Showing posts with label Noor Jahan. Show all posts
Showing posts with label Noor Jahan. Show all posts

Monday, April 27, 2020

Noor Jahan , Feature , Sindhi, MMC 38

To be checked

MA Previous
2K20/MMC/38
Noor Jehan

هالا شهر ۾ هٿ جو ڪم ان ۾ تبديلي؟

هالا شهر مٽياري ضلعي جو تعلقو آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب
کي اجاگر ڪري ٿو. هالا شهر ۾ ٿيندڙ هٿ جو ڪم جيڪو ڪافي حد تائين مشهور
آهي پر هاڻي هن ڪم کي ايتري اهميت حاصل نه آهي ڇو جو جيئن وقت گذرندو پيو
وڃي تئين هن ڪم کي گهٽ موٽ ملي پئي ۽ هن ڪم ۾ کوڙ ساريون نئيون تبديليون به
آيون آهن. اڄ کان ڏھ پندران سال پهريان اجرڪ، کاڌي، ڪا شي ۽ ڪاٺ جي ڪم
هنڊي جي هنر کي ڪا في سرهايو ويندو هو پر اڄ جي هلندڙ دور ۾ هن هنر کي
گهٽ اهميت ملي آهي ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ ماڻهن جي سوچ به تبديل ٿي ويئ
آهي. گذريل پندرهن سالن ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي پهريان ڪاريگر هٿ اجرڪون
جوڙي سنڌي ماڻهن تائين رسائيندا هئا پر هاڻي ڏينهن ڏينهن اهو ڪم اسڪرين پرنٽ
مشين تي ڪيو پيون وڃي. اڄ مارڪيٽ ۾ هٿ جو ڪم گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي
مشين جي ذريعي جو ڙيل شيون ڪافي حد تائين مارڪيٽ ۾ موجود هونديون آهن.
کالي هنن شين جي چمڪ ڏسي ماڻهون انهن جي طرف ڇڪجندا وڃن ٿا جنهن ۾
اجرڪ جي نقل، ڪاشي جو ڪم جي نقل، هنڊي جو ڪم ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا هنر
جيڪي پراڻي دور ۾ هٿ سان جوڙيا ويندا هئا پر هاڻي هو ڪم مشين تي ٿي رهيو آهي.
جنهن جي ڪري هالا جا ڪاريگر تمام مشڪل وقت کي منهن ڏئي رهيا آهن هن
مشين جي جوِڙيل شين جي ڪري اصلي شئي جي اهميت گهٽ ٿيندي پئي وڃي جنهن
جي ڪري هالا جي ڪاريگرن جي روزگار ۾ ڪافي حد تائين اثر ٿيو آهي. اڄ هن
موجوده دور ۾ ماڻهو هالا جي تهذيب ۽ سنڌي ثقافت کان پري ٿيندا ٿا وڃن ۽ هن هنر ۾
به ڪافي حد تائين ماڻهو پنهنجو رجحان گهٽ ڪري رهيا آهن ڇو جو ماڻهو روز وقت
سان گڏ پنهنجي پسند کي به مختلف ڪري رهيا آهن، نئيون شيون ڏسي سنڌي تهذيب
کان پري ٿي رهيا آهن. سنڌي ماڻهو پاڻ پنهنجي تهذيب کان پري وڃن پيا. مشين جي
جوڙيل شيون ۽ انهن جي مٿانهون سونهن ڏسي پنهنجي تهذيب کي وساري ڇڏيو آهي.
هن ڪم کي پهريان انگريزين جي دور ۾ گهڻي ا هميت حاصل هئي . انگريزن جي
دور ۾ هن ڪم جا ڪاريگر خوشحال زندگي بصر ڪندا هئا ڇو جو هالا جي هٿ جو
هنر انگريزن کي ڪافي حد تائين پسند هوندو هو. هو پنهنجي گھرن ۾ هالا جو
جوڙيل سامان ۽ هٿ جو هنر پنهنجي گھر جي زينت بڻائيندا هئا پر هاڻي هن تبديلي جي
وجه سان هالا جي ڪاريگرن کي ڪافي مشڪلاتون پيش اينديون آهن ۽ پهريان هالا
جي قديم هنر کي پسند ڪيو ويندو هو ۽ انگريزن کي اهو هنر ڪافي پسند هوندو
هو. هالا جو هنر ڪافي خوبصورت ۽ هنن کي وڻندو آهي، جنهن ۾ ڪاشي جو ڪم،
هنڊي جو ڪم، اجرڪن جا انيڪ نمونا ۽ ٻيون به اهڙيون ڪافي شيون آهن، جيڪي
سنڌ جو شان ۽ مان آهن پر هاڻي هو سڀ ڪجھه ختم ڪيو پيو وڃي، ڇو جو دنيا

