھن کي نيوز روم روزانو جي بنياد تي منھن ڏيندو رھي ٿو. خبر بابت محقق يا نيوز تحقيق ڪندڙ جو پراثر ڪردار اھو آھي ته منجھس اھا خاصيت ھجڻ گھرجي ته ھو فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ رپورٽرن کي لاڳاپيل خبر جو پسمنظر مھيا ڪن..

 

جيئن ته منھنجي باس مونکي صلاح ڏني آھي ته واپار بابت راز خبر ۾ نه ڏنا وڃن، مان اتي ئي خبر روڪيندس. پر مونکي يقين آھي ته اوھان اندازو ڪري سگھو ٿا ته اھو ماڻھو ڪيتري اھميت رکي ٿو جيڪو فيلڊ ۾ رپورٽر جي مدد ڪري ٿو ته اھي ماڻھو جيڪي ساڻس ڳالھائين ٿا اھي قابل اعتبار ذريعو آھن به يا نه يا ڏوھاري آھن..

 

تفصيل

حقيقتون مقصدن کان وڌيڪ بھتر آھن جڏھن اسٽوري جي مضبوطي جي ڳالھ ھجي، ھڪ پچ، ليڊ، ٽيگ يا ھڪ دليل. مينيجر نيوز اسٽوري جي خيال کي قبول نٿا ڪن، جڏھن اھو خيال ڪو سٺو ناھي پر ھڪ مناسب خيال يا خبريت جنھن کي حقيقتن تي مشتمل امدادي معلومات سان سمجھائي سگھجي. مبھم پر دلچسپ خبر کي ھٿ ڪرڻ ۾ وقت ٿو لڳي ۽ اھي جيڪي نيوز تحقيق ڪندڙ کي مستقبل بڻائين ٿا اھي ماڻھو طبيعت ۾ پرجوش ھوندا آھن. پيشي سان سچا ھوندا آھن، مبھم حقيقتن کي ڳولڻ لاءِ اھڙا ذريعا ھئڻ گھرجن، جيڪي خبر جي تصديق، ترديد يا اسٽوري يا دليل کي وڌيڪ موثر ڪرڻ ۾ مدد ڪن. رپورٽرن ۽ پروڊيوسرن ۾ ھڪ عظيم رشتو جڙي سگھي ٿو، جيڪو ڪافي عجيب قسم جو ٿي سگھي ٿو ۽ محقق يا ريسرچر جيڪي پاڻمرادو اڪثر ڪري ڄاڻ جي کاڻ رکندڙ ھجن ٿا. اھڙي قسم جي جوڙ يا رشتي جا مثال منھنجي ھر نوڪري ۾ ھر روز سامھون اچن ٿا..

 

ڪڏھن ڪڏھن رپورٽرن کي ھڪ ليڊ اسٽوري يا خيال ذھن ۾ ھوندو آھي، پر انھن کي وڌيڪ حقيقتن جي َرورت آھي ته جيئن ھو ان کي نيوز روم ۾ مينيجرن وٽ ان اسٽوري جي اھميت پيش ڪري کين متاثر ڪري سگھي. ھڪ تعليمي رپورٽر حقيقت ۾ گھرن ۾ قائم اسڪولن تي اسٽوري ڪرڻ چاھي ٿي، پر ھر دفعي ھوءَ ان تي ڪم ڪري ٿي وري ان کي پاسي تي رکي ٿي. تنھن ڪري تحقيق ڪندڙ جي حيثيت ۾ مان اھو ڏسندس ته مان ھن کان پنھنجي مارڪيٽ جي گھرن ۾ جاري اسڪولن جا نمبر ھٿ ڪندس، اھو ڏٺو ويندو ته انھن مان ڪيترا ڪاليج وڃن ٿا ۽ عام طور تي ھلندڙ اسڪولن جي سکيا جي طريقن سان گھرن ۾ ھلندڙ اسڪولن جا طريقا موافق آھن يا نه..

ھڪ دفعي مونکي ڄاڻ ملي وئي جيڪا ھن لڳڊي رپورٽر طرفان فائيل ڪئي وئي ته اسان گڏجي اسٽوري تي ڪم ڪري سگھون ٿا.

