Showing posts with label 59. Show all posts
Showing posts with label 59. Show all posts

Tuesday, March 10, 2020

Waqar Soomro Feature- SIndhi 59

Not checked
Waqar Soomro 
ڪرونا وائرس ۽ واپارين جي عيد


وقار سومرو

فيچر
ايم اي پريوئس
رول نمبر 59


ونڃ ڪرونا تنهنجو وير هاڻي نه ٿيندو ڪنهنجو خير
چائنه جاپان انڊيا اٽلي تنهنجي اڳيان ٿيا سڀ ڪٽلي
توکان گهرن ٿا سڀئي خير ونڃ ڪرونا تنهنجو وير
ماسڪ، صابڻ ، ٽشو، ھينڊوآش واپارين ڪيا لڪائي ڍير
واھ ڙي ڪرونا تنهنجو وير ھل ڙي ڪرونا تنهنجو وير
ڪرونا جي نالي سان مشھور وائرس چائنه جي ھوائن مان بي لغام اڏامي دنيا جي تقربن 130 ملڪن ۾ خوف ڊپ ۽ ھراس جو عالم پکيريندڙ وائرس جنهن جي ھڪ خاص ۽ مخصوص تاج جهڙي شڪل ھجڻ جي ڪري ڪرونا وائرس سڏيو ونڃي ٿو۔ شروعاتي ڏينهن ۾ ھي وائرس ايترو خطرناڪ ڪونه منڃيو ويندو ھئو پر آھستي آھستي ھن وائرس به پنهنجي اصل رڳ ڏيکارڻ شروع ڪئي جنهن سان سڄي دنيا ۾ خوف ھراس جي فظا پکڙجي وئي سائنسدانن ھن وائرس کي نوول وائرس ۽ اين سي او وي ۔2019جا نالا ڏنا آهن ڪجھ ئي مهينن پهريان چائنه ۾ ڪرونا وائرس جي فهلجڻ دنيا ۾ ھنگامي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي جنهن جي وجھه سان ماڻھون تمام گهڻي خوف ۾ مبتلا آهن ڇاڪاڻ ته هي وائرس تمام خطرناڪ ثابت ٿيو آھي
عام طور تي ھن وائرس جا ڪيترائي قسم آهن ۽ ان جا ڪجه قسم گهڻا خطرناڪ به نه ٿين ٿا پرڪرونا وائرس هي قسم تمام گهڻو خطرناڪ ۽ موتمار ثابت ٿيو آھي ڇاڪاڻ ته صرف ڪجھ ئي ڏينهن اندر هن وائرس دنيا جي 130 کان وڌيڪ ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو آھي تازي تحقيقي رپورٽ متابق هن وقت به سڄي دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا تقريبن 114231ماڻھو هن وائرس جا شڪار ٿيل مريض آهن جنهن جو تعداد ڏينهو ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ جڏھن ته ۽ 4240 ماڻھون هن خطرناڪ وائرس جي سبب موت جي ور چڙھيا آھن جڏهن ته احتياتي عملن کي مد نظر رکندي تقريبن 62834 مريضن کي هن وائرس جي چنبي مان ڇڏائي صحتياب به ڪيو ويو آهي ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن پاران هن وائرس کي روڪڻ لاء تجربا ڪيا پيا وڃن جيئن گهڻي کان گهڻي نقصان کان ماڻھن کي هن وائرس کان محفوظ ڪري سگھجي هي ورئرس اڪثر سياري جي موسم ۾ ڦهلجي ٿو۔ نانگ چمڙو ۽ ٻيا ڪجھ جانور هن وائرس جي ڦھلجڻ جو سبب آهن جڏهن ته هن وائرس جون علامتون به تمام سنگين آهن هي وائرس انساني ساھ کڻڻ جي سرشتي تي حملو ڪري ٿو جيڪو انساني جسم جو ضروري حصو پڻ آھي ساھ کڻڻ جي نظام جو ڪمزور ٿيڻ جي وجھ سان انسانکي ڪيترن ئي بيمارين سان منهن ڏيڻوپوي ٿو نزلو زوڪام نڪ جو وھڻ کنگھ ساھ جي بيمارين ۽ بخار ڪرونا وائرس جون علامتي نشانيون آھن جڏهن ته هن وائرس جون علامتون ٻه کان چوڏهن ڏينهنجي اندر سامھون اچڻ شروع ٿي پونديون آھن هي وائرس انسان جي ساھ کڻڻ جي نظام ۾ موجود سيل يعنئي جيوگهرڙي سان ملي پوي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ انسان ففڙن ۽ نمونيا جي بيمارين ۾ مبتلا ٿئي ٿو مگر بدقسمتي سان اهي ماڻهون جنهن جو اميون سسٽم يعني مدافعتي نظام ڪمزور آھي اهي هن وائرس جو شڪار ٿين ٿا ۔ جسماني قوت جوطاقتور نظام انساني جسم کي ڪيترن ئي بيمارين کان محفوظ رکي ٿو ۽ صحتمند زندگي گذارڻ کي يقيني بڻائي ٿو ان ڪري گهڻي قدر هي وائرس ٻارڙن ۽ پوڙهن تي حملو ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته انهن جو مدافعتي نظام ڪمزور هوندو آهي
