Showing posts with label Paras Jarwar. Show all posts
Showing posts with label Paras Jarwar. Show all posts

Sunday, February 16, 2020

Paras Jarwar - Article Sindhi MA -40

Revised 
(هراسمينٽ)
Name: Paras Jarwar 
Roll No: 2K20/MMC/40
MA Previous
اُهو دور پٿر جو هُجي يا وري موجوده ترقي يافته دور، جنهن دور ۾ اڄ جي انسان ترقيءَ جون نيون منزلون ماڻي ورتيون آهن، فرق رڳو اهو آيو آهي ته، تڏهن پٿر جي دور ۾ نياڻيون ڄمڻ تي کين ڌرتيءَ جي سِيني ۾ ابدي ننڊ سمهاريو ويندو هو ۽ هاڻي ڪنهن ڳوٺ، ڪنهن گهٽيءَ ڪنهن وستيءَ ۾ ڪا ننڍڙي زينب ۽ رمشا درندن جي ور چڙهي پنهنجي حياتي وڃائي ويهي ٿي. موجوده معاشري جو ٻرندڙ مسئلو نياڻين سان ٿيندڙ هراسمينٽ آهي. اسين ڀلي ڪبوتر جيان اکيون بند ڪري مسئلن کان نٽائيندا رهون پر حقيقت اها آهي ته، اها هراسمينٽ گهرن کان شروع ٿيندي، پاڙي ۾، پاڙي جي دُڪان تي، گهٽيءَ کان ٿيندي، بسن تائين، بازارن کان ٿيندي شهرن تائين ۽ ويندي تعليمي ادارن تائين ان هراسمينٽ جو وحشي بُکيو بگهڙ نياڻين جي عصمتن کي پٽيندو رهي ٿو. وحشت جو اهو بُکيو بگهڙ زندگيءَ جي ڀڙڀانگ صحرا ۾ ان معصوم هرڻيءَ جي شڪار لاءِ هر وقت آتو رهي ٿو. اسان وٽ عورتن جا حق ته سيمينارن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڪنهن نياڻيءَ جي پسند، ناپسند، مرضيءَ جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، ويندي گهر جي ڪنهن فيصلي ۾ به اسان جو معتبر معاشرو نياڻين جي راءِ وٺڻ ضروري ناهي سمجهندو، ظاهر آهي اهڙي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ جي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪا نياڻي اسڪولن جا پنڌ ڪندي يونيورسٽيءَ تائين اعليٰ تعليم لاءِ پهچي به ٿي ته اها هُنَ لاءِ تمام وڏي ڳالهه هوندي آهي، پر اهي نياڻيون هراسمينٽ ۾ هِيسجي ايترو ته احساسِ ڪمتري ۽ ڊپريشن ۾ پهچنديون آهن جو نه رُڳو انهن جو مستقبل اونداهو ٿي ويندو آهي پر سندن زندگي به اجيرن بڻجي ويندي  آهي. ڳالهه رُڳو تعليمي ادارن تائين محدود ناهي، سنڌ اندر اهڙا ڪيسَ به رپورٽ ٿي چُڪا آهن جن ۾ نياڻين جي عصمت دري انهن جي ويجهن مٽن مائٽن ڪئي آهي، ان هراسمينٽ جي شروعات گهرن کان ٿئي ٿي، روڊ رستا، بازارون نياڻين جو گذر ڪٿان به ٿئي کين وحشت جون نظرون هميشه کائينديون رهن ٿيون، نوڪري پيشا عورتون پنهنجي باسز جي برهميءَ جو شڪار رهن ٿيون، سندن منشا موجب نه هلڻ تي هُو نوڪرين تان فارغ ڪيون وڃن ٿيون، ساڳي ڪار اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به جاري آهي، پوءِ اها نائلا رند هُجي يا اقرا شيخ، پنهنجي ڪلاس فيلوس کان ويندي، استادن تائين ويندي پوائنٽ بسن جي بدمعاش ڊرائيورن تائين اهي نياڻيون هراسمينٽ جو شڪار ٿينديون رهن ٿيون. ڇوڪريءَ ڪنهن به مقام تي هراسمينٽ جو شڪار ٿئي اسان جو معاشرو بجاءِ انصاف ڏيڻ جي، کيس خاموش رهڻ جي تنبهيه ڪندو رهيو آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪيس آهن، جيڪي رپورٽ ٿين ٿا، پر جيڪي هي هزارين لکين نياڻيون هر روز هراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون، جن جي ڪيفيت هر وقت ڪَرب واري آهي، انهن جو ازالو اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگهيو آهي، هراسمينٽ جي حوالي سان سيمينار به ٿين ٿا، ريليون به نڪرن ٿيون، قانون به ٺاهيا ويا آهن، عدالتون به موجود آهن، ٿاڻا به موجود آهن پر ستم ظريفي اها آهي ته، اهي قانون ڪاغذن تائين محدود ٿي ويا آهن. اهي اسيمبليون مڇي مارڪيٽ بڻجي ويون آهن، انهيءَ جو قانون جو سڪو ڪمزورن مٿان ته هلي ٿو پر ڏاڍن کان سڄو ڏيهه ڊڄي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هي اهو دور ناهي جنهن دور ۾ نياڻيون خاموش ٿي سڀ ڪجهه سهنديون رهن، پهرين شروعات همت کان ڪرڻي آهي حوصلي کان ڪرڻي آهي، معاشري جي هن بدصورت صورت تان پهريون پردو کڻڻ لاءِ نياڻين کي همت ڪرڻي پوندي حوصلو ڌارڻو پوندو، پنهنجي عصمت ۽ عزت تي ڪنهن به صورت ۾ ڪمپرومائيز نه ڪرڻو پوندو، ٻيو فرض اسان جي ايوانن جو آهي جتي هراسمينٽ جي حوالي سان سگهارا قانون جوڙائي انهن تي عمل به ڪرائڻو پوندو، قانون کي مضبوط ڪرڻو پوندو، انهن وحشي بگهڙن جي پڪڙ ڪري انهن کي سلاخن ۾ هنيو ويندو، تڏهن ئي وڃي هتان وحشتن جو طوفان ختم ٿيندو ۽ امن سلامتيءَ جي هِيرَ گهُلي سگهندي، جنهن ۾ ڪا به زينب ڪا به رمشا ڪا به نائله قتل نه ٿيندي ۽ پنهنجي گهر وارن جا خواب ساڀيان ڪري سگهندي.