 

ٻڌل خبرن کي چيڪ ڪرڻ وارو عمل

 تقريبن خبرن بابت ھر گڏجاڻي ۾، جيڪڏھن ڪو جملي جي شروعات ھيئن ٿو ڪري ته، اھي چون ٿا ته مون ٻڌو يا خبر ٻڌي يا مان شرط لڳائيندس. پر اوھان اڪثر ڇا ٿا ڄاڻو ته اھو ڪيترو صحيح آھي؟ حقيقت اھا آھي ته تحقيق ۾ وقت لڳندو آھي ۽ رپورٽر توڙي پروڊيوسر اڪثر ڪري پنھنجي روزمرھ جي خبرن تي ڌيان ڏين ٿا.

وقت ڏيڻ سان ھر شيءِ جي تصديق ٿيندي آھي، ان خبر جي به جيڪا گھٽين ۾ ايندي ويندي ٻڌي ويندي آھي، اھڙي خبر انھن لاءِ صرف آپشن ناھي. انکي ئي تصديق ڪرڻ تحقيق ڪندڙ جو اصل ڪم آھي. تازو ھڪ ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر چيو ته مون ٻڌو ته ڪانگريس مين سوشل سيڪيورٽي جي مد ۾ ڪا به رقم جمع نٿو ڪريان. جيڪڏھن مون ويب تي چيڪ ڪيو ۽ اھا ڄاڻ حاصل ڪئي ته اھا افواھ اي ميل ذريعي پکيڙي وئي ھئي. ڪانگريس مين ته بلڪل سوشل سيڪيورٽي جي فارم جي مد ۾ رقم ڀرين ٿا. ھڪ پروڊيوسر اھو ڄاڻڻ پئي چاھيو ته بوب ڪيشن، اوھان ھن کي آسٽريليا جي ڪپتان طور بھتر نموني سڃاڻي سگھو ٿا، لي مارون سان گڏ ڪڏھن ورلڊ وار ٻه ۾ حصو وٺي سگھيو يا نه..

تحقيق ڪندڙ ٻڌائي ٿو ته اھو ڪوڙ آھي ۽ ھڪ افواھ به، جيڪو دي ٽونائيٽ شو ۾ مارون جي سامھون اچڻ سان شروع ٿيو. ھڪ رپورٽر اھو پڪ ڪرڻ پيو چاھي ته فلوريڊا رياست سائٽرس جي پيداوار ۾ پھرين نمبر تي آھي. اھو درست آھي. ھڪ حقيقت جنھن اسانجي اسٽوري ۾ مدد ڪئي. حقيقت ۾ انٽرنيٽ ھڪ وڏو ذريعو آھي، پر ويب تي اڪثر ڏنل معلومات ۾ غلطيون به ھونديون آھن. صحافين جي منترا اھا آھي ته جيڪڏھن اوھانجي والده چوي ٿي ته ھوءَ اوھان سان پيار ڪري ٿي، انکي به چيڪ ڪريو، جنھن کي ڪيترائي ڀيرا ورجائي نٿي سگھجي. ھڪ مڪمل محقق ھميشه ان لاءِ ميسر ھوندو آھي ته ھڪ اسٽور ڪلارڪ وانگر ھميشه ھر شيءِ کي چيڪ ڪجي. ان کانسواءِ، صحافت سچ پچ مزيدار ڪم آھي. مونکي چيو ويو ته آمريڪا ۾ ايلوس کي نقل ڪندڙن جي گھڻي اڪثريت ھوندي ته جيئن اسپونج باب اسڪوائر پينٽس قسط بابت خبر پئجي سگھي، اسپونج باب ھيملچ جي حڪمت عملي بابت سکيا ڏئي ٿو ته جيئن اسٽوري لاءِ ان ڳالھ جي خبر پئجي سگھي ته ايلوس کي نقل ڪندڙ ڪيتريون عورتون ان جھڙو لپ اسٽڪس استعمال ڪن ٿيون. جيڪڏھن نيوز روم محقق طور ۾ ڄاڻ جي کاڻ رکندڙ ماڻھو ڀرتي ڪيو ويو ته مان صحيح جاءِ تي ھوندس يا مونکي مقرر ڪيو ويندو.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Institute of Media & Communication Studies, University of Sindh, Jamshoro, Sindh Pakistan

#Fahad Janwari,  #Fahad AliJanwari  

Tuesday, March 10, 2020

Fahad Ali Janwari- Feature- Sindhi - MA 18


Feature-Fahad Ali Janwari- 2K20-MMC -18 (Medium Sindhi)
                                                                                                                              
فيچر
“ المنظر“ ڄامشوري جي اوج ۽ زوال جو قصو!