پاڪستان ۾ جيئن ئي ڪرونا وائرس ڦھلجڻ جو انڪشاف تيئن ئي ملڪ ۾ سرجيڪل ماسڪ جي به گهرج وڌندي وئي جڏهن ته جراثيم ماريندڙ صابڻ ۽ هنيڊ سينيٽائيزر به مارڪيٽن مان غائب ٿيڻ لڳا ۔ واپارين پاران اهي سڀ شئيون ذخيرو ڪري رکڻ تمام ئي ڏکائيندڙ عمل آهي چيو ويندو آه ته جنهن هڪ انسان جي حياتي بچائي ان سموري انسانيت کي بچايواهو ئي سبب آهي جو ڪجھ نيڪ انسان روڊن تي نڪري عوام ۾ سرجيڪل ماسڪ ورهائيندي نظر آيا ته ڪي وري سرجيڪل ماسڪ جو ذخيرو ڪرڻ ۾ مصروف رهيا ۔ سرجيڪل ماسڪ جي گهڻي کپت هجڻ ڪري واپارين کي ڪرونا جي آڙ ۾ ڪمائي جا موقعا فرھام ڪري ڇڏيا تنهنڪري انهن شيئن جي قيمتن ۾ به اضافعا ٿي ويا ڪجھ مهينه پهريان 10روپئي ۾ ملندڙ عام سرجيڪل ماسڪ ٽي کان چار سئو ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو جڏهن ته صرف 80روپين ۾ ملندڙ سرجيڪل ماسڪ جو دٻو ھزاين روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳوهڪ ميڊيڪل اسٽور واري وٽان انٽرويو ۾ خبر پئي ته شروعاتي ڏينهن ۾ سرجيڪل ماسڪ ۽ ھينڊ سينيٽائيزر جا جام آڊر ملڻ لڳا هئا سرجيڪل ماسڪن جوذخيرو ڪري ٻيڻي قيمت تي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا ونڃن ٿا جنهن ڪري پاڪستان جي شھرين کي تمام گهڻي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو جڏهن ته ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن پاران دنيا ۾ تمام سرجيڪل ماسڪ ٺاهيندڙ ڪمپنين کي ماسڪ 40% وڌيڪ ٺاهڻ جون به هدايتون جاري ڪيو ويون آهن
عام طور تي جانورن ۾ ڦھلجندڙڪرونا  وائرس کي به شايد جانورن ۽ انسانن ۾ فرق نطر ڪونه آيو هوندو حقيقت آهي جنهن معاشري ۾ انسان انسان جي ڪم نه اچي اهو معاشرو جانورن جي معاشري جيئان سڏيو ويندو آهي جتي ڪرونا وائرس جهڙي خطرناڪ بيماري جي خوف ۾ ماڻهن کي وائرس کان بچاء ۽ انهن جي مدد نه ڪئي وڃي افسوس جو سرجيڪل ماسڪ صابڻ ۽ هينڊسينيٽائيزر جي ذخيرو ڪرڻ واقعي ئي انسانيت لڄائيندڙ عمل کي ظاھر ڪري ٿي جڏهن ته چورن مٿان مور ماڪ جي ڪجھ واپارين جو اهو نه چوڻ آهي ته پنجاب جي واپارين سڄو مال ذخيروڪري وڏي تعداد ۾ چائنه جي مختلف شھرن ڏانهن ٽيڻي قيمت ۾ ايڪسپورٽ ڪن پيا ملڪ ۾ اڳيئي بليڪ ميانگ ۽ فراڊ جي انتها عام آهي بليڪ تي به ماسڪ ملڻ مشڪل آهن جڏهن ته ڪجھ ننڍي پيماني جا ننڍا واپاري وري سرجيڪل ماسڪ جا ذخيره ڪري  آن لائين ماسڪ ۽ ٻيا سامان وڪرو ڪن پيا جڏهن ته انهن ماسڪن جي صورتحال به تمام خراب ۽ ٽٽل شڪل ۾ ملي ٿي ڪرونا وائرس کان بچاء وٺڻ لاء ڊاڪٽرن پاران ماسڪ پائڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي پر مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ ماسڪ ملڻ ته ڇا پر ڏسڻ به مشڪل ٿي پيوآھي ۽ وري ھٿ دوئڻ ۽ جرثيم صاف ڪندڙ سينيٽائيزر نه بازارن ۾ گهٽ نظر اچن پيا اهڙي ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء ذميوارن کي گهرجي ته هو ترت اپاء وٺن نه صرف ترت اپاء بلڪه مستقبل ۾ اھڙين انتحائي حساس صورتحالن کي منهن ڏيڻ لاء تيار رهڻ کپي جيئين مستقبل ۾ اهڙن ڪرونا جھڙن موذي مرضن تي بروقت ضابطو آڻي کيس مقابلو ڪري سگهجي انهي سان گڏوگڏ ئي عام شهرين کي به گهرجي ته هو تحمل ۽ احتياط سان گهرنکان ٻاهر نڪرن ۽ اسان کي به گهرجي ته مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري زنده قوم هجڻ جو ثبوت ڏيون ۽ ڪورنا جهڙن موذي مرضن کان بچاء ڪري سندس کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ۔

