Showing posts with label Fahad Ali Janwari. Show all posts

Monday, May 4, 2020

Fahad Ali Janwari, Profile, Sindhi

To be checked
By line not written 
پروفائيل : حسام الدين ميراڻي
پني عاقل جي ننڍڙي ڳوٺ چندن مياڻي ۾ پروفيسر سڪندر علي ميراڻي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ حسام الدين
ميراڻي بنيادي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي، 1996ع ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان
پوءِ پنو عاقل جي سٽي اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد 2001 حاصل ڪري پنوعاقل جي ڪاليج مان
ئي 12 ھين درجا پاس ڪيا، حسام الدين ميراڻي ننڍپڻ کان ئي آرٽ ۾ دلچسپي رکندڙ ھيو، بنيادي تعليم
کان انٽر تائين ھو آرٽ جي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رھيو، 
ھن جو آرٽ سان لڳاءُ تمام گھڻو ھجڻ
ڪري 12 درجا پاس ڪرڻ بعد 2009ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ
ڊزائين ۾ انٽري ٽيسٽ ڏيڻ بعد فائن آرٽ شعبي ۾ سليڪٽ ٿي ويو، ڇا ڪاڻ تھ ھر ماڻھون اندر ھڪ
آرٽسٽ موجود ھجي ٿو پر ھر انسان پنھنجي اندر جي آرٽسٽ کي ظاھر نھ ڪري سگھندو آھي پر ھن
نوجوان پنھنجي اندر جي آرٽسٽ کي جاڳائي پنھنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو، دنيا اندر اھي آرٽسٽ ئي
آھن جيڪي رنگن ذريعي سماج جي عڪاسي ڪن ٿا، جڏھن جديد دور نھ ھيو تڏھن پڻ اھي آرٽسٽ ئي

ھوندا ھيا جيڪي رابطن جي بحالي يا ٻولين کي سمجھڻ لاءِ پنھنجي آرٽ جي مھارت سان ڪندا ھيا،
حسام ميراڻي جو آرٽ سان ايترو تھ لڳاءُ ھيو ۽ ھن جي مسلسل جستجو جي ڪري ھن بيچلر آف آرٽ
جي ڊگري پهرين پوزيشن ۾ ماڻي سلور مڊل پنھنجي نانءُ ڪري ورتو، پر پوءِ بھ جھڙو ھُن پاڻ کي
نامڪمل سمجھو ٿي ۽ ھن پوءِ اسلام آباد جي فائونڊيشن يونيورسٽي جي ڪميونيڪشن شعبي مان
گرافڪ ڊزائن ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪري ڊجيٽل آرٽسٽ طور بھ پاڻ مڃرائي ورتو، جنھن بعد
ھن سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري لاءِ اپلائي ڪيو سندس قابليت تحت ميرٽ تي سنڌ يونيورسٽي جي آرٽ
اينڊ ڊزائن شعبي ۾ ھڪ استاد طور مقرر ٿي ويو 
پروفيسر حسام الدين ميراڻي نوڪري دوران ئي سنڌ
يونيورسٽي جي آرٽ اينڊ ڊزائين شعبي مان ايم فل آرٽ سان لاڳاپيل هڪ موضوع “پبلسٽي ڊزائين ان
سنڌ” تي ڪئي آهي، جنهن ۾ هن مقامي پينٽرن جي باري ۾ تحقيق ڪئي ته سندن ڪم ڪهڙي طرز جو
آهي، سندن فن نسل در نسل ڪهڙي طرح منتقل ٿئي ٿو ۽ اهي پينٽر پنهنجي فن ۾ ڪھڙي قسم جون
ٽيڪنيڪ استعمال ڪن ٿا، آرٽ سان لاڳاپيل شين جي تشهير ۽ مشهوري ڪئين ڪن ٿا؟ هي هڪ تمام
وڏو موضوع ھيو جنهن تي اڃان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت ھئي، انهيءَ موضوع تي اسسٽنٽ
پروفيسر حسام الدين هڪ ڪتاب به لکي رهيو آهي، جنهن ۾ لوڪل پينٽرن جي زندگي بابت تحقيق
.شامل هوندي

