Showing posts with label Zakir Ali Hingorijo. Show all posts

Wednesday, March 11, 2020

Zakir Ali Feature- Sindhi Referred back

It is too short, add 200 words more
Not reporting based.
Make it interesting.
This is in article style, not in feature style
Referred back 
Writer's name roll etc missing 
File name is wrong
Send in proper manner with improvement till March 13 

لفظ اڇڙو ٿر زبان تي اچڻ سان ئي ذهن ۾ واريء جا اڇا دڙا ۽ ان جي وچ ۾ موجود ڪيتريون ئي مٺي ۽ کاري  پاڻئ جون ڍنڍون ۽ خوبصورت نظارا ذهن ۾ اچن ٿا.
 وارئ جا سفيد دڙا ۽ اهي خوبصورت منظر ۽ اهي ڍنڍون گھمڻ لاء ايندڙن جو من موهي وجھنديون آهن. ننڍي کنڊ جو ريگستان ٿر جيڪو ايراّضي جي لحاّظ کان ٻه لک چورس ڪلوميٽر ٿيندوانسان دوست ريگستان طور مشهور آهي ۽ اڇڙو ٿر اُن ريگستان  جو هڪ ننڍڙو ٽڪرو آهي. نارا ريجن جنهن کي مقامي ماڻهو اڇڙو ٿر ڪري ڪوٺين سنڌ جي پنجن ضلعن سانگھڙ ، خيرپور ،گھوٽڪي، سکر ۽ شهيد بينظير آباد تي مشتمل آهي. هي علائقو عمرڪوٽ کان کان شروع ٿي هٿونگي کان وٺي هندستان جي سرحد سان لڳندو وڃي چولستان تي دنگ ڪندو آهي.
ماضي ۾ هن جڳهه تي هڪ سمنڊ هوندو هو جنهن جي سڪي وڃڻ جي نتيجي ۾ هي ريگستان وجود ۾ آيو. قديم درياء هاڪڙي جو وهڪرو به هن علائقي مان گذرندو هيو، جنهن جا نشان اڄ به هن علائقي ۾ موجود آهن. انگريز حڪومت اُن دريا جي هڪ حصي کي وري آباد ڪري نارا ڪينال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
انگريز دور ۾  لڳندڙ مارشل لا هن علائقي جي اوج کي تمام گھڻو هاڃو رسايو ۽ گذريل سو سالن کان هي علائقو پنهنجي مالڪي ٿيڻ جي اوسيِڙي ۾ آهي. هن علائقي ۾ جيڪي مٺي پاڻئ جون ڍنڍون هيون اهي نارا ڪينال تي چوٽياريون ڊئم ٺهڻ کان پوء آهستي آهستي کاري پاڻي ۾ تبديل ٿينديون پيون ونڃن. پر اڃان به ڪجھ ڍنڍون جن ۾ موڙهل ڍنڍ ، کاروڙ ڍنڍ ، جکرائو ڍنڍ ، رتڙو ڍنڍ ۽ ٻيون به ڪافي ڍنڍون موجود آهن.
تعلقي کپري واري علائقي ۾ لوڻ واريون نو کن ڍنڍون آهن جن ۾ موڍاڪر ،بوسريو ، کاروڙي ، سنهڙڪي ، ٻانڌو ، گدام ڍنڍ ۽ ٻيون ڪافي ڍنڍون جيڪي هر سال لکين رپين جي اپت ڏين ٿيون هتي موجود آهن. هي علائقو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر هن علائقي جي رهاڪن جي ڪنهن به وارثي نه ڪئي، اڄ به هتي جي ڪافي علائقن ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذري ٿي. هتي جي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو ڍنڍن مان لوڻ ڪڍڻ آهي ۽ چوپايو مال ڌارڻ آهي، لوڻ ڪڍندڙ مزدورن  کي جائز مزدوري نٿي ڏني ونڃي. هتي جا مقامي ٺيڪيدار پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪيو پيا اچن
 هتي جي ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي اڻهوند جي ڪري ڪافي مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. غربت جي ڪري هتي جا ننڍڙا ٻار به اسڪول ونڃڻ جي بجاء والدين سان گڏ لوڻ ڪڍڻ کي ترجيع ڏيندا آهن. اڇي واري جي گھڻائيء جي ڪري هتي جي ڪجھ علائقي ۾ برساتي پوک نه ٿي ڪري سگھجي.
هن علائقي ۾ هوا جو رک اتر کان ڏکڻ يا ڏکڻ کان اتر طرف هوندو آهي جنهن جي ڪري دڙن جو رک به اتر کان ڏکڻ طرف آهي.