هي ان زماني جي ڳالھ آهي جڏهن ڄامشوري جي هوٽلن جي ڪڙاهي سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي، تڏهن 
يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد هر روز پيرين پنڌ اچي ڄامشوري ڦاٽڪ تي هوٽلن تي ڪڙاهين جا آرڊر ڏيندا هئا،
ان ئي زماني ۾ اڃان ڪراچي واري سپر هاء وي تي حيدرآباد لاء باء پاس ڪون جڙيو هيو، سڄي ملڪ لاء ويندڙ سڄي ٽرانسپورٽ ڄامشوري ڦاٽڪ وٽان گذري سنڌو تي اڏيل غلام محمد بيراج واري پل مٿان گذرندي هئي..
پل تان گذرندڙ بس جي دريء مان ٻاهر سنڌو نديء جو منظر ڏسبو هيو ته دل باغ بهار ٿي پوندي هئي. اهڙن من موهيندڙ  منظرن کي المنظر جا منظر ويتر  دلڪش بڻائي ڇڏيندا هئا.
(المنظر وٽان سنڌو جي منظرجو فوٽو)
المنظر دراصل سنڌو نديء تي ڄامشوري وٽ جڙيل غلام محمد بيراج  ڀرسان هڪ ريسٽورنٽ جو نالو آهي، اها ريسٽورينٽ درياه جي ڪپ تي هجڻ ڪري هڪ خوبصورت تفريح گاھ پڻ بڻيل آهي المنظر وٽ سرسبز پارڪ، سنڌوء جو ڪنارو، درياءُ جا دلڪش نظارا سياحن کي هر وقت پاڻ ڏانهن ڇڪيندا رهن ٿا، درياءُ سان گڏ ڪي بي فيڊر واه جو خوبصورت نظارو پڻ من کي موھي وجھي ٿو..
المنظر وٽان سنڌو جي ڪپ توڙي ڪراچي واھ ۾ بيٺل ملاحن جون ٻيڙيون ۽ تڙڳندڙ ٻار هن تفريحي پوائنٽ جي حسن ۾ اضافو ڪري ڇڏين ٿا..
ڪنارن تي ڪنڍين سان مڇيون ماريندڙ شڪاري پڻ هتي جي فطري حسن ۾ گم ٿي ويندا آهن.  هونئن ته سنڌو درياھ پڻ هن سونهن سبب سڄي دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو پر المنظر وٽان سنڌو نديء جو نظارو اهڙو ته پيارو هوندو آهي جو اهو نظارو ڏسڻ لاء درياه جا ڪيئي ديوانا پري پري کان ڇڪجي اچن ٿا.
نم ۽ ٽالهي جي وڏن وڻن ۽ پل جي دل لڀائيندڙ منظرن سان گڏ هتي ايندڙ سياحن کي هڪ ٻي ڳالھ به پاڻ کي المنظرڏانهن خود ساختا طور ڇڪي اچي ٿي.
جي ها! المنظر جو پلو ڏيهان ڏيھ مشهور آهي، جنهن کي کائڻ لاء پري پري جا ماڻهو المنظر تي ڇڪجي اچن ٿا.
(پلي ترڻ وارو فوٽو)
هتي جا مقامي ملاح پلي ترڻ جا ماهر ڪاريگر آهن، هتي اچي سنڌو جي ڪپ تي تريل پلو کائڻ جو ته مزو ئي پنهجو آهي پر اگر من اندر جو ڪو ساٿي يا ھمفسر ساڻ ھجي ته رومانوي مزو پڻ اچي ٿو شايد اھيو سبب آھي جو اڪثر ماڻهو هتان ٺهيل پلو پيڪ ڪرائي کڻي به ويندا آهن.
پرھاڻي  رمانوي نظارن واري المنظر کي اوچتو الائي ڪهڙي نظر لڳي وئي.
 ڄامشوري جي سنڌو ڪناري تي ساھ ۾ سانڍڻ جهڙي ننڍڙي پر خوبصورت ماڳ المنظر کي رومانوي ماڳ طور ليکيو وڃي ٿو، جتي ڪيترن ئي دلين جو ميلاپ ٿئي ٿو، جتي جي وڻن جي ٿڙن تي وڇوڙن جا ورلاپ به لکيل آهن.