The practical work is carried under supervision of Sohail Sangi, 
at Media and Communication Department, University of Sindh

Sunday, February 16, 2020

Waqar Ali Soomro Article Sindhi MA 59

 Not checked
Article
Waqar Ali Soomro
سنڌ ۾ سياحت جي موجوده صورتحال
وقار علي سومرو
ايم اي پريوئس
رول نمبر 59
ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته سنڌو وادي سياحت جي قديمي ماڳن سان ڀرپور مالامال آھي ٻاھريان ايندڙ سياح ھجن توڙي اندروني مقامي سياح ڇونه ھجن سنڌو واڌي جي سياحي مرڪزن مان سڀئي لطف ماڻن ٿا. ڪراچي جي سامونڊي پٽي ھجي يا سنڌو ماٿري جي سڃاڻ موھن جو دڙو مڪلي جو قبرستان ھجي يا ڪارونجھر جو جبل قديم زماني جا قلعا واقع ھجن يا وري ٿرجا خوبصورت نظارا. سنڌ سموري سون گھمندڙن لاء جنت مسل آھي.
سنڌ ۾ ٻاھريان ايندڙ سياحن جي سياحت ته سنڌ جي انيڪ قديمي ماڳن جي ڪري سٺي عروج تي آھي پر موجوده دؤر جي موجوده صورتحال تي نظر رکجي ته تمام وڏو فرق نظر اچي ٿو. سوشل ميڊيا جون وڏيون وڏيون غير ملڪي شخصيتون سنڌ ۾ سياحت لاء اچي دنيا جي ٻين سياحن کي به اھو پيغام ڏين پيون ته باقي سياحن کي به پاڪستان جي طرف رک ڪرڻ کپي . اھوئي سبب آھي جو اڄ پاڪستان دنيا جي محفوظ ۽ سٺن سياحي ملڪن جي لسٽ پنھنجي جاء ٺاھي ورتي آھي.
 ھڪ تحقيقي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ پنجن سالن جي اندر غير مقامي گھمندڙن جو شرع 1.7 ملين کان 2.7 ملين تي پھتو ۽ جڏھن ته مقامي سياحن جو تعداد 50 ملين کان وڌيڪ رھيوجنھن سان ملڪي معيشت کي به چڱي ھٿي ملي. غير ملڪي سياح روزي گاربيلي ڪينيڊا جي اڪيلي موٽر سائيڪل تي گھمندڙ عورت سياح موٽر سائڪل تي آئي روزي گاربيلي ملڪ جي خوبصورتي ۽ ثقافت مان ايترو ته متاثر ٿي جو ھن ملڪ ۾ اچي پنھنجو مذھب تبديل ڪيو جڏھن ته پولينڊ جي ايوا زوبيڪ نالي مشھور سوشل ميڊيا ولاگر سنڌ جي شھر حيدرآباد جي چوڙين ، سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي کي پسند ڪندي ملڪ جي سرڪاري ٽيليوزن چينل تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. صوفين جي درتي سان پيار ڪندڙ سوشل ميڊيا ولاگر، سنڌ ۽ بلوچستان جي سمونڊي پٽي تي سڪون محسوس ڪندڙ ايوا زوبيڪ سنڌ کي صوفين جي درتي سڏيندي ٻين غير ملڪي سياحن کي به سنڌ جي طرف سياحت ڪرڻ جو