جي ترقي ۽ جديد مشينن ذريعي اڄ هن تهذيب ۽ هنر کي ختم ڪيو پيو وڃي پراڻي
دور ۾ هنڊي ۽ ڪاشي جو ڪم هر هڪ گھر جي روزي هوندو هو، امير هجي يا
غريب هر هڪ گھر ۾ هالا جو تيار ٿيل شيون جنهن ۾ هنڊي، ڪاشي، مٽي جا ٿانهو ۽
ٻيون به خوبصورت شيون نظر اينديون هيو پر هاڻي ته هر مشين نئي دور جي ڏسڻ ۾
ايندي آهي، هن ڳالهه مان هو ثابت ٿئي ٿو ته اڄ هالا جي هٿ جي هنر ۾ ڪافي
تبديلي آئي آهي، جنهن سان هالا جي ڪافي هنر مند ماڻهن جا ڪارخانه بند ٿي ويا آهن،
هالا ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي تبديلي آئي آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو، تيئن
تيئن تبديلي ٿيندي وڃي ٿي ۽ جيئن ته پهريان هالا جي شهر ۾ جيڪو ڪپڙو تيار ٿيندو
هو کاڌي گربي ۽ باکتو هالا جا ڪاريگر پهريان هو ڪم هٿ تي ڪندا هئا پر هاڻي
مشينن تي ٿئي ٿو، هاڻي ته هالا شهر ۾ ڪاٽن جو ڪپڙو به تيار ٿئي ٿو، جيڪو پهريان
نه ٿيندو هو؟ هاڻي هر شي مشينن جي ذريعي تيار ٿئي ٿي، اڄ جي هن جديد دور ۾
هالا شهر ۾ به ڪافي بدلاو آيو آهي ۽ هر هڪ ڪم جيڪو پهريان هٿن سان ڪيو
ويندو هو، اڄ مشينن تي ٿئي ٿو ۽ ان جي وڃ سان هالا جا پراڻا ڪاريگر تمام ڏکيو
وقت گذاري رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته هن سنڌ جي ثقافتي تهذيب کي
اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪجھه اپاءَ وٺڻ گھرجي، جيئن ته سنڌ جي ثقافت اڳتي هلي پنهنجي
اهميت بحال ڪري، ڇو جو اڄ ڪلهه ماڻهن جو رجحان گھٽ ٿيندو وڃي ٿو ۽ ان جي
وجه سان هٿ جي هنر کي اڄ هلندڙ وقت ۾ گھٽ اهميت ملي ٿي ۽ هلندڙ ڏهه سالن
کان وٺي ٻيو به کوڙ ساريون شيون تبديل ٿيون آهن، جيئن ڪاشي جو ڪم، ڪاٺ ۽
صحت سازي جو ڪم. هالا جي هٿ جي هنر کي ايترو ته ساراهيو ويندو آهي،جنهن
جي وجه سان انهن ڪاريگرن جا ٻار سٺي تعليم ۽ تربيت کان به پري آهن، جيئن ته
هالا جا ڪاريگر پنهنجي اباڻي هنر سان اڄ به جھاکوڙ ڪري رهيا آهن، هن موجوده
دور ۾ به، اجرڪ، سان سنڌين جو شان آهي پر هڪ اجرڪ تيار ڪرڻ ۾ ڪافي
محنت لڳي ٿي حڪومت سنڌ هالا جي ڪاريگرين کي سهاري ۽ انهن کي اڳتي
ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪري، ڇو جو اجرڪ ۽ هٿ جا ٻيا هنر اسان سنڌين جي
سڃاڻپ آهن، توهان کي اها خبر آهي ته اڄ به هن وقت ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي شادي
۾ گھڻو ڪري اجرڪ جو سينگار ڪري يا ان کي اجرڪ پاريو هڪ حاصر روپ
ڏين ٿا ۽ اسان سنڌي ماڻهو پنهنجي مهمانن کي به اجرڪ جو انمول تحفو ڏيو ٿا پر
هاڻي نقل شين جي ڪري سنڌي اجرڪ جي سڃاڻپ ماڻهو نه ٿا ڪري سگھن ، ڇو
جو مشين جو ڇاپيل اجرڪ موجود آهن ۽ حالا جي اصلي اجرڪ کي گھٽ استعمال
ڪيو وڃي ٿو، شين ٻيون به ڪافي هٿ جون شيون آهن، جيڪي پهريان گھڻي اهميت
رکنديون هيون، پر هاڻي اهو ڏسڻ ۾ گھٽ ايندو آهي، پهريان هالا جي ڪاريگرن جو
هنر تمام مشهور هو ۽ ميرن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏا وڏا امير تيرن ماڻهو پنهنجي
گھرن محل ۽ محلاتن کي هالا جي هنر سان سنگاريندا هئا. ميرين ۽ ڪلهوڙن جي
دور ۾ هالا جو هٿ جو هنر پوري دنيا ۾ مشهور هو ۽ اڄ به حالا جي هنر کي ٻين
ملڪن ۾ خاص اهميت حاصل آهي ۽ خاص ڪري انگريزي گھڻو پسند ڪندا هئا ۽ هن
هنر کي ان وقت اڳتي وڌائڻ ۽ ترقي ڪارائڻ لاءِ ڪافي سارا اپاءُ ورتا هئا پر اهي
اڌورا رهجي ويا. هالا شهر هنر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، اگر حڪومت ٿورو ڌيان ڏئي

