Showing posts with label 18. Show all posts
Showing posts with label 18. Show all posts

Tuesday, March 10, 2020

Fahad Ali Janwari- Feature- Sindhi - MA 18

Feature-Fahad Ali Janwari- 2K20-MMC -18 (Medium Sindhi)
                                                                                                                              
فيچر
“ المنظر“ ڄامشوري جي اوج ۽ زوال جو قصو!

هي ان زماني جي ڳالھ آهي جڏهن ڄامشوري جي هوٽلن جي ڪڙاهي سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي، تڏهن 
يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد هر روز پيرين پنڌ اچي ڄامشوري ڦاٽڪ تي هوٽلن تي ڪڙاهين جا آرڊر ڏيندا هئا،
ان ئي زماني ۾ اڃان ڪراچي واري سپر هاء وي تي حيدرآباد لاء باء پاس ڪون جڙيو هيو، سڄي ملڪ لاء ويندڙ سڄي ٽرانسپورٽ ڄامشوري ڦاٽڪ وٽان گذري سنڌو تي اڏيل غلام محمد بيراج واري پل مٿان گذرندي هئي..
پل تان گذرندڙ بس جي دريء مان ٻاهر سنڌو نديء جو منظر ڏسبو هيو ته دل باغ بهار ٿي پوندي هئي. اهڙن من موهيندڙ  منظرن کي المنظر جا منظر ويتر  دلڪش بڻائي ڇڏيندا هئا.
(المنظر وٽان سنڌو جي منظرجو فوٽو)
المنظر دراصل سنڌو نديء تي ڄامشوري وٽ جڙيل غلام محمد بيراج  ڀرسان هڪ ريسٽورنٽ جو نالو آهي، اها ريسٽورينٽ درياه جي ڪپ تي هجڻ ڪري هڪ خوبصورت تفريح گاھ پڻ بڻيل آهي المنظر وٽ سرسبز پارڪ، سنڌوء جو ڪنارو، درياءُ جا دلڪش نظارا سياحن کي هر وقت پاڻ ڏانهن ڇڪيندا رهن ٿا، درياءُ سان گڏ ڪي بي فيڊر واه جو خوبصورت نظارو پڻ من کي موھي وجھي ٿو..
المنظر وٽان سنڌو جي ڪپ توڙي ڪراچي واھ ۾ بيٺل ملاحن جون ٻيڙيون ۽ تڙڳندڙ ٻار هن تفريحي پوائنٽ جي حسن ۾ اضافو ڪري ڇڏين ٿا..
ڪنارن تي ڪنڍين سان مڇيون ماريندڙ شڪاري پڻ هتي جي فطري حسن ۾ گم ٿي ويندا آهن.  هونئن ته سنڌو درياھ پڻ هن سونهن سبب سڄي دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو پر المنظر وٽان سنڌو نديء جو نظارو اهڙو ته پيارو هوندو آهي جو اهو نظارو ڏسڻ لاء درياه جا ڪيئي ديوانا پري پري کان ڇڪجي اچن ٿا.
نم ۽ ٽالهي جي وڏن وڻن ۽ پل جي دل لڀائيندڙ منظرن سان گڏ هتي ايندڙ سياحن کي هڪ ٻي ڳالھ به پاڻ کي المنظرڏانهن خود ساختا طور ڇڪي اچي ٿي.
جي ها! المنظر جو پلو ڏيهان ڏيھ مشهور آهي، جنهن کي کائڻ لاء پري پري جا ماڻهو المنظر تي ڇڪجي اچن ٿا.
(پلي ترڻ وارو فوٽو)
هتي جا مقامي ملاح پلي ترڻ جا ماهر ڪاريگر آهن، هتي اچي سنڌو جي ڪپ تي تريل پلو کائڻ جو ته مزو ئي پنهجو آهي پر اگر من اندر جو ڪو ساٿي يا ھمفسر ساڻ ھجي ته رومانوي مزو پڻ اچي ٿو شايد اھيو سبب آھي جو اڪثر ماڻهو هتان ٺهيل پلو پيڪ ڪرائي کڻي به ويندا آهن.
پرھاڻي  رمانوي نظارن واري المنظر کي اوچتو الائي ڪهڙي نظر لڳي وئي.
 ڄامشوري جي سنڌو ڪناري تي ساھ ۾ سانڍڻ جهڙي ننڍڙي پر خوبصورت ماڳ المنظر کي رومانوي ماڳ طور ليکيو وڃي ٿو، جتي ڪيترن ئي دلين جو ميلاپ ٿئي ٿو، جتي جي وڻن جي ٿڙن تي وڇوڙن جا ورلاپ به لکيل آهن.
