Showing posts with label 06. Show all posts
Showing posts with label 06. Show all posts

Sunday, February 16, 2020

Abdul Waheed Baloch Article Sindhi MA 06 Referred back



 It is 540 words
 while 600 plus required
This is all hearsay, and allegation, no proof, any report of govt or some other organisation.
What is budget of medicines? patients attending OPDs, or indoor patients?
What is procedure of purchase? How is local purchase is made?
 SOme hard facts are needed 
if no other proof is found, news published in newspapers during last 3 months are so can be counted and referred, analysed and interpreted.
Referred back, file revised version till Feb 22. 


آرٽــــيـــــڪــــــل

.

“ســـنــڌ جــــي ســـرڪــــاري اســـــپــــتــالـــن ۾ دوائــــن جــــي کـــــوٽ”

          عبدالوحيد
رول نمبر:- 06 سنڌي ميڊيم
ڪلاس ايم اي پريويس

سنڌ (وادي مهراڻ) جنهن  جي سرڪاري اسپتالن ۾ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن سان ويساهه گهاتيون ڪيون پيون وڃن اڄ منهنجو سنڌو ندي جي ڪناري آباد ٿيل ٻن تاريخي علمي ادبي شهرن جي تمام وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ ونڃڻ ٿيو جنهن ۾ سول اسپتال حيدراباد  تعلقه اسپتال قاسم آباد ۽ ٻي لمس لياقت يونيورشتي هاسپيٽل ڄامشورو ۾ ونڃي ڪري ڏاڍو افسوس ٿيو جن اسپتالن ۾ سنڌ جي جهر جهنگ ۾ رهندڙ ماروئڙن جو اعلاج خاطر اچڻ ٿيندو آهي جيڪي صرف اهو سوچي ايندا آهن ته اسان انهن اسپتالن ۾ پنهنجو اعلاج ڪرائي چاڪ چڱا ڀلا ٿي وينداسين پر انهن کي اها خبر نه هوندي آهي ته انهن اسپتالن ۾ مٿي جي سور جي ٽڪي به موجود نه آهي. جيڪا حقيقت ۾ وڏي افسوس جي ڳالهه آهي پر مجال آءُ  جو ڪو وس وارو اٿي سنڌ جي ماڻهن جي مالڪي ڪري.

               هنن اسپتالن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جا ماڻهون به آيل هئا جنهن ۾ بدين قمبر شهدادڪوٽ واراهه نصيرآباد دادو نوشهرو فيروز مورو شڪارپور  گهوٽڪي ۽ مختلف شهرن جي ماڻهن کان جڏهن آءُ بذات خد اهيو سوال ڪيو ته ڇا توهان جي شهر جي اسپتالن ۾ دوائون ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن پر انهن جو به اهيو ئي چوڻ هيو ته اسان جي شهر جي اسپتالن ۾ دوائون ته ڇا پر ڊاڪٽر بي ڪونه هوندا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي اندر ماڻهون اعلاج ۽ دوائن جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن ۽ ٻي ڳالهه اها به آهي ته اسان سرڪاري اسپتالن ٻاهر ۽ اندر پرائيوٽ ميڊيڪل اسٽور به ڏٺا جنهن تان اهي سنڌ جا مسڪين ماڻهون مهانگي اگهه تي دوائون خريد ڪري رهيا هئا جيڪا پڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي سهولت موجود نه آهي سنڌ جو هر اهو غريب ماڻهون جڏهن سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ اچي ٿو پر بد قسمتي سان جڏهن چيڪ اپ ڪرڻ کان پوءِ ان جي هٿ ۾ دوائن جي وڏي لسٽ جي پرچي پڪڙائي وڃي ٿي ۽ جڏهن هو پرائيوٽ اسٽورن تان اهي مهانگيون دوائون خريد ڪري ٿو ته يقينن اهو غريب ماڻهو ٺيڪ ٿيڻ بدران پريشاني ۾ وڌيڪ بيمار ٿيو وڃن.

           تازو سنڌ اندر ڪتن جي ڏاڙهڻ ۽ اينٽي ريبز ويڪسين نه هوئڻ ڪري ڪيترائي ٻارڙا پنهنجن پيارن کان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويا.

           هڪ طرف ته سنڌ گورنمنٽ گڊ گورنينس جون دعوائون ڪري رهي آهي پر ٻئي طرف حالات ان جي ابتڙ آهن.

           سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ جا زميدار ڪير آهن. يقينن اسپتالن جي انتظاميا وزير صحت ۽ سنڌ جا حڪمران پڻ ذميدار آهن.

        موجودا حڪومت جي ڪرپشن خلاف مهم جوئي سبب خوفضدا ٿيل اسپتالن جي انتظاميه خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهي.

             جنهن سبب سنڌ جي مسڪين ماڻهون کي دوائن جهڙي سهولت فراهم نٿي ڪئي وڃي.

       ٻيو وڏو سبب اهو به آهي ته سرڪاري دوائون پرائيوٽ ميڊيڪل اسٽورن ٿي پڻ فروخت ٿي رهيون آهن جنهن ۾ اسپتالن جي انتظاميه ئي ملوث هوندي آهي.

      اسين سنڌ جي هر باشعور فرد کي اها اپيل ڪيون ٿا ته اچو ته ڳڏجي ڪري هڪ آواز ٿي سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جو آواز آلا اعوانن تائين پهچائي  انهن جي هن بنيادي حق کي حاصل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪريون ۽ سندن ٻانهه ٻيلي ٿيون.