Monday, February 17, 2020

Zakir Ali Hingorijo article Sindhi MA-63 Revised

Revised
 (عطا محمد چانهيون ميوزيم)
تاريخي ورثا ۽ انهن سان لاڳاپيل شيون ۽ انهن جي حفاظت، پرگهور لهڻ ۽ ساهه سان سانڍي رکڻ  زنده قومن جون نشانيون آهن. ڳوٺ بانڪو چانهيون ۾ هڪ اهڙو ميوزيم موجود آهي جنهن ۾ تاريخي ۽ ثقافتي شين کي سانڍي رکيو ويو آهي.
عطا محمد چانهيون ميوزيم اڇڙي ٿر جي گيٽ وي سڏجندڙ هٿونگي شهر کان ست ڪلوميٽر اتر طرف واقع هڪ ڳوٺ ۾ موجود آهي. هن ميوزيم جي شروعات ڊسمبر 2007 کان ڪئي وئي. هن ميوزيم جو سنڀاليندڙ ۽ باني هڪ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عطامحمد چانهيون آهي، جنهن نه صرف اڇڙي ٿر پر سنڌ ۽ پوري پاڪستان جون ثقافتي ۽ تاريخي شيون هتي سجائي رکيون آهن. هن ميوزيم کي ڏسندي ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته هن ميوزيم کي ٺاهڻ ۾ وڏي محنت لڳي آهي.
هن ميوزيم ۾ موجود نوادرات جيڪي سنڌ جي مختلف تاريخي دورن جي عڪاسي ڪن ٿا مختلف جڳهين تان آڻي هن ميوزيم جي زينت بڻايا ويا آهن، هتي رکيل موئن جي دڙي جي ڏاند گاڏي، ڪنگ پريسٽ جي مورتي ۽ موئن جي دڙي جي مشهور ناچڻي سمبارا جي مورتي به هن ميوزيم جي سونهن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
انگريز دور جي راڻين جي شاهي سواري جيڪا چار گهوڙا ڇڪيندا هئا ۽ ان دور جا ريڊيا، ٽائيپ رائيٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ِ ئي شيون رکيل آهن.
اسلام ۽ هندو مذهب سان لاڳاپيل ڪافي تاريخي شيون ۽ ڪتاب به هن ميوزيم جو حصو آهن.
ڌاڳن تي ڪم ڪندڙ ڪورين جا ائٽ ۽ ڪپڙا اڻڻ جون مشينون ، پراڻين حويلين جون چاٻيون ۽ حويلين ۾ استعمال ٿيندڙ روزمرهه جون شيون جهڙوڪ سرمي دانيون، آئينا، شاهي ٿانو ۽ بچاءَ جا هٿيار جهڙوڪ ڪهاڙيون، ڀالا ۽ تلوارون به رکيل آهن، انگريز دور جا جنگي هٿيار جهڙوڪ بندوقون، پستول، رائفلون ۽ تلوارون به  هتي موجود آهن.
پراڻي وقت جي فنڪارن ۽ ڪلاڪارن جون سي ڊيز جن ۾ پراڻي وقت جا  خوبصورت سُر قيد ٿيل آهن ۽ انهن سان گڏ گرامو فون به رکيل آهن. راندين جي حوالي سان هتي پراڻي وقت جي مشهور چوپڙ راند به رکيل آهي جيڪا هن ميوزيم جو هڪ تاريخي ورثو آهي.
ھن ميوزيم ۾ ٿر جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪافي شيون رکيل آھن, جن ۾ اٺن جا پاکڙا, رڍن جي اۡن مان ٺھيل کسيون, فراسيون ۽ کٽن کي واڻڻ جي واڏاڻ به رکيل آھن
. قديم ۽جديد دور جي ڪجھ مشھور مصورن جي مصوري جا شاھڪار فن
پارا به ھن ميوزيم جو حصو آھن
قديم ۽ جديد سنڌي ثقافت سان لاڳاپيل ڪافي شيون, جھڙوڪ فرنيچر,رسم و رواج ۽ ان متعلق دستاويزي لکڻيون به ھن ميوزيم جي رونق آھن.
 ھن ميوزيم ۾ نه صرف سنڌي ثقافت پر پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ ٻاھرين ملڪن جون به ڪافي شيون رکيل آھن, جن ۾ ايراني قالين, راجستاني ثقافت سان جڙيل ڪافي شيون جھڙوڪ مورتيون, اۡتي جي رھڻي ڪھڻي ۽ لباس ۽ انھن جي مقامي سطع تي ٿيندڙ ننڍن ننڍن ميلن/جشن ۾ استعمال ٿيندڙ شيون به ھتي نمائش لاُ رکيل آھن۔
اڇڙي ٿر جي پوئتي پيل علائقي ۾ هن ميوزيم جي موجودگي هتي جي  شاگرد ۽ تاريخ سان لاًڳاپيل طبقي لاء اتساه جو سبب بڻيل آهي. بقول سائين عطا محمد چانيهون جي ته جيڪر هن ميوزيم کي قومي ورثو قرار  ڏئي سائين جي مالي سهاتا ڪئي وڃي ته هن ميوزيم کي اڃان اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. سائين پنهنجي وس آهر هن ميوزيم ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو۔
هن ميوزيم ۾ عطامحمد چانهيون صاحب هڪ خوبصورت لائبريري پڻ سجائي رکي آهي. جتي سائين جن پنهنجي وس آهر ڪيترائي قيمتي ڪتاب آڻي رکيا َآهن، جن ۾ سنڌي ادب ،تاريخ ،فلسفو ۽ ٻين  ٻولين جا  ڪافي ڪتاب جيڪي هتي ايندڙن کي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
اهڙا ميوزيم ايندڙ نسل لاءِ تاريخ سان چاه ۽ اتساه جو سبب بڻجندا آهن سائين عطامحمد چانهيون جس لهي جنهن هن تاريخي ميوزيم جو بنياد رکيو ۽ اڄ تائين ان جي سنڀال ڪندو اچي.