جڏهن  به سنڌ يونيورسٽي ۽ ڄامشوري جو ذڪر ٿئي ۽ تڏهن المنظر جي نظارن جي ڳالهه نه ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي، پر هاڻي محبتن جي هن ماڳ کي لڳي ٿو ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. ايئن لڳي ٿو پيار تي هاڻ پابنديون لڳي ويون آهن ان ڪري هاڻ هتي ايندڙ ويندڙ جوڙا فقط وڇوڙن جا گيت ڳائين ٿا.
سنڌو جي ڪناري تي قائم هي هوٽل  1960ع  ڌاري تعمير ٿي، 1980ع کان وٺي هن هوٽل کي خدا بخش ميرجت نالي هڪ همراه سنڀاليندو اچي ٿو..
هونئن ته سنڌ جي مختلف شهرن جا ماڻهو هن ماڳ تي گهمڻ لاءِ اڃان به ايندا آهن پر اڳ وارو اوج هاڻ باقي ناهي بچيو.
ڪڏهن ته هي ماڳ ڪنهن ميلي جو ڏيک ڏيندو هو ۽ ڪيترائي جوڙا هن ماڳ تي محبتن جو وچن ورجائيندي سنڌو کي ساکي بڻائي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا وچن ورجائيندا هئا، پر هاڻ جڏهن هي ماڳ ويرانين جي ور چڙهي ويو آهي تڏهن هن ماڳ تي تمام ٿورا ماڻهون اچن ٿا.
 پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻ ”پلو“ به اڻلڀ بڻجي ويو آهي، ڪو وقت اهڙو به هو جو ملاح ”پلو“ مڇي ماريندا هئا ۽ پوءِ هتان جو ”پلو“ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو، پر هاڻ جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ سنڌو درياهه کي ئي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي تڏهن پلو به تمام گهٽ ملي ٿو.
المنظر ته اهڙو خوبصورت ماڳ آهي جنهن سان ماڻهن جون انيڪ يادون لاڳاپيل آهن، جن کي شايد ڪنهن ماڻهون جو من وساري سگهي.
هن ماڳ جي ڀرسان ڳوٺ سائينڏنو ملاح پڻ آهي، جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ملاحن جا گهر آهن، اهي ملاح مڇي ماري پيٽ گُذر ڪندا آهن، جڏهن ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب ملاحن جو جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪيترن ملاحن ته  متبادل روزگار به ڳولي ورتو آهي، پر اڪثر ملاح اڄ به مڇي ماري پيٽ پالين ٿا. هتي جا ڪيترائي ملاح سنڌو درياهه ۾ ٻڏي ويندڙ ماڻهن جي لاشن جي ڳولا به ڪن ٿا، پر حڪومت انهن جي ڪابه واهر نٿي ڪري. هن ماڳ وٽ سال ۾ تقريبن 50 کان مٿي ماڻهون سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿين ٿا، جن مان اڪثريت نوجوانن جي هوندي آهي، ڪجهه ماڻهو محبت ۾ ناڪامي يا وري زندگيءَ کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندا آهن. هتي موجود ملاح خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ۽ ترڻ دوران ٻُڏي ويندڙ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌو درياهه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ٽِپو ڏئي خودڪشي ڪئي، جڏهن ته شهيد عرفان مهدي ۽ خوبصورت شاعر ماٺيڻو اوٺو به پنهنجو پاڻ کي سنڌو درياهه حوالي ڪري پاڻ ارپي ڇڏيو هو.