پروفيسر حسام الدين ميراڻي جو آرٽ بابت چوڻ آھي ته ماضي ۾ سنڌ ۾ آرٽ کي هميشه مٿانهين حاصل
رهي آهي، جنهن ۾ نواڻ/ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. آرٽ کانسواءِ دنيا ۾ ڪابه شيءَ رهي نٿي
سگهي، پنهنجي روز مرهه جي هر هڪ لمحي ۾ آرٽ سمايل آهي، ڪپڙا، ٿانو، جتيون، ڀتيون، ماڳ
مڪان مطلب هر اها شيءَ جنهن تي اسانجي نظر پوي ٿي، اها هڪ آرٽسٽ ئي پنهنجي فن مان ٺاهي
سگهي ٿو، ٻاهرين ملڪن ۾ آرٽ جي شعبي کي تمام گهڻي پذيرائي حاصل آهي پر پنهنجي سماج ۾ ان کي

تمام گهٽ پذيرائي حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته اسانجو سماج آرٽ کان اڻ واقف آهي. هتي جا ماڻهو اڻڄاڻائي
۾ هر شعبي ۾ آرٽ ڪري رهيا آهن پر کين انهي ڳالهه جو احساس نه آهي، جڏهن ته ترقي يافته ملڪن
جي ماڻهن کي ان جي اهميت جي خبر آهي. اسانجي معاشري ۾ 80 فيصد ٻار آرٽ جي شعبي ۾ اچڻ
چاهين ٿا پر هن سوسائٽي ۾ آرٽ جو ايترو معيار نٿو ملي. آرٽ جي شعبي ۾ جيڪي ۾ دلچسپي رکندڙ
پيغام اهو آهي ته جنهن به شعبي ۾ اوهان جي دلچسپي هجي اهو اختيار ڪيو.
پروفيسر حسام ميراڻي شاگردي واري دور ۾ شاگردن جي حقن جي حاصلات لاءِ شاگرد اڳواڻ طور پڻ
پنھنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي شاگردن جي مسئلن لاءِ آواز اٿاريو ۽ شاگردن جا ڪيترائي مسئلا
حل ڪرايا، ھن وقت بھ حسام ميراڻي شاگردن جو ڀرجھلو ٿي بيھي ٿو.

Key words: Hassam Mirani, Art, CEAD, Artist, Pano Aqil, Digital Artist, Fahad Ali Janwari,  

The practical work is carried under supervision of Sohail Sangi, 
at Media and Communication Department, University of Sindh