Now it is 410 words, around 200 words are short.
Not reporting based and not in feature style
foto is required.
 (عطا محمد چانهيون ميوزيم)

ذاڪر علي هنڱورجو 
تاريخي ورثا ۽ انهن سان لاڳاپيل شيون ۽ انهن جي حفاظت، پرگهور لهڻ ۽ ساهه سان سانڍي رکڻ  زنده قومن جون نشانيون آهن. ڳوٺ بانڪو چانهيون ۾ هڪ اهڙو ميوزيم موجود آهي جنهن ۾ تاريخي ۽ ثقافتي شين کي سانڍي رکيو ويو آهي.
عطا محمد چانهيون ميوزيم اڇڙي ٿر جي گيٽ وي سڏجندڙ هٿونگي شهر کان ست ڪلوميٽر اتر طرف واقع هڪ ڳوٺ ۾ موجود آهي. هن ميوزيم جي شروعات ڊسمبر 2007 کان ڪئي وئي. هن ميوزيم جو سنڀاليندڙ ۽ باني هڪ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عطامحمد چانهيون آهي، جنهن نه صرف اڇڙي ٿر پر سنڌ ۽ پوري پاڪستان جون ثقافتي ۽ تاريخي شيون هتي سجائي رکيون آهن. هن ميوزيم کي ڏسندي ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته هن ميوزيم کي ٺاهڻ ۾ وڏي محنت لڳي آهي.
هن ميوزيم ۾ موجود نوادرات جيڪي سنڌ جي مختلف تاريخي دورن جي عڪاسي ڪن ٿا مختلف جڳهين تان آڻي هن ميوزيم جي زينت بڻايا ويا آهن، هتي رکيل موئن جي دڙي جي ڏاند گاڏي، ڪنگ پريسٽ جي مورتي ۽ موئن جي دڙي جي مشهور ناچڻي سمبارا جي مورتي به هن ميوزيم جي سونهن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
انگريز دور جي راڻين جي شاهي سواري جيڪا چار گهوڙا ڇڪيندا هئا ۽ ان دور جا ريڊيا، ٽائيپ رائيٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ِ ئي شيون رکيل آهن.
اسلام ۽ هندو مذهب سان لاڳاپيل ڪافي تاريخي شيون ۽ ڪتاب به هن ميوزيم جو حصو آهن.
ڌاڳن تي ڪم ڪندڙ ڪورين جا ائٽ ۽ ڪپڙا اڻڻ جون مشينون ، پراڻين حويلين جون چاٻيون ۽ حويلين ۾ استعمال ٿيندڙ روزمرهه جون شيون جهڙوڪ سرمي دانيون، آئينا، شاهي ٿانو ۽ بچاءَ جا هٿيار جهڙوڪ ڪهاڙيون، ڀالا ۽ تلوارون به رکيل آهن، انگريز دور جا جنگي هٿيار جهڙوڪ بندوقون، پستول، رائفلون ۽ تلوارون به  هتي موجود آهن.
پراڻي وقت جي فنڪارن ۽ ڪلاڪارن جون سي ڊيز جن ۾ پراڻي وقت جا  خوبصورت سُر قيد ٿيل آهن ۽ انهن سان گڏ گرامو فون به رکيل آهن. راندين جي حوالي سان هتي پراڻي وقت جي مشهور چوپڙ راند به رکيل آهي جيڪا هن ميوزيم جو هڪ تاريخي ورثو آهي.
هن ميوزيم ۾ عطامحمد چانهيون صاحب هڪ خوبصورت لائبريري پڻ سجائي رکي آهي. جتي سائين جن پنهنجي وس آهر ڪيترائي قيمتي ڪتاب آڻي رکيا َآهن جيڪي هتي ايندڙن کي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
اهڙا ميوزيم ايندڙ نسل لاءِ تاريخ سان چاه ۽ اتساه جو سبب بڻجندا آهن سائين عطامحمد چانهيون جس لهي جنهن هن تاريخي ميوزيم جو بنياد رکيو ۽ اڄ تائين ان جي سنڀال ڪندو اچي.