(عرفان مهدي جو فوٽو)

اهو ئي نه پر سنڌ يونيورسٽي جو بنياد رکندڙ علامه آء آء قاضي پڻ پاڻ کي المنظر وٽان ئي سنڌو جي حوالي ڪيو هيو.
 هاڻ ته نه سنڌو درياءُ جو اهو اڳيون اوج رهيو آهي نه ئي سيياه جون ساڳيون ڇوليون رهيون آهن نه وري ڇولين جو شور ٻڌجي ٿو.ھن وقت جتي خوبصورت جاين کي اجاڙيو اُتي هي ماڳ به ويرانين جي ور چڙهي ويو آهي. هوٽل مالڪ خدا بخش ميرجت يادگيرين جا ورق ورائيندي ٻڌايو ته ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن هي علائقو مڪمل آباد هوندو هو، پر هاڻ درياءُ جي اجڙڻ جي ڪري هتي ماڻهو تمام گهٽ اچن ٿا، پر تنهن هوندي به جڏهن برساتن جي رم جھم ٿئي ت ماڻھون ھتان جو رخ ڪن ٿا ۽ ڏينهن جي وقت ماڻهو هن ماڳ تي گهمڻ ايندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ھن ماڳ کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪي اُپاءَ ورتا وڃن ته هي ماڳ ٻيهر آباد ٿي سگهي ٿو ٻئي صورت ۾ ھي خوبصورت ماڳ اڃان ب ويران رهندو.
ڄامشوري مان سنڌو دريا جو سڪل پيٽ ڏسي انسان ڏکارو ٿي ٿو وڃي،
 هي اهو ئي درياءُ آهي جنهن جي مٿان اڏين پم تان گاڏيء ۾ گذرندي مهل ماڻهو درياھ جي  دهشت ڏسي اکيون بند ڪري دعائون گهرڻ لڳندا هئا ته جلدي دريا بادشاھ جي پل ڪراس ٿئي ته جان بچي، جڏهن پل ڪراس ٿي ويندي هئي ته مائٽ ٻارن کي زوري اکيون کولرائي چوندا هئا پٽ دريا ڪراس ٿي وياسين.
 اڄ جڏهن اسان جي ميڍيا به ڪافي شعور آندو آهي ۽  سنڌ ۾ ايترو شعور پيدا ٿيل آهي جو هزارين سال پراڻي قديم تهذيب جي اهڃاڻ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ واري ڏينهن تي ڪراچي کان ڪشمور تائين همبوشا هڻي سونھن جي مالها ۾ سڄي قوم پوئجي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪندي فخر محسوس ڪري رهي آهي ته ان وقت اسان آڏو اهو سوال ڪر کڻي بيٺل آهي ته اهو ڪهڙو فخر آهي جو اسان جو جياپو، اسان جي ساھ جو ذريعو سنڌو درياھ سڪي ويو آهي، سندس خالي پيٽ ۾ قبضا خور فصل پيا پوکين.

(درياھ جي پيٽ ۾ فصلن جا فوٽو)