Topic is not narrowed down, not specific. It should have been narrowed down in time line, areas like Sindh,  Pakistan etc or some particular aspects
Some reports, figures facts, other opinion 
Referred back file again with improved version till Feb 23




هراسمينٽ


Article: Paras Jarwar 
Roll No: 2K20/MMC/40
MA Previous

هراسمينٽ اسان جي معاشري ۾ عام ٿي وئي آهي.
هراسمينٽ جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن جنهن ۾ جسماني، لفظي، نظرن يا اشارن جي ذريعي به هراس ڪيو ٿو وڃي.
سنڌ يونيورسٽي جيڪو هڪ تعليمي ادارو آهي، ان ۾ ڇوڪرين کي هر جاءِ هر رستي هر پنڌ تي هراس ڪيو ٿو وڃي.
جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر نياڻيون ڊپريشن جو شڪار ٿي خودڪشي ڪندي نظر اچن ٿيون.
اسان جو معاشرو جيڪو مشرڪي يعني پرديدارن ۾ اچي ٿو، جتي نياڻين کي ٻه وک تي موڪلڻ لاءِ به مائٽ ڏهه دفعا سوچين ٿا.
اهي ئي مائٽ پنهنجي نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڄامشورو، نوابشاهه طرف پري پري موڪلن ٿا.
اتي پهچي جيڪو رويو ۽ تڪليفون اهي نياڻيون ڏسن ٿيون نتيجي ۾ مائٽ ان جو موت ٻڌن ٿا ته ڇا ڪو مائٽ پنهنجي نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڏيندا؟
هراسمينٽ تي جيترو به لکجي اوترو گهٽ آهي هن مسئلي تي ڪيتريون ئي فلمون، ڪهاڻيون، قصا لکيا ويا آهن. هڪ نياڻي جيڪا ڪڏهن گهر کان ٻاهر نه نڪتي هجي اها ايڏو پري دل جهلي يونيورسٽي ۾ اچي ٿي، ڪلاس ۾ ڪجهه سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري استاد کان آفيس ۾ وڃي پڇي ٿي، اتي اهو استاد ان کي هراس ڪري ٿو لفظن ۽ اشارن جي ذريعي سان، ان کان نمبر گهري ٿو رابطو ٿيڻ تي، جيڪڏهن اها ڇوڪري نٿي مڃي ته ان کي مارڪس نه ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪر کي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو.
تعليمي ادارن ۾ نه صرف شاگردن يا ڪلاس فيلو ڇوڪرن جي هٿان هڪ  ڇوڪري هراس ٿئي ٿي.
پر اها استادن کان ويندي يونيورسٽي واري پوائنٽ جي ڊرائيور جي هٿان به هراس ٿين ٿيون.
آخر ڇوڪرين کي گهٽ ۽ ڪمزور ڇو ٿو سمجهيو وڃي هر جاءِ هر موڙ تي مرد نه پر هڪ وحشي درندو ويٺو آهي.