#FahadJanwari,

Sunday, February 16, 2020

Fahad Ali Janwari Article, Sindhi

Name: Fahad Ali Janwari
Roll No: 2K20/MMC/18
MA Previous

دهل, شرنائي
دنيا اندر تيزي سان وڌنڌڙ جديد ٽيڪنالاجي جتي سهولتن جو ڪارڻ آھن اُتي روايتي, خانداني ۽ ثقافتي لاڙا پڻ خطري ۾ پئجي چُڪا آھن.
جديد ٽيڪنالاجي جي آمد جتي زندگي جو سفر آسان ڪيو آهي ته خطري ۽ نقصان ۾ وڌاءُ ٿي ويو آھي,   سنڌ جي ثقافتي ۽ روايتي ورثي ۾ شامل ٿيندڙ دهل ۽ شرنائي جو  وجود پڻ جديد ٽيڪنالاجي جي ڪارڻ ختم ٿيڻ لڳو آهي, سنڌ جي شهرن سميت ٻهراڙين ۾ وڏي جوش سان زندگي جون خوشين ۾ دهل ۽ شرناهي وڄائي رنگ ڀرندڙ مڱڻهار فقيرن کي اڳي ماڻهو هفتن جا هفتا اڳ ولار ڪرائي پنهنجي زندگي جي مختلف خوشي وارن پروگرامن شادين, مڱڻين, رسم طهر سنت, مهمانن جي آجيان سميت جلسن جلوسن ۾ گهرائي خوشين کي ٻيڻو ڪيو ويندو هو پر موجوده دور ۾ جديد ٽيڪنالاجي انهي ثقافتي رنگ کي وڏي تيزي سان پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي, اڄ جي دور ۾ ڪمپيوٽرن, ڊي وي ڊي پليئر, سي ڊي, لائوڊ اسپيڪرن ۽ ميمري ڪارڊن جي وڌيڪ استعمال سان دهل شرناهيو وڄائيندڙ مڱڻهار فقيرن جي روزگار جو ذريعو ختم ٿي رهيو آهي,
اڳ جتي انهن لاء پروگرامن کي سنڀالڻ مشڪل بڻيل هوندو هيو,  اڄ هو ٻن ويلهن جي ماني کائڻ لاء پريشان بڻيل آهن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو دعويدار ثقافت کاتي به مڱڻهار فقيرن کي وساري ڇڏيو آهي ۽ روايتي انداز کي زوال پذير دور کان بچائڻ لاء ڪي به حڪومتي سطح تي اُپاءُ نه ورتا آھن, سرڪاري پروگرامن ۾ به سنڌ جي ثقافت ۾ اهميت رکندڙ دهل ۽ شرناهي مڱڻهار فقيرن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي اهم سرڪاري ثقافتي پروگرام پنهنجي جاء تي ته پر شاه عبدالطيف ڀٽائي , سچل سرمست , قلندر لعل شهباز ۽ سمن سرڪار سميت ٻين اهم هثتين جي سالياني عرس مبارڪ ۾ به مڱڻهار فقير ثقافتي کاتي کان وسريل رهن ٿا,
سنڌ سرڪار پاران ثقافتي کاتي کي سنڌ ۾ ثقافتي شين ۽ ثقافت کي اجاگر ڪندڙ ڪردارن لاء ڪروڙين رپيا سالياني فنڊ ڏيڻ باوجود ثقافتي کاتي ڪو به اهم ڪردار ادا نه ڪيو آهي جنهن سبب خوشين ۾ دهل ۽ شرناهين وڄائي خوشين کي ٻيڻو ڪندڙ اڄ به مڱڻهار اڪثر روڊن رستن جي فٽ پاٿن تي خانابدوش ۽ فقيرن جيان زندگي سفر پورو ڪري رهيا آهن, سندس سرڪاري سطح تي پڻ واهر نٿي رهي آهي
مڱڻهار نه صرف شادين , مڱڻين ۾ دهل وڄائڻ جو هُنر رکن ٿا  پر سنڌ جي راڳ رنگ ۾ به هنن جو وڏو ڪردار آهي سنڌي موسيقي کي  ڏيهان ڏيھ مشهوري ۾ پڻ هنن مڱڻهارن جو پڻ وڏو ساٿ شامل آهي نه رڳو راڳ پر سنڌ جي دهل ۽ شرناهي تي لوڪ رقص به ڏيھ ڏيساور ۾ مشهوري ۽ وڏي اهميت رکندڙ آهي,
سنڌ ۾ ٻهراڙي هجي يا شهر پر خوشين ۾ لوڪ رقص ڪرڻ لاء دهل ۽ شرناهين جي هر صورت ۾ ضرورت پوي ٿي سنڌ جي لوڪ گيت هو جمالو کان وڌيڪ سنڌ جي قومي گيتن سميت سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن جي درگاهن تي عرس جي موقعي تي دهل شرناهي جي وڄڻ سان رقص کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن هو جمالو هڪ سنڌي لوڪ گيت آهي جيڪو اڪثر پروگرامن جي آخر ۾ ڳايو ويندو آهي هو جمالو گيت تي رڪس به مختلف انداز ۾ ڪيو ويندو آهي جڏنهن ته دهل ۽ شرناهي وڄڻ سان من اندر مستي وارو ماحول جنم وٺي ٿو تج هر ماڻهو جهومڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي, اڪثر مڱڻهار پاڻ به مستي ۾ مگن ٿي جهومي پون ٿا پر ڏٺو وڃي ته گزريل ڪيتري عرصي کان جديد ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان نه رڳو مڱڻهار فقيرن تي ان جا ناڪاري اثر پيا آهن پر سنڌ ۾ فنڪارن کي ڦاڪا ڪشي جي ڪنڌي تي پهچائي ڇڏيو آهي.