مونکي 1996ع ۾ مرتضي ڀٽو جي شهادت واري خبر کانپوء تقريبن زندگي جا تمام لمحا ياد آھي ان کان پهريان وارو زمانو ياد نه اٿم شايد تڏھن جو سمجھ جو معيار گهٽ هيو..
مونکي اڪثر بابا واندڪائي ۾  تفريح لاء المنظر ۽ راڻي باغ وٺي ايندو هو
اها 1999ع جي ڳالھ آھي جڏهن مان بابا سان گڏ المنظر تي گهمي رهيو هيس تڏهن مون هڪ خوبصورت جوڙي کي ڏٺو جنهن جي هنج ۾ هڪ ٻار ورتل هيو تڏهن مان به بابا کي بي حجاب ٿي چيو ته بابا مان به شادي ڪندم ته اسان به هڪ ٻار پيدا ڪنداسين
منهنجي معصوماڻي انداز سان ان ڳالھ تي بابا ايترو کليو هو جو بابا جا اهي ٺھڪ اڄ به ذهن ۾ گونجندا آھن ساڳي ڳالھ جڏهن گهر ۾ امان سان ڪئي ته امان جو بي انتھا مُرڪڻ به ياد اٿم ان ڳالھ کي وٺي گهرڀاتي ۾ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن تنگ ڪندا آھن، اها الڳ ڳالھ آھي ته مان اڄ به شادي نه ڪري سگهيو آھيان..
خير ساڳي ئي سال جڏهن آمر پرويز مشرف ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ جي گدي تي قابض ٿيو ت انهن ڏهاڙن کان جهڙو سنڌو جي تباهي شروع ٿي چُڪي هئي 2002ع ۾ سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو ويو ۽ مون پنهنجي ٻالڪپڻي واري زندگي ۾ سنڌوء جي پيٽ ۾ گاھ ڦٽندي ڪان ڏٺو، پر بابا به  مونکي ٻڌائيندو ھيو ته مان جڏهن کان هتي اچان پيو ت ڪڏهن سنڌو جي پيٽ گاھ نه ڏٺو آھي

ڪنهن دور ۾ ڄامشوري کان هيٺ لکين ملاح درياه جي پاڻي تي مڇي پلو ماري ۽  آبادي ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا، پر اڄ ان ساڳئي ديس جا هي ديس واسي بک بدحالي ۽ بيوسي جي حالت ۾ زندگي گذارين پيا جنهن مان اسان جي شعور جي بيوسي ظاهر ٿي رهي آهي.