جڏهن  به سنڌ يونيورسٽي ۽ ڄامشوري جو ذڪر ٿئي ۽ تڏهن المنظر جي نظارن جي ڳالهه نه ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي، پر هاڻي محبتن جي هن ماڳ کي لڳي ٿو ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. ايئن لڳي ٿو پيار تي هاڻ پابنديون لڳي ويون آهن ان ڪري هاڻ هتي ايندڙ ويندڙ جوڙا فقط وڇوڙن جا گيت ڳائين ٿا.
سنڌو جي ڪناري تي قائم هي هوٽل  1960ع  ڌاري تعمير ٿي، 1980ع کان وٺي هن هوٽل کي خدا بخش ميرجت نالي هڪ همراه سنڀاليندو اچي ٿو..
هونئن ته سنڌ جي مختلف شهرن جا ماڻهو هن ماڳ تي گهمڻ لاءِ اڃان به ايندا آهن پر اڳ وارو اوج هاڻ باقي ناهي بچيو.
ڪڏهن ته هي ماڳ ڪنهن ميلي جو ڏيک ڏيندو هو ۽ ڪيترائي جوڙا هن ماڳ تي محبتن جو وچن ورجائيندي سنڌو کي ساکي بڻائي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا وچن ورجائيندا هئا، پر هاڻ جڏهن هي ماڳ ويرانين جي ور چڙهي ويو آهي تڏهن هن ماڳ تي تمام ٿورا ماڻهون اچن ٿا.
 پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻ ”پلو“ به اڻلڀ بڻجي ويو آهي، ڪو وقت اهڙو به هو جو ملاح ”پلو“ مڇي ماريندا هئا ۽ پوءِ هتان جو ”پلو“ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو، پر هاڻ جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ سنڌو درياهه کي ئي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي تڏهن پلو به تمام گهٽ ملي ٿو.
المنظر ته اهڙو خوبصورت ماڳ آهي جنهن سان ماڻهن جون انيڪ يادون لاڳاپيل آهن، جن کي شايد ڪنهن ماڻهون جو من وساري سگهي.
هن ماڳ جي ڀرسان ڳوٺ سائينڏنو ملاح پڻ آهي، جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ملاحن جا گهر آهن، اهي ملاح مڇي ماري پيٽ گُذر ڪندا آهن، جڏهن ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب ملاحن جو جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪيترن ملاحن ته  متبادل روزگار به ڳولي ورتو آهي، پر اڪثر ملاح اڄ به مڇي ماري پيٽ پالين ٿا. هتي جا ڪيترائي ملاح سنڌو درياهه ۾ ٻڏي ويندڙ ماڻهن جي لاشن جي ڳولا به ڪن ٿا، پر حڪومت انهن جي ڪابه واهر نٿي ڪري. هن ماڳ وٽ سال ۾ تقريبن 50 کان مٿي ماڻهون سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿين ٿا، جن مان اڪثريت نوجوانن جي هوندي آهي، ڪجهه ماڻهو محبت ۾ ناڪامي يا وري زندگيءَ کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندا آهن. هتي موجود ملاح خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ۽ ترڻ دوران ٻُڏي ويندڙ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌو درياهه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ٽِپو ڏئي خودڪشي ڪئي، جڏهن ته شهيد عرفان مهدي ۽ خوبصورت شاعر ماٺيڻو اوٺو به پنهنجو پاڻ کي سنڌو درياهه حوالي ڪري پاڻ ارپي ڇڏيو هو.