File name and subject line are wrong. Next time take care Do not put article's topic or heading in subject line or file name, 
Ur subject lien and file name should be: Zakir Ali - Article Sindhi - MA-63. 
There are lakes, and dehs etc worth visiting, mention those properly
See how a tourism spots are written.
 Carry instructions properly  
Referred back file again till Feb 22    
اڇڙي ٿر ۾ موجود سياحتي مقام (عطا محمد چانهيون ميوزيم)
ذاڪر علي هنڱورجو 
MA 2K20/MMC/63
تاريخي ورثا ۽ انهن سان لاڳاپيل شيون ۽ انهن جي حفاظت، پرگهور لهڻ ۽ ساهه سان سانڍي رکڻ  زنده قومن جون نشانيون آهن. ڳوٺ بانڪو چانهيون ۾ هڪ اهڙو ميوزيم موجود آهي جنهن ۾ تاريخي ۽ ثقافتي شين کي سانڍي رکيو ويو آهي.
عطا محمد چانهيون ميوزيم اڇڙي ٿر جي گيٽ وي سڏجندڙ هٿونگي شهر کان ست ڪلوميٽر اتر طرف واقع هڪ ڳوٺ ۾ موجود آهي. هن ميوزيم جي شروعات ڊسمبر 2007 کان ڪئي وئي. هن ميوزيم جو سنڀاليندڙ ۽ باني هڪ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عطامحمد چانهيون آهي، جنهن نه صرف اڇڙي ٿر پر سنڌ ۽ پوري پاڪستان جون ثقافتي ۽ تاريخي شيون هتي سجائي رکيون آهن. هن ميوزيم کي ڏسندي ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته هن ميوزيم کي ٺاهڻ ۾ وڏي محنت لڳي آهي.
هن ميوزيم ۾ موجود نوادرات جيڪي سنڌ جي مختلف تاريخي دورن جي عڪاسي ڪن ٿا مختلف جڳهين تان آڻي هن ميوزيم جي زينت بڻايا ويا آهن، هتي رکيل موئن جي دڙي جي ڏاند گاڏي، ڪنگ پريسٽ جي مورتي ۽ موئن جي دڙي جي مشهور ناچڻي سمبارا جي مورتي به هن ميوزيم جي سونهن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
انگريز دور جي راڻين جي شاهي سواري جيڪا چار گهوڙا ڇڪيندا هئا ۽ ان دور جا ريڊيا، ٽائيپ رائيٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ِ ئي شيون رکيل آهن.
اسلام ۽ هندو مذهب سان لاڳاپيل ڪافي تاريخي شيون ۽ ڪتاب به هن ميوزيم جو حصو آهن.
ڌاڳن تي ڪم ڪند ڙ ڪورين جا ائٽ ۽ ڪپڙا اڻڻ جون مشينون ، پراڻين حويلين جون چاٻيون ۽ حويلين ۾ استعمال ٿيندڙ روزمرهه جون شيون جهڙوڪ سرمي دانيون، آئينا، شاهي ٿانو ۽ بچاءَ جا هٿيار جهڙوڪ ڪهاڙيون، ڀالا ۽ تلوارون به رکيل آهن، انگريز دور جا جنگي هٿيار جهڙوڪ بندوقون، پستول، رائفلون ۽ تلوارون به  هتي موجود آهن.