Showing posts with label Fahad Ali Janwari. Show all posts
Showing posts with label Fahad Ali Janwari. Show all posts

Thursday, July 30, 2020

Fahad Ali انٽرنشپ ڇو ضروري آهي

Fahad Ali                                                  Roll No. 2K20/MMC/18

Video Review  Topic : How to find Internship & Why Its Important              

Medium: Sindhi Total Words:   640

 

 

انٽرنشپ

انٽرنشپ ڇو ضروري آهي ؟

https://www.youtube.com/watch?v=PIfgIAo555U&t=143s 

ڏٺو وڃي ته گريجوئيٽ ٿيڻ کان پوء اڪثريت بيروزگار نوجوانن جي هوندي آهي، شايد ان جو سبب  ڪٿي نه ڪٿي اھيو به اهو آهي ته اسان تعليمي ادارن مان ٿيوري ته پڙهي اچون ٿا پر اسان کي پريڪٽيڪل ڪم جي مھارت نه ھوندي آھي، گريجوئيٽ ٿيڻ کانپوء اگر ڪٿي جاب لاءِ اپلائي ڪري ٿو اهو گورنمنٽ جو ادارو هجي يا خانگي اداررو اتي پهريون سوال اهو ڪيو ويندو آهي ته اوهان وٽ تجربو ڪيترو آهي؟

انٽرنشپ شاگردن يا شاگردياڻين جي پريڪٽيل زندگي جي شروعات جو پھريون قدم ھوندو آھي ڇا ڪاڻ ته گريجوئيٽ ڪرڻ کان پوءِ فليڊ ورڪ جي مھارت انتھائي ضروري ھجي ٿي، تدريسي عمل بعد تجربي ۽ تربيت جي اھم ضرورت ھجي ٿي، گريجوئيٽ ٿيڻ بعد ڪھڙي به شعبي سان وابسطا شاگرد لاءِ پريڪٽيڪل زندگي جو تجربو لازمي آھي، مثال طور ميڊيڪل جو شاگرد ڪجھ وقت لاءِ ھائوس جاب ڪري ٿو، قانون جو شاگرد سينئرن وڪيلن جي نگراني ۾ پريڪٽيل زندگي ۾ تخليقي ۽ قانوني دليلن جو تجربو حاصل ڪري ٿو اھڙي طريقي سان ميڊيا جي شاگرد لاءِ به انٽرنشپ ڪرڻ ضروري ھجي ٿو ۽ انٽرنشپ نه صرف ڊگري ۽ پورٽ فوليو جو حصو ھجي ٿو پر پريڪٽيڪل زندگي جو اھم حصو ھجي ٿو جيڪو ھن جي پروفيشنل زندگي ۾ اھميت جو سبب پڻ آھي، انٽرنشپ شاگرد جي تخليقي صلاحيتن ۾ پڻ اضافو ڪري ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن انٽرنشپ دوران ھن کي پنھنجي اندر ۾ لڪل صلاحيتن جو به اندازو ٿئي ٿو ۽ پوءِ ھو ان ذريعي ميڊيا اندر پنھنجي صلاحيتين واري شعبي طرف لاڙو ڪري پنھنجو پاڻ مڃرائي ٿو، انٽرنشپ لاءِ ڪنھن وڏي آرگنائيزيشن سان گڏ ڪم ڪرڻ اھميت جو حامل آھي پر اگر اوھان جي ڪنھن وڏي آرگنائيزيشن تائين رسائي ممڪن نه آھي ته اوھان پسگردائي ۾ ننڍن ادارن وٽان انٽرنشپ حاصل ڪري سگھجي ٿي، انٽرنشپ دوران اوھان جو لاڳاپيل اداري يا ڪم سان سنجيدا ھجڻ پڻ ضروري آھي ڇا ڪاڻ ته ڪنھن به ڪم يا ڌنڌي لاءِ سنجيدگي جو مظاھرو لازمي آھي جيڪڏھن اوھان ائين نه ڪندا ته ڪڏھن ڪاميابي طرف نه وڌي سگھندا.

 

انٽرنشپ ڪيئن ڳولجي؟

https://www.youtube.com/watch?v=gBEoOplPfjs&t=9s 

سڀ کان پهرين ته اوهان پاڻ کي ڏسوته اوهان جي دلچسپي ڇا ۾ آهي؟

اوهان ڪهڙي فيلڊ سان تعلق رکو ٿا؟  

انٽرنشپ جا ڪافي کوڙ سارا پليٽ فارم آهن انٽرشپ اوھان آن لائن ويبسائيٽن ذريعي فن فيئر ميلا، ڪيئر ڪائونسلنگ گڏجاڻين، دوستن، استادن ۽ ٻين واسطن جي ذريعي حاصل ڪري سگھو ٿا.

انٽرنشپ ڪرڻ دوران ڪجھ ادارا پيڊ انٽرنشپ ڏيندا آهن ته ڪي وري ان پيڊ ھوندا آھن.

 پاڪستان کان علاوا دنيا جا ٻيا ملڪ به انٽرنشپ ڏين ٿا فلي فنڊيڊ مطلب ته اچڻ وڃڻ جي ٽڪيٽ ويزا رهڻ جو خرچ ميڊيڪل وغيره  اگر اوهان پاڪستان کان ٻاهر انٽرنشپ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان وٽ ڇا هئڻ گهرجي؟

 

ايسوسيئيٽ پروفيسر جا ريڪمنڊيشن ليٽر

پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ

ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ

ريسرچ پروپوزل

پرسنل اسٽيٽمينٽ

۽ هڪ موٽيويشنل ليٽر ته اوهان هي انٽرنشپ ڇو ٿا حاصل ڪرڻ چاهيو؟

ياد رھي ته هر ۽ ملڪ هر اداري جي پنهنجي پاليسي هوندي آهي، پاڪستان ۾ اڪثر گريڊ ڏٺو ويندو آ  پر ٻاهرين ملڪن ۾ ايئن ناهي ٻاهرين ملڪ انٽرنشپ حاصل ڪرڻ جا کوڙ سارا فائدا آهن بنسبت پاڪستان جي اتي زندگي سيٽ ڪري سگهجي ٿي اگر اها قابليت انٽرنشپ ڪرڻ واري ۾ موجود آهي ته اتي ٻاهر ڪو شاگرد انٽرنشپ ٿو ڪري ۽ ان جو ڪردار اداري سان سٺو آهي دل لڳائي ڪم ٿو ڪري ۽ ان ۾ ڪجه نئون ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ته پو هو ادارو ان کي پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ جي آفر ٿو ڪري جيڪو تمام سٺو عمل آهي.

انٽرنشپ ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريان اوھان پنھنجي پاڻ ۾ موجود صلاحيت ۽ دلچسپي کي پرکڻ لازمي آھي ته اوھان ميڊيا ۾ ڪھڙي پاسي وڃڻ چاھيو ٿا يا صلاحيت موجود آھي، ميڊيا ۾ پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا، آن لائن جرنلزم، فلم ميڪنگ، ڊاڪيومينٽريز، مارڪيٽنگ ڪھڙي طرف اوھان جو روجھان موجود آھي اوھان ڇا ڪرڻ چاھيو ته؟

مجموعي طور ھڪ شخض ڀلجان م

 

 Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 


#FahadJanwari, #MassComm,