سنڌي ثقافت جي سفيرن منڱڻهارن فقيرن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي روڊن تي ويهي ماڻهن کي متوجه ڪرڻ لڳا آھن ڪيترن ئي دهل شرنائي واري روايت ڇڏي ٻين ڌنڌن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائي پيٽ گذر ۾ پوارا آھن, جدت جي وڌندڙ  اثرن سنڌ جي هن شاندار ثقافتي جز کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آھي سرڪاري سرپرستي توڙي ماڻهن جو ثقافت کان پري ٿيڻ به زوال جو سبب بڻيل آھي, سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ منڱڻهار فقيرن جو مان ۽ مرتبو اڄ به برقرار جيڪي دهل شرنائي کي سنڌ جي ثقافت جو اهم جُز سمجهي خوشين ۾ منڱڻهارن فقيرن کي شامل ڪندا آھن, اڪثر علائقن ۾ مختلف قبيلن جا خانداني مڱڻهار جڙيل هوندا آھن اهي قبيلا صرف انهن ئي مڱڻهارن کي گهر اندر عورتن جي صحرن لاڏن توڙي جو مختلف رسمن ۾ وٺي ويندا آھن, فن جي ڪاريگري رکندڙ مڱڻهارن کي مڃتا بدران زوال  پذيري ملڻ به قابل فڪر عمل آھي,
ماضي ۾ سنڌ جا ماڻهون اولاد جي ڄمڻ کان وٺي شادي تائين هر ننڍي وڏي خوشي ۾ منڱڻهار فقيرن کي لازمي گهرايو ويندو هو ۽ ان کانسواء تقريب نامڪمل سمجهي ويندي هئي انهيء ۾ منڱڻهار فقير شهنائي تي ڌنون ۽ دهلن تي تالن سان اهڙو ساز ڇيڙيندا هئا جو ٻارن کان وٺي پوڙهن تائين سڀ رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا.
جڏهن ته اليڪشن وارن ڏهاڙن ۾ به سياسي پارٽين جي ريلين ۾ دهل شرنائي جو اهم ڪرادر هوندو هيو, دهلن ۽ شرنائي جا مخلتف قسم پڻ ٿين ٿا, گزي ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت جو رتبو ماڻيندڙ رسول ص جي آل کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء محرم جي مهيني گزي, شايدن ۾ متو ۽ عام پروگرامن ۾ بنارسي ڪو ڪو وڄائي روايت جي انداز دهل من اندر سحر طاري ڪندو آھي, دهلن ۽ شرنائي جي مخلتف قسمن جا ساز ۽ تال مخلتف موقعن تي وڄايا ويندا آهن.
محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي شهنائي سنڌ ۾ حيدرآباد, روهڙي, دادو, مورو, لاڙڪاڻو, ڪوٽڙي ۽ ڪجھ ٻين شهرن ۾ وڄائي ويندي هئي پر هاڻي گزي صرف حيدرآباد, روهڙي ۽ ڪوٽڙي ۾ موجود باقي شهرن ۾ ان جو وجود ناهي رهيو.
دهل ۽ شرنائي ختم ٿيندڙ وجود سان نه صرف لاڳاپيل نه صرف مڱڻهار, گهور ميڙيندڙ پر دهل ۽ شرنائي جا تخليقار جيڪي مختلف قسمن ۾ وڏي مهارت ۽ ڪاريگري سان دهل ۽ شرنائي کي وجود پيدا ڪندا هئا انهن جو پڻ زوال اچي چُڪو آھي
ڪوٽڙي جا منڱڻهار پوري پاڪستان ۾ واحد بنارسي شرنائي وڄائيندڙ هئا جيڪي عابده پروين کان وٺي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن سان ڳائي چُڪا جن ۾ استاد عبدالله خان پڻ شامل آھي

Not checked

Article
 Fahad Ali Janwari
Roll: 2K20/MMC/18