ته ۽ هٿ جي هنر کي سهارو ڏئي ته اڄ به هالا جو هنر ۽ ڪاشي جو ڪم جھنڊي جو
ڪم اجرڪ خاص ڪري وڻندڙ ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڇڪڻ جي شگھ رکي ٿو ۽
اڄ به پوري دنيا ۾ هالا جي هنر جو ڪوبه مقابلو نه آهي، هالا شهر ۾ ٻئي تبديلي باءِ
پاس جي ڪري ٿي آهي، پهريان باءِ پاس نه هو ۽ هيئنر سرڪار پر مناسب موازو نه
ملڻ ڪارڻ سنڌ جي ثقافت کي گھٽ ڪري ٿي. هالا جا ڪاريگر مشڪل ۾ هنن هنر
۽ ثقافت کي زنده رکيو اچن ٿا. اڄ به اسان سنڌ پنهنجي ثقافت سڃاڻيو ته اسان هن هنر
کي اڳتي اهميت ڏياري ان کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگھو ٿا. بدلاو ته ٿيندا رهندا آهن پر
هالا جي ثقافت ۽ هنر هميشه قائم رهندو.

Tuesday, February 25, 2020

Noor Jahan MA 38 Article Sindhi poor content

Revised
poor content
Editors pls check is it according  to instructions made on first version 



NOOR JAHAN
(MA Previous)
2K20/MMC/38
سنڌ  ۾ متبادل توانائي جو رجحان
        سنڌ ۾ متبادل تواهائي جو رجحان ان ڪري ٿيو جو بجلي گھٽ هئڻ جي ڪري ٿيو، هن جديد دور ۾ شمسي توانائي  جو رجحان وڌندڙ رهي ٿو، اڄ  ڪلهه سولر سسٽم عام  ٿيڻ لڳو آهي، شهرن جي ڀيٽ ۾ اڪثر ڪري ٻهراڙي جي علائقن ۾ بجلي نه هئڻ جي  برابر جي ڪري عام ماڻهو سولر  کي اوليت ڏين ٿا،  ڇاڪاڻ ته سولر سسٽم آسان آهي، هر ماڻهو  پنهنجي وس آهر سولر پليٽ جو استعمال ڪري ٿو، عام طور تيٻهراڙي جي گھرن ۾ (1) سولر پليٽ کان وٺي  20 سولر پليٽن  جو استعمال ڪندا آهن، هر پليٽ جو (وولٽ 150 )  آهي ۽ ان سان گڏ  4 کان 8 بيٽرين جو استعمال ڪندا آهن، هر  بيٽري (124) وولٽ جي هوندي آهي، ان سان گڏ  هڪ ننڍو پرزو هوندو آهي، جنهن کي  انوينٽر چيو ويندو آهي، انويٽر جو ڪم اهيو آهي، شمسي توانائي جا وولٽ جمع ڪري (240 )  وولٽ  بجلي جيترو پاور  ڏيندو آهي ۽  ان سان پورو گھر هلي سگھي ٿو.