(عرفان مهدي جو فوٽو)

اهو ئي نه پر سنڌ يونيورسٽي جو بنياد رکندڙ علامه آء آء قاضي پڻ پاڻ کي المنظر وٽان ئي سنڌو جي حوالي ڪيو هيو.
 هاڻ ته نه سنڌو درياءُ جو اهو اڳيون اوج رهيو آهي نه ئي سيياه جون ساڳيون ڇوليون رهيون آهن نه وري ڇولين جو شور ٻڌجي ٿو.ھن وقت جتي خوبصورت جاين کي اجاڙيو اُتي هي ماڳ به ويرانين جي ور چڙهي ويو آهي. هوٽل مالڪ خدا بخش ميرجت يادگيرين جا ورق ورائيندي ٻڌايو ته ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن هي علائقو مڪمل آباد هوندو هو، پر هاڻ درياءُ جي اجڙڻ جي ڪري هتي ماڻهو تمام گهٽ اچن ٿا، پر تنهن هوندي به جڏهن برساتن جي رم جھم ٿئي ت ماڻھون ھتان جو رخ ڪن ٿا ۽ ڏينهن جي وقت ماڻهو هن ماڳ تي گهمڻ ايندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ھن ماڳ کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪي اُپاءَ ورتا وڃن ته هي ماڳ ٻيهر آباد ٿي سگهي ٿو ٻئي صورت ۾ ھي خوبصورت ماڳ اڃان ب ويران رهندو.
ڄامشوري مان سنڌو دريا جو سڪل پيٽ ڏسي انسان ڏکارو ٿي ٿو وڃي،
 هي اهو ئي درياءُ آهي جنهن جي مٿان اڏين پم تان گاڏيء ۾ گذرندي مهل ماڻهو درياھ جي  دهشت ڏسي اکيون بند ڪري دعائون گهرڻ لڳندا هئا ته جلدي دريا بادشاھ جي پل ڪراس ٿئي ته جان بچي، جڏهن پل ڪراس ٿي ويندي هئي ته مائٽ ٻارن کي زوري اکيون کولرائي چوندا هئا پٽ دريا ڪراس ٿي وياسين.
 اڄ جڏهن اسان جي ميڍيا به ڪافي شعور آندو آهي ۽  سنڌ ۾ ايترو شعور پيدا ٿيل آهي جو هزارين سال پراڻي قديم تهذيب جي اهڃاڻ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ واري ڏينهن تي ڪراچي کان ڪشمور تائين همبوشا هڻي سونھن جي مالها ۾ سڄي قوم پوئجي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪندي فخر محسوس ڪري رهي آهي ته ان وقت اسان آڏو اهو سوال ڪر کڻي بيٺل آهي ته اهو ڪهڙو فخر آهي جو اسان جو جياپو، اسان جي ساھ جو ذريعو سنڌو درياھ سڪي ويو آهي، سندس خالي پيٽ ۾ قبضا خور فصل پيا پوکين.

(درياھ جي پيٽ ۾ فصلن جا فوٽو)

مونکي 1996ع ۾ مرتضي ڀٽو جي شهادت واري خبر کانپوء تقريبن زندگي جا تمام لمحا ياد آھي ان کان پهريان وارو زمانو ياد نه اٿم شايد تڏھن جو سمجھ جو معيار گهٽ هيو..
مونکي اڪثر بابا واندڪائي ۾  تفريح لاء المنظر ۽ راڻي باغ وٺي ايندو هو
اها 1999ع جي ڳالھ آھي جڏهن مان بابا سان گڏ المنظر تي گهمي رهيو هيس تڏهن مون هڪ خوبصورت جوڙي کي ڏٺو جنهن جي هنج ۾ هڪ ٻار ورتل هيو تڏهن مان به بابا کي بي حجاب ٿي چيو ته بابا مان به شادي ڪندم ته اسان به هڪ ٻار پيدا ڪنداسين
منهنجي معصوماڻي انداز سان ان ڳالھ تي بابا ايترو کليو هو جو بابا جا اهي ٺھڪ اڄ به ذهن ۾ گونجندا آھن ساڳي ڳالھ جڏهن گهر ۾ امان سان ڪئي ته امان جو بي انتھا مُرڪڻ به ياد اٿم ان ڳالھ کي وٺي گهرڀاتي ۾ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن تنگ ڪندا آھن، اها الڳ ڳالھ آھي ته مان اڄ به شادي نه ڪري سگهيو آھيان..
خير ساڳي ئي سال جڏهن آمر پرويز مشرف ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ جي گدي تي قابض ٿيو ت انهن ڏهاڙن کان جهڙو سنڌو جي تباهي شروع ٿي چُڪي هئي 2002ع ۾ سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو ويو ۽ مون پنهنجي ٻالڪپڻي واري زندگي ۾ سنڌوء جي پيٽ ۾ گاھ ڦٽندي ڪان ڏٺو، پر بابا به  مونکي ٻڌائيندو ھيو ته مان جڏهن کان هتي اچان پيو ت ڪڏهن سنڌو جي پيٽ گاھ نه ڏٺو آھي

ڪنهن دور ۾ ڄامشوري کان هيٺ لکين ملاح درياه جي پاڻي تي مڇي پلو ماري ۽  آبادي ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا، پر اڄ ان ساڳئي ديس جا هي ديس واسي بک بدحالي ۽ بيوسي جي حالت ۾ زندگي گذارين پيا جنهن مان اسان جي شعور جي بيوسي ظاهر ٿي رهي آهي.

اها سال 2006 جي  ڳالھ آهي جڏهن هند جي تمام وڏي سنڌ ڄائي اديب هري موٽواڻي سنڌ ياترا ڪرڻ لاء هتي پهتو هئو ته درياھ جو سڪل پيٽ ڏسي هو پنهنجي وفد  کان پرڀرو ٿي ڄامشورو المنظر پل تي لهي  درياھ جي پيٽ ۾ اڪيلو ويهي ڏاڍو رنو هئو، پوءِ  اديبن جي وڏي تعداد جي اڳيان هري موٽواڻي روئي چيو هئو ته  اڙي يار، درياه دادلي جي هي حالت اوهان ڪيئن پيا برداش ڪريو، اسان سنڌين لاء تي هي ديياھ گنگا کان بي وڌيڪ پاڪ ۽ پوتر آهي، خدارا درياءُ کي بچايو ڇوته ديياھ ئي سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي.
ان وقت هن درياھ جي پيٽ ۾ جهولي جهلي سندس "جل پوڄا" ڪئي ۽ چيائين ته"
اي سنڌو بادشاھ،
اي سنڌو درياءُ،
تو تان پنهنجي جان گهوريان،
اي سنڌو درياھ،
اي  سنڌو بادشاھ،
تون ئي اسان جي ساھ جو سبب آهين،
تون ئي اسان جي جسم ۾ امرت ڌارا اوتيندڙ آهين“."
هري موٽواڻي جي انهن ٻولن اتي بيٺلن جي جيء کي جهوري وڌو هئو.
ان وقت هري موٽواڻي المنظر تي موجود اديبن آڏو اها وصيت ڪئي ۽ چيو ته جيڪر مان هندستان ۾ مري وڃان ته منهنجون هڏيون ۽ رک سنڌو درياء ڪوٽڙي کان هيٽ پروان ڪجو، اگر سنڌو موج ۾ هوندو ت منهنجي  روح کي تسڪين ملندي. ۽ پوء  آخر ٿيو به ائين ئي ته هري موٽواڻي جڏهن ديهانت ڪري ويو ته سندس هڏڙيون ۽ رک ڪوٽڙي کان هيٺ شو جي مندر وٽان سنڌو ۾ پروان ڪيون ويون، شو جي مندر ئي سندس آخري رسمون به ادا ڪيون ويون.
هري موٽواڻي جي روح کي ته ضرور شانتي ملي هوندي پر اڄ ڄامشوري کان هيٺ درياھ جي پيٽ ۾ قبضي خورهر هلائي زمين جي پوکي ڪري رهيا آهن.
هي درياھ جنهن جي پيٽ مان هزارين پلا سمنڍ کان بيزاري اختيار ڪري سنڌو درياھ جي پاڪ پوتر پاڻي جا عاشق بڻجي اسان جي ملاۡحن کي خوشحال ۽ آباد ڪندا هئا پر افسوس ته اڄ نه ساڳيو پلو آهي نه ساڳيو پاڻي آهي.
درياھ دادلي جي پيٽ مان ٿر جي ڀٽن جيان دانهن ڪندي واري اڏامي رهي آهي جيڪا اسانجي شعور کي لڄائي پئي ۽ شاهدي ڏي ٿي ته سنڌ جا هي ديس واسي بيوس آهن. جيتوڻيڪ ٿر جي واريء ٿر جي ڀٽن کي ڀڙڀانگ به ڪيو آهي پر ساڳئي وقت ساڳي واري ٿر جي سونھن ۽ سوڀيا جي علامت به آهي پر سڪل سنڌو درياه جي اها واري اسان کي روئي ٻڌائي پئي تي مون کي اوهان جي سنڌو درياء جي پاڻي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي کان هيٽ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته المنظر جهڙا نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا منظر ويران ٿي ويندا.
المنظر جون رونقون به سنڌو درياھ جي آباد هجڻ سان آهي، سنڌو جو وهڪرو جارص هوندو ته المنظر تي به رونقون وري موٽي اينديون، ان ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته انظر جي هن خوبصورت ماڳ کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا وڃن ته جيئن ماڻهو هن ماڳ تي پهچي گهڙي لاءِ سُڪون حاصل ڪن ۽ هن اُجڙيل ماڳ جون سموريون رونقون واپس موٽي اچن.