هوءَ هڪ غير يا نامحرم توڙي پنهنجي سڳي پيءَ کان سواءِ چاچا يا ماما تي به يقين نٿي ڪري سگهي.
ڏوهاري مرد ئي ڇو نه هجي پر ڏوهه صرف عورت جو ئي نڪرندو آهي.
ڪنهن جي فيس بڪ کي هيڪ ڪري ان جو غلط استعمال ڪرڻ به هراسمينٽ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي. ڪنهن جي پرسنيلٽي کي ڊيميج ڪرڻ به هراسمينٽ ۾ آهي, ڪنهن کي ڀيڻ يا ڌيءَ جو درجو ڏئي ان کي پٺي يا هٿ ۾ هٿ ڏيڻ به هراسمينٽ ۾ اچي ٿو.
ڇو ته ڪڏهن ڪنهن لفظ جيڪو ڳالهائيندا آهن اهو اثر ناهن ڪندا جيترو رويا لهجا ڳالهائيندا آهن ان وقت به اها عورت ئي هوندي جنهن جو دامن خراب ٿيندو آهي عورت جي عزت هڪ شيشيءَ جيان هوندي آهي هڪ دفعو چير اچي وڃي ته ڪڏهن به جوڙي ناهي سگهندي.
اها عورت جيڪا هڪ گهر ۾ جنم وٺندي آهي جنهن بعد جڏهن هوءَ پاڻ سنڀاليندي آهي ته پنهنجو گهر ڇڏي ٻئي گهر رخصت ٿيندي آهي ۽ جڏهن هوءَ مائٽن جو گهر ڇڏيندي آهي ته پنهنجوسڀ ڪجهه ڇڏي رخصت ٿيندي آهي، اڳتي هلي مرد ان عورت سان جهڙو به سلوڪ ڪري ٿو ان ۾ مائٽ چاهيندي به هٿ ناهن وجهي سگهندا, ڇو ته هوءَ ڄڻ لاج رکڻ لاءِ پنهنجي نياڻي جيئرو دفنائي ڇڏين ٿا جنهن جي شادي کانپوءِ واسطو ناهي رهندو.
پر منهنجو خيال آھي ۽ اڪثر آئون امان کي چوندي آهيان,
امان آئون ڊڄان ٿي، چاهيان ٿي پنهنجن ڀائرن وانگر آڌي رات تائين روڊن، رستن ۽ ڳلين ۾ گهمان پر انهن ڀيهڙين جو ڇا جيڪي ڏينهن ڏٺي به نوچڻ نٿا ڇڏين, اهو ئي سوچي پنهنجي دل کي بيهلائي وٺندي آهيان ته امان آئون ڊڄندي آهيان، ڇوڪري آهيان ڪمزور آهيان اهو چئي ڪيترائي دفعا سماج مون کي للڪاريو آهي.
پر مون کي فخر آهي ته آئون ڇوڪري آهيان ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ مون ڪنهن جو گهر ته ڪونهي اجاڙيو, اسان سان ڪجهه ٿئي ٿو ته ڪپڙن تي جلدي آڱريون کڄجي ٿيون وڃن. پر انهن ٽن مهينن، پنجن سالن، سورنهن سال جي ڇوڪري سان غلط ڪرڻ وقت پنهنجي سوچ کي اگهاڙو ڇو نٿا سمجهن. ڪو به حادثو ٿيڻ کانپوءِ سڀ ميڻ بتيون کڻي روڊن تي نڪري ايندا آهن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سڀ وسري ويندا آهن ان ئي ميڻ بتين سان انهن وحشين کي ڇو نٿو ٻاريو ۽ ساڙيو وڃي جن وحشين جي ڪري ڪا به نياڻي پاڻ کي محفوظ نٿي سمجهي.