                 اڄ ڪلهه ته پاڻ جا ٽيوب ويل به سولر سسٽم تي آهن، اڪثر پئٽرول پمپ به سولر سسٽم تي آهن، انهن جي لاءِ وري وڌيڪ وولٽيج وارا سولر پليٽس  استعمال ٿيندا آهن، انهن سولر پليٽس جو وولٽيج آهي (350) وولٽ  في سولر پليٽ (350)  وولٽ وارو هڪ پيئنل  ۾ 20 پليٽس ۽ گھٽ ۾ گھٽ  4 کان 5  پئنل لڳائيندا آهن.  سولر پئنل جو  ڪل نيٽ وولٽيج تقريبن  7000  هزار ميگا واٽ پاور ٿئي ٿو، انهي پاور کي ڊوائيڊ  ڪرڻ لاءِ  بيٽرين ۽ انويٽر جو استعمال ٿيندو آهي، ان ۾ هاءِ ڪوالٽِ جي  پي يو سي ڪيبل جو استعمال ٿيندو آهي، شمسي توانائي جي اچڻ سان وڏو فائيندو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ شمسي توانائي مان اڪثر ٻهراڙي ۾ 80  سيڪڙو فائيندو  آهي،  ڇو  ته پئٽرول پمپ شهرن کانسواءِ  ٻهراڙي جي رڊن  ۽ رستن تي آهي، اتي بجلي جي  بحران جي ڪري سولر سسٽم بهترين آهي، زميندارن جي زمينن ۾ جيڪي ٽيوب ويل لڳل آهن، اهي به سولر يعني شمسي توانائي  تي مشتمل آهن، جي بجلي جي برابر ڪم ڪن ٿا، جيئن بجلي جا وولٽيج (مائنس) يا (پلس)  جي پي يو سي ڪيبل  ذريعي  هلن ٿا، ائين شمسي توانائي وارو سسٽم آهي، هاڻي گورنمنٽ به بجلي  جي ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾به (25 ملين ) ڊالر جي لاڳت سان شمسي توانائي جو پڊلڪ  سيڪٽر جي عمارتن جي ڇتن  کي 20 ميگھا واٽ کي تقسيم ڪيل شمسي  پئنل لڳا. ان جي ترقي ۾ واڌارو ڪيو آهي،
         30 ملين جي لاڳت  سان  سولر  پاور ذريعي صوبي سنڌ  ۾   هر ضلعي  جي پري پري جي علائقن  کي شمسي توانائي فراهم ڪرڻ تقريبن   2 لک  اکرين ٻه  لک  سولر پئنسل سسٽم ۽ سنڌ  ۾ مانجھند  شهر جي لاءِ    (40 ملين)  جي لاڳت  سان 400 ميگا واٽ  جو شمسي توانائي جو پارڪ  تعمير ڪيو ويو،  اڄ  ڪله  سنڌ  جي هر ضلعي  ۾ شمسي توانائي  سان هر ماڻهو کي تمام گھڻي سهولت ميسر آهي،  خاص ڪري ٻهراڙي ۽ ٿر  جي  علائقي  ۾  بجلي جي ڪابه سهولت موجود نه هئي، غريب عوام  تمام  پريشاني ۾ هئي،  سولر سسٽم جي اچڻ سان بجلي  جي بحران مان ٿر  ۽ ٻين ضلعن جي بحراڙي جي ماڻن  جي وڏي سهولت ميسر ٿي آهي.




Point is not proved. U should give figure of power generation or consumption
Or should give figures regarding sale of solar plates in Hyderabad etc. That will prove Increase in solar energy consumption
Referred back

MA (PREVIOUS)
2K20/MMC/38
NOOR JAHAN
آرٽيڪل
“سنڌ ۾ متبادل توانائي  جو وڌندڙ رجهان ”
اڄ جي هن  نئين دنيا ۾  جتي  ٻيون  کوڙ ساريون ايجادو آيون آهن اتي هڪ ٻئي نئي ايجاد پيدا ٿي   آهي ، جنهن کي سولر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو  ته سنڌ  ۾ متبادل توانائي جو وڌندڙ  رجحان متبادل لفظ جنهن جي معنيٰ آهي بدلو، پر اهو بدلو   ڇو آيو سنڌ  ۾ ڇو جو اهو بدلو بجلي  جي وڌندڙ  بحران  جي ڪري آيو آهي،  بجلي جي وڌندڙ   بحران  کي  مهن ڏئڻ  مشڪل  ٿي ويو آهي.   انهي ڪري  سولر جو استعمال ڪرڻو پيو ۽  سنڌ  ۾ نه پر  پاڪستان  جي هر  صوبي ۾ ساڳو  حال آهي، سنڌ  ۾ بجلي حد کان وڌيڪ  گھٽ  آهي.  انهي ڪري  سولر جو رجحان  ڏينهون ڏينهن وڌندو  وڃي ٿو ۽ ڀرپور رجحان آيا آهن. هن  جو اثر تيزي سان وڌندو  پيو وڃي.  اڄ  ڪلهه جي جديد دور ۾  ٻن شين سان گڏوگڏ  سولر سسٽم  ۾ به ڪافي تبديلي آئي آهي ۽ سولر سسٽم اڄ  جي ٽائيم  ۾ حد کان وڌيڪ  استعمال ٿيندڙ پهريون  تجربو آهي، جيڪو گھڻو ڪامياب ٿي چڪو آهي، سنڌ  جي ڳوٺاڻن  علائقن  ۾ بجلي نه هئڻ ڪري هن جديد سسٽم جو استعمال  شروع  ٿيو ڇو جو بجلي جي لوڊشيڊنگ تمام  گھڻي  ٿيندي  وڃي ٿي، اتي سولر جو استعمال ۽ انهن جو اضآفو حد کان وڌيڪ آهي، ڳوٺن ۾ ته هڪ يا هڪ کان وڌيڪ سولر پليٽ جو استعمال ماڻهن  پنهني گھرن ۾ ڪن ٿا پر انهن کان وڌيڪ به استعمال ٿيندو آهي،  صرف ڳوٺن ۾ نه پر سنڌ  جي شهري علائقن ۾ به هن جو رجهان تيزي سان  ٿيندو پيو وڃي. هر گھر ۽ هر ڪارخانه ۾ به هن جو رجهان  وڌي ويو آهي، بجلي جي بحران جي ڪري  يڪدم  هن سسٽم کي ايتري موٽ ملي آهي جو هر  شي  هن تي هلي ٿي.  