اها سال 2006 جي  ڳالھ آهي جڏهن هند جي تمام وڏي سنڌ ڄائي اديب هري موٽواڻي سنڌ ياترا ڪرڻ لاء هتي پهتو هئو ته درياھ جو سڪل پيٽ ڏسي هو پنهنجي وفد  کان پرڀرو ٿي ڄامشورو المنظر پل تي لهي  درياھ جي پيٽ ۾ اڪيلو ويهي ڏاڍو رنو هئو، پوءِ  اديبن جي وڏي تعداد جي اڳيان هري موٽواڻي روئي چيو هئو ته  اڙي يار، درياه دادلي جي هي حالت اوهان ڪيئن پيا برداش ڪريو، اسان سنڌين لاء تي هي ديياھ گنگا کان بي وڌيڪ پاڪ ۽ پوتر آهي، خدارا درياءُ کي بچايو ڇوته ديياھ ئي سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي.
ان وقت هن درياھ جي پيٽ ۾ جهولي جهلي سندس "جل پوڄا" ڪئي ۽ چيائين ته"
اي سنڌو بادشاھ،
اي سنڌو درياءُ،
تو تان پنهنجي جان گهوريان،
اي سنڌو درياھ،
اي  سنڌو بادشاھ،
تون ئي اسان جي ساھ جو سبب آهين،
تون ئي اسان جي جسم ۾ امرت ڌارا اوتيندڙ آهين“."
هري موٽواڻي جي انهن ٻولن اتي بيٺلن جي جيء کي جهوري وڌو هئو.
ان وقت هري موٽواڻي المنظر تي موجود اديبن آڏو اها وصيت ڪئي ۽ چيو ته جيڪر مان هندستان ۾ مري وڃان ته منهنجون هڏيون ۽ رک سنڌو درياء ڪوٽڙي کان هيٽ پروان ڪجو، اگر سنڌو موج ۾ هوندو ت منهنجي  روح کي تسڪين ملندي. ۽ پوء  آخر ٿيو به ائين ئي ته هري موٽواڻي جڏهن ديهانت ڪري ويو ته سندس هڏڙيون ۽ رک ڪوٽڙي کان هيٺ شو جي مندر وٽان سنڌو ۾ پروان ڪيون ويون، شو جي مندر ئي سندس آخري رسمون به ادا ڪيون ويون.
هري موٽواڻي جي روح کي ته ضرور شانتي ملي هوندي پر اڄ ڄامشوري کان هيٺ درياھ جي پيٽ ۾ قبضي خورهر هلائي زمين جي پوکي ڪري رهيا آهن.
هي درياھ جنهن جي پيٽ مان هزارين پلا سمنڍ کان بيزاري اختيار ڪري سنڌو درياھ جي پاڪ پوتر پاڻي جا عاشق بڻجي اسان جي ملاۡحن کي خوشحال ۽ آباد ڪندا هئا پر افسوس ته اڄ نه ساڳيو پلو آهي نه ساڳيو پاڻي آهي.
درياھ دادلي جي پيٽ مان ٿر جي ڀٽن جيان دانهن ڪندي واري اڏامي رهي آهي جيڪا اسانجي شعور کي لڄائي پئي ۽ شاهدي ڏي ٿي ته سنڌ جا هي ديس واسي بيوس آهن. جيتوڻيڪ ٿر جي واريء ٿر جي ڀٽن کي ڀڙڀانگ به ڪيو آهي پر ساڳئي وقت ساڳي واري ٿر جي سونھن ۽ سوڀيا جي علامت به آهي پر سڪل سنڌو درياه جي اها واري اسان کي روئي ٻڌائي پئي تي مون کي اوهان جي سنڌو درياء جي پاڻي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي کان هيٽ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته المنظر جهڙا نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا منظر ويران ٿي ويندا.
المنظر جون رونقون به سنڌو درياھ جي آباد هجڻ سان آهي، سنڌو جو وهڪرو جارص هوندو ته المنظر تي به رونقون وري موٽي اينديون، ان ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته انظر جي هن خوبصورت ماڳ کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا وڃن ته جيئن ماڻهو هن ماڳ تي پهچي گهڙي لاءِ سُڪون حاصل ڪن ۽ هن اُجڙيل ماڳ جون سموريون رونقون واپس موٽي اچن.

Sunday, February 16, 2020

Fahad Ali Janwari Article, Sindhi

Name: Fahad Ali Janwari
Roll No: 2K20/MMC/18
MA Previous

دهل, شرنائي
دنيا اندر تيزي سان وڌنڌڙ جديد ٽيڪنالاجي جتي سهولتن جو ڪارڻ آھن اُتي روايتي, خانداني ۽ ثقافتي لاڙا پڻ خطري ۾ پئجي چُڪا آھن.
جديد ٽيڪنالاجي جي آمد جتي زندگي جو سفر آسان ڪيو آهي ته خطري ۽ نقصان ۾ وڌاءُ ٿي ويو آھي,   سنڌ جي ثقافتي ۽ روايتي ورثي ۾ شامل ٿيندڙ دهل ۽ شرنائي جو  وجود پڻ جديد ٽيڪنالاجي جي ڪارڻ ختم ٿيڻ لڳو آهي, سنڌ جي شهرن سميت ٻهراڙين ۾ وڏي جوش سان زندگي جون خوشين ۾ دهل ۽ شرناهي وڄائي رنگ ڀرندڙ مڱڻهار فقيرن کي اڳي ماڻهو هفتن جا هفتا اڳ ولار ڪرائي پنهنجي زندگي جي مختلف خوشي وارن پروگرامن شادين, مڱڻين, رسم طهر سنت, مهمانن جي آجيان سميت جلسن جلوسن ۾ گهرائي خوشين کي ٻيڻو ڪيو ويندو هو پر موجوده دور ۾ جديد ٽيڪنالاجي انهي ثقافتي رنگ کي وڏي تيزي سان پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي, اڄ جي دور ۾ ڪمپيوٽرن, ڊي وي ڊي پليئر, سي ڊي, لائوڊ اسپيڪرن ۽ ميمري ڪارڊن جي وڌيڪ استعمال سان دهل شرناهيو وڄائيندڙ مڱڻهار فقيرن جي روزگار جو ذريعو ختم ٿي رهيو آهي,
اڳ جتي انهن لاء پروگرامن کي سنڀالڻ مشڪل بڻيل هوندو هيو,  اڄ هو ٻن ويلهن جي ماني کائڻ لاء پريشان بڻيل آهن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو دعويدار ثقافت کاتي به مڱڻهار فقيرن کي وساري ڇڏيو آهي ۽ روايتي انداز کي زوال پذير دور کان بچائڻ لاء ڪي به حڪومتي سطح تي اُپاءُ نه ورتا آھن, سرڪاري پروگرامن ۾ به سنڌ جي ثقافت ۾ اهميت رکندڙ دهل ۽ شرناهي مڱڻهار فقيرن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي اهم سرڪاري ثقافتي پروگرام پنهنجي جاء تي ته پر شاه عبدالطيف ڀٽائي , سچل سرمست , قلندر لعل شهباز ۽ سمن سرڪار سميت ٻين اهم هثتين جي سالياني عرس مبارڪ ۾ به مڱڻهار فقير ثقافتي کاتي کان وسريل رهن ٿا,
سنڌ سرڪار پاران ثقافتي کاتي کي سنڌ ۾ ثقافتي شين ۽ ثقافت کي اجاگر ڪندڙ ڪردارن لاء ڪروڙين رپيا سالياني فنڊ ڏيڻ باوجود ثقافتي کاتي ڪو به اهم ڪردار ادا نه ڪيو آهي جنهن سبب خوشين ۾ دهل ۽ شرناهين وڄائي خوشين کي ٻيڻو ڪندڙ اڄ به مڱڻهار اڪثر روڊن رستن جي فٽ پاٿن تي خانابدوش ۽ فقيرن جيان زندگي سفر پورو ڪري رهيا آهن, سندس سرڪاري سطح تي پڻ واهر نٿي رهي آهي
مڱڻهار نه صرف شادين , مڱڻين ۾ دهل وڄائڻ جو هُنر رکن ٿا  پر سنڌ جي راڳ رنگ ۾ به هنن جو وڏو ڪردار آهي سنڌي موسيقي کي  ڏيهان ڏيھ مشهوري ۾ پڻ هنن مڱڻهارن جو پڻ وڏو ساٿ شامل آهي نه رڳو راڳ پر سنڌ جي دهل ۽ شرناهي تي لوڪ رقص به ڏيھ ڏيساور ۾ مشهوري ۽ وڏي اهميت رکندڙ آهي,
سنڌ ۾ ٻهراڙي هجي يا شهر پر خوشين ۾ لوڪ رقص ڪرڻ لاء دهل ۽ شرناهين جي هر صورت ۾ ضرورت پوي ٿي سنڌ جي لوڪ گيت هو جمالو کان وڌيڪ سنڌ جي قومي گيتن سميت سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن جي درگاهن تي عرس جي موقعي تي دهل شرناهي جي وڄڻ سان رقص کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن هو جمالو هڪ سنڌي لوڪ گيت آهي جيڪو اڪثر پروگرامن جي آخر ۾ ڳايو ويندو آهي هو جمالو گيت تي رڪس به مختلف انداز ۾ ڪيو ويندو آهي جڏنهن ته دهل ۽ شرناهي وڄڻ سان من اندر مستي وارو ماحول جنم وٺي ٿو تج هر ماڻهو جهومڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي, اڪثر مڱڻهار پاڻ به مستي ۾ مگن ٿي جهومي پون ٿا پر ڏٺو وڃي ته گزريل ڪيتري عرصي کان جديد ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان نه رڳو مڱڻهار فقيرن تي ان جا ناڪاري اثر پيا آهن پر سنڌ ۾ فنڪارن کي ڦاڪا ڪشي جي ڪنڌي تي پهچائي ڇڏيو آهي.
سنڌي ثقافت جي سفيرن منڱڻهارن فقيرن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي روڊن تي ويهي ماڻهن کي متوجه ڪرڻ لڳا آھن ڪيترن ئي دهل شرنائي واري روايت ڇڏي ٻين ڌنڌن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائي پيٽ گذر ۾ پوارا آھن, جدت جي وڌندڙ  اثرن سنڌ جي هن شاندار ثقافتي جز کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آھي سرڪاري سرپرستي توڙي ماڻهن جو ثقافت کان پري ٿيڻ به زوال جو سبب بڻيل آھي, سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ منڱڻهار فقيرن جو مان ۽ مرتبو اڄ به برقرار جيڪي دهل شرنائي کي سنڌ جي ثقافت جو اهم جُز سمجهي خوشين ۾ منڱڻهارن فقيرن کي شامل ڪندا آھن, اڪثر علائقن ۾ مختلف قبيلن جا خانداني مڱڻهار جڙيل هوندا آھن اهي قبيلا صرف انهن ئي مڱڻهارن کي گهر اندر عورتن جي صحرن لاڏن توڙي جو مختلف رسمن ۾ وٺي ويندا آھن, فن جي ڪاريگري رکندڙ مڱڻهارن کي مڃتا بدران زوال  پذيري ملڻ به قابل فڪر عمل آھي,
ماضي ۾ سنڌ جا ماڻهون اولاد جي ڄمڻ کان وٺي شادي تائين هر ننڍي وڏي خوشي ۾ منڱڻهار فقيرن کي لازمي گهرايو ويندو هو ۽ ان کانسواء تقريب نامڪمل سمجهي ويندي هئي انهيء ۾ منڱڻهار فقير شهنائي تي ڌنون ۽ دهلن تي تالن سان اهڙو ساز ڇيڙيندا هئا جو ٻارن کان وٺي پوڙهن تائين سڀ رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا.
جڏهن ته اليڪشن وارن ڏهاڙن ۾ به سياسي پارٽين جي ريلين ۾ دهل شرنائي جو اهم ڪرادر هوندو هيو, دهلن ۽ شرنائي جا مخلتف قسم پڻ ٿين ٿا, گزي ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت جو رتبو ماڻيندڙ رسول ص جي آل کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء محرم جي مهيني گزي, شايدن ۾ متو ۽ عام پروگرامن ۾ بنارسي ڪو ڪو وڄائي روايت جي انداز دهل من اندر سحر طاري ڪندو آھي, دهلن ۽ شرنائي جي مخلتف قسمن جا ساز ۽ تال مخلتف موقعن تي وڄايا ويندا آهن.
محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي شهنائي سنڌ ۾ حيدرآباد, روهڙي, دادو, مورو, لاڙڪاڻو, ڪوٽڙي ۽ ڪجھ ٻين شهرن ۾ وڄائي ويندي هئي پر هاڻي گزي صرف حيدرآباد, روهڙي ۽ ڪوٽڙي ۾ موجود باقي شهرن ۾ ان جو وجود ناهي رهيو.
دهل ۽ شرنائي ختم ٿيندڙ وجود سان نه صرف لاڳاپيل نه صرف مڱڻهار, گهور ميڙيندڙ پر دهل ۽ شرنائي جا تخليقار جيڪي مختلف قسمن ۾ وڏي مهارت ۽ ڪاريگري سان دهل ۽ شرنائي کي وجود پيدا ڪندا هئا انهن جو پڻ زوال اچي چُڪو آھي
ڪوٽڙي جا منڱڻهار پوري پاڪستان ۾ واحد بنارسي شرنائي وڄائيندڙ هئا جيڪي عابده پروين کان وٺي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن سان ڳائي چُڪا جن ۾ استاد عبدالله خان پڻ شامل آھي

Not checked

Article
 Fahad Ali Janwari
Roll: 2K20/MMC/18