سڏ ڏنو. روزي گاربيلي وانگر آمريڪي شھري انٽرنيٽ تي آمريڪي رڪشي واري جي نالي سان مشھور شخص سنڌ ۾ رڪشا گاڏي جي ذريعي ڪشمور کان ٿيندي ڪراچي تائين مختلف سياحي ماڳ گھمندو رھيو اھڙي طرح ئي آمريڪا جو ھڪ ٻيو شھري مارڪ وينس نالي دنيا جو مشھور يوٽيوبر جيڪو دنيا جا تقريبن ملڪ گھمندو سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ سنڌي کادا کائيندي سنڌي ثقافتي پوشاڪ پائي سنڌ جي ثقافت سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو.
 غير ملڪي سياحن جي سنڌ سان بي حد محبت ڏسي سنڌ جي سياحت جا روشن دروازا کليل نظر اچن پيا پرسنڌ ۾ موجود سوين سياحي مقام آھن جن تي اڄ به سياحن جي توجھ جي ظرورت آھي . سنڌ جي ڪوھ مري سڏي ويندڙ  گورک ھل اسٽيشن دادو شھر کان اٽڪل 94 ڪلوميٽرن جي مفاصلي سطح سمنڊ کان 5689 فٽ مٿي پنھنجي خاص درجا حرارت جي ڪري مقامي سياحن جي توجھ بڻيل آھي مگر خراب روڊ ۽ رستن جي ڪري گورک ھل اسٽيشن سياحن جي رڪاوٽ جو ڪارڻ بڻجي پيو جنھن ڪري مقامي سياحن جو لاڙو گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي شھرن طرف ٿئي ٿو جڏھن ته اتان جي سياحن جو رخ وري سنڌ جي شھرن طرف وڌي ٿو.
 مقامي سياح ھجن توڙي غير مقامي. سياحن کي مختلف رڪاوٽن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو سياحن جي رڪاوٽن ۾ خراب روڊ رستن جي ڪري ٽريفڪ جي بدترين ۽ درھم برھم نظام سان منھن ڏيڻو پوي ٿو جنھن سان سياحن کي ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين وڃڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون . ان سان گڏوگڏ صفائي سٿرائي جو بھتر نظام نه ھجڻ ڪري به سياحن کي مشڪلن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. موجوده حڪومت کي گھرجي ته ھو سياحت کي اڃان به وڌيڪ وڌائڻ ۾ پنھنجو خاص ڪردار ادا ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ اسان سڀني جو به اھو فرض بڻجي ٿو ته صفائي ۽ سٿرائي جو خاص خيال رکون ۽ ٻاھريان ايندڙ سمورن سياحن کي سحولتون مھئيا ڪيون ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ مھمانوازي سان سياحن کي ايترو ته متاثر ڪيون جنھن سان سنڌ ۾ وڌندڙ سياحت کي چار چنڊ لڳي پون.


===============================================
Article
Waqar Ali Soomro
Should have observed para


سنڌھ ۾ سياحت جي موجوده صورتحال
وقار علي سومرو
ايم اي پريوئس
رول نمبر 59
ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته سنڌو وادي سياحت جي قديمي ماڳن سان ڀرپور مالامال آھي ٻاھريان ايندڙ سياح ھجن توڙي اندروني مقامي سياح ڇونه ھجن سنڌو واڌي جي سياحي مرڪزن مان سڀئي لطف ماڻن ٿا. ڪراچي جي سامونڊي پٽي ھجي يا سنڌو ماٿري جي سڃاڻ موھن جو دڙو مڪلي جو قبرستان ھجي يا ڪارونجھر جو جبل قديم زماني جا قلعا واقع ھجن يا وري ٿرجا خوبصورت نظارا. سنڌ سموري سون گھمندڙن لاء جنت مسل آھي.سنڌ ۾ ٻاھريان ايندڙ سياحن جي سياحت ته سنڌ جي انيڪ قديمي ماڳن جي ڪري سٺي عروج تي آھي پر موجوده دؤر جي موجوده صورتحال تي نظر رکجي ته تمام وڏو فرق نظر اچي ٿو. سوشل ميڊيا جون وڏيون وڏيون غير ملڪي شخصيتون سنڌ ۾ سياحت لاء اچي دنيا جي ٻين سياحن کي به اھو پيغام ڏين پيون ته باقي سياحن کي به پاڪستان جي طرف رک ڪرڻ کپي . اھوئي سبب آھي جو اڄ پاڪستان دنيا جي محفوظ ۽ سٺن سياحي ملڪن جي لسٽ پنھنجي جاء ٺاھي ورتي آھي. ھڪ تحقيقي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ پنجن سالن جي اندر غير مقامي گھمندڙن جو شرع 1.7 ملين کان 2.7 ملين تي پھتو ۽ جڏھن ته مقامي سياحن جو تعداد 50 ملين کان وڌيڪ رھيوجنھن سان ملڪي معيشت کي به چڱي ھٿي ملي. غير ملڪي سياح روزي گاربيلي ڪينيڊا جي اڪيلي موٽر سائيڪل تي گھمندڙ عورت سياح موٽر سائڪل تي آئي روزي گاربيلي ملڪ جي خوبصورتي ۽ ثقافت مان ايترو ته متاثر ٿي جو ھن ملڪ ۾ اچي پنھنجو مذھب تبديل ڪيو جڏھن ته پولينڊ جي ايوا زوبيڪ نالي مشھور سوشل ميڊيا ولاگر سنڌ جي شھر حيدرآباد جي چوڙين ، سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي کي پسند ڪندي ملڪ جي سرڪاري ٽيليوزن چينل تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. صوفين جي درتي سان پيار ڪندڙ سوشل ميڊيا ولاگر، سنڌ ۽ بلوچستان جي سمونڊي پٽي تي سڪون محسوس ڪندڙ ايوا زوبيڪ سنڌ کي صوفين جي درتي سڏيندي ٻين غير ملڪي سياحن کي به سنڌ جي طرف سياحت ڪرڻ جو سڏ ڏنو. روزي گاربيلي وانگر آمريڪي شھري انٽرنيٽ تي آمريڪي رڪشي واري جي نالي سان مشھور شخص سنڌ ۾ رڪشا گاڏي جي ذريعي ڪشمور کان ٿيندي ڪراچي تائين مختلف سياحي ماڳ گھمندو رھيو اھڙي طرح ئي آمريڪا جو ھڪ ٻيو شھري مارڪ وينس نالي دنيا جو مشھور يوٽيوبر جيڪو دنيا جا تقريبن ملڪ گھمندو سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ سنڌي کادا کائيندي سنڌي ثقافتي پوشاڪ پائي سنڌ جي ثقافت سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو. غير ملڪي سياحن جي سنڌ سان بي حد محبت ڏسي سنڌ جي سياحت جا روشن دروازا کليل نظر اچن پيا پرسنڌ ۾ موجود سوين سياحي مقام آھن جن تي اڄ به سياحن جي توجھ جي ظرورت آھي . سنڌ جي ڪوھ مري سڏي ويندڙ  گورک ھل اسٽيشن دادو شھر کان اٽڪل 94 ڪلوميٽرن جي مفاصلي سطح سمنڊ کان 5689 فٽ مٿي پنھنجي خاص درجا حرارت جي ڪري مقامي سياحن جي توجھ بڻيل آھي مگر خراب روڊ ۽ رستن جي ڪري گورک ھل اسٽيشن سياحن جي رڪاوٽ جو ڪارڻ بڻجي پيو جنھن ڪري مقامي سياحن جو لاڙو گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي شھرن طرف ٿئي ٿو جڏھن ته اتان جي سياحن جو رخ وري سنڌ جي شھرن طرف وڌي ٿو. مقامي سياح ھجن توڙي غير مقامي. سياحن کي مختلف رڪاوٽن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو سياحن جي رڪاوٽن ۾ خراب روڊ رستن جي ڪري ٽريفڪ جي بدترين ۽ درھم برھم نظام سان منھن ڏيڻو پوي ٿو جنھن سان سياحن کي ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين وڃڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون . ان سان گڏوگڏ صفائي سٿرائي جو بھتر نظام نه ھجڻ ڪري به سياحن کي مشڪلن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. موجوده حڪومت کي گھرجي ته ھو سياحت کي اڃان به وڌيڪ وڌائڻ ۾ پنھنجو خاص ڪردار ادا ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ اسان سڀني جو به اھو فرض بڻجي ٿو ته صفائي ۽ سٿرائي جو خاص خيال رکون ۽ ٻاھريان ايندڙ سمورن سياحن کي سحولتون مھئيا ڪيون ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ مھمانوازي سان سياحن کي ايترو ته متاثر ڪيون جنھن سان سنڌ ۾ وڌندڙ سياحت کي چار چنڊ لڳي پون.