بجلي جو بحران ۽ انهن جو نقنصان   جيڪو  ماڻهن  کي مجبور ڪري  ٿٿو ، تڏهن هن سسٽم جو رجهان  ۽  بدلاؤ وڌندو  وڃي ٿو. ڇو جو اڄ  ڪاروبار جو دارو مدار هن تي ٿي ويو آهي، جيڪو بجلي تي هوندو هو،  جيڪو هاڻي  تبديل  ٿي سولر سسٽم  تي  ٿي ويو آهي، هن جو رجحان شديد  تيز  ٿي ويو آهي، انهن جي ڪري  بجلي جي ڪمي آهي، هر شي جيڪا  پهريان  صرف  بجلي تي هلندي هئي اها  اڄ  سولر تي هلي ٿي، هن سسٽم جي اچڻ کانپوءِ  تمام  گھڻُ فائدو ٿيو آهي، هن ٽيڪنالاجي  جي وجه سان اضافو ٿيو آهي ۽ فڪٽرين جو دارو مدار اچي  سولر سسٽم تي پهوتو آهي، فڪٽرين ۾ ته ڳڻڻ  کان   وڌيڪ سولر پيئنل جو استعمال ڪيو پيو وڃي،  تنهن ڪري هن جو رجهان تمام گھڻو ٿيندو وڃي ٿو،  سولر ۾ جيڪو مٽيريل  استعمال ٿيندو آهي،  ڪوپر  جيڪو پليٽ ۾ لڳل آهي،  انهي جي وجه سان سج  جي ريڊئشن ۾  اضافو  ٿيندو وڃي پيو.   انهي ڪري گرمي تمام گھڻي   ٿي وئي آهي. سڀ ڪجھه  سولر جي اچڻ کانپوءِ  شروع ٿيو آهي، سولر  جو فائدو ته آهي پر هن جو نقصان به آهي، گرمين ۾ سج  زمين جي طرف تيزي  سان گردش ۽ ڇڪ ڪري رهيو آهي ۽  سج  جي ريڊئشن ۾ اضافو  گھڻي حد تائين  ٿي ويو آهي، جيڪو انسان ذات لاءِ تمام گھڻو  نقصان ڪار ثابت ٿيندو، ڇو جو ماڻهون ۾ گرمي  برداشت ڪرڻ جي سگھه  تمام ٿوري آهي، اسان کي هن ايجاد  ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو اسان  پنهنجو پورو گھر هن سسٽم  تي ڪري چڪا آهيون،  هڪ  پوري گھر کي هن سسٽم تي ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 پليٽن جو استعمال ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن ته  هن جي رجحان ۾  بدلاؤ آيو آهي،  انهن  سهولتن کان بغير اسان هڪ منٽ  به  رهي نٿا سگھون. جيڪو ڪم اسان بجلي وڃڻ  جي ڪري مڪمل نه ڪري سگھندا  هئاسين اڄ   اهو ڪم  بجلي  هجي يا نه  ڪو فرق نه ٿو پئي ڇو جو  هن سسٽم جي اڻ ڳڻپ  ايجاد  ۾ايترو ته اضافو ٿيو آهي  جو اسان کي هر ڪم هن ايجاد ته ڪرڻو هوندو آهي، جيئن بجلي جو بحران وڌيڪ ٿيندو تيئن هن جو رجحان وڌندو،  سنڌ  ۾  نه بلڪي  پوري ملڪ سان گڏوگڏ  دنيا جي حر  حصي  ۾  